داخلا نمبر 5248
عنوان ٺٽوي سيد جلال شيرازي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 245 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٺٽوي سيد جلال شيرازي

ٺٽوي سيد جلال شيرازي: عابد، زاهد ، فاضل سيد جلال ولد سيد علي بن سيد احمد شيرازي ٺٽوي ، جڏهن ڄائو ته سيد علي پنهنجي ڀاءُ سيد حسين وٽ هي ٻارڙو کڻي حاضر ٿيو . سيد صاحب دعا فرمائي ته هي نينگر وڏو نامور ٿيندو ۽ اُن جو اولاد وري کانئس به وڏي نالي وارو ٿيندو . سيد جلال شروع جوانيءَ جو زمانو ديني علمن ۾ صرف ڪيو . تفسير ۽ حديث ۾ وڏي مهارت حاصل ڪيائين . اڳتي هلي زهد ۽ رياضت ۾ ايڏو ڪمال حاصل ڪيائين ، جو تارڪ دنيا ٿي ، فقط ياد خدا ۾ مشغول رهيو . سندس اولاد مان سيد علي شيرازي ثاني ، ايڏو نامور ٿيو ، جو سمورو ملڪ هن جي ظاهري ۽ باطني سخا سان فيضياب ٿيو . سيد جلال 66 سالن جي ڄمار ۾ 903هه/1497ع ۾ هن دارفاني مان رحلت فرمائي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو