داخلا نمبر 5264
عنوان ٺٽوي سيد لطف علي شڪر الاهي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 348 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٺٽوي سيد لطف علي شڪر الاهي

ٺٽوي، سيد لطف علي شڪر الاهي: سيد حاجي لطف علي شڪر الاهي ٺٽوي مير علي شير قانع جي خاندان مان فارسي عربي زبانن جو فاضل ۽ هڪ اهل قلم بزرگ ٿي گذريو آهي. سنڌ ۾ انگريزي سلطنت جي شروعات ۾ جن عالمن کان انگريزن پنهنجي حڪومت مضبوط بنائڻ ۾ ڪم ورتو، تن ۾ هي صاحب به شامل هو. ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر ميجر هينري پريڊيءَ سان تمام گھاٽا لاڳاپا هئس. انهيءَ زماني ۾ پگهار تمام گھٽ هوندا هئا پر سيد صاحب جو ان وقت به پگهار ٻه سؤ پنج رپيا مقرر هو. 1856ع ۾ ميجر پريڊي جي سفارش سان سيد صاحب جي اسلامي ملڪن جي سياحت لاءِ 12 مهينا موڪل سنڌ جي ڪمشنر مسٽر فريئر منظور ڪئي ۽ ان سان گڏ عربي، فارسي ۽ انگريزي زبانن ۾ کيس سفارش نامو يا پاسپورٽ به ڪمشنر جي دستخط سان ڏنا ويا ته جيئن عراق ۽ عرب جي سياحت واري زماني ۾ کيس ڪابه تڪليف نه رسي. سيد لطف علي ڪراچيءَ مان روانو ٿي خليج فارس جي بندرگاهن تان ٿيندو بصري، بغداد، نجف ۽ ڪربلا مان ٿيندو يمن جي بندرگاهن جي سياحت ڪندو اچي حجاز مقدس ۾ پهتو. ان کان پوءِ جڏهن ڪراچيءَ ۾ وارد ٿيو، تڏهن انهيءَ سفر ۽ سياحت جي روزنامچي کي مسٽر فريئر جي حڪم موجب فارسي زبان ۾ ”تحفة الباصرين“ جي نالي سان جمع ڪيو ويو، جو سرڪاري خرچ سان ڇاپجي پڌرو ٿيو.
ڪتاب جي تصنيف جو سال 1273هه/1856ع آهي. سيد صاحب جي وفات جو سال معلوم نه ٿي سگھيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو