داخلا نمبر 5266
عنوان ٺٽوي سيد منصور
شاخ عالم
پڙهيو ويو 240 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٺٽوي سيد منصور

ٺٽوي، سيد منصور: سيد منصور ٺٽوي وڏو عالم، عامل ۽ ولي ڪامل ٿي گذريو آهي. هر هفتي جامع مسجد ٺٽي ۾ قرآن شريف جو شروع کان وٺي ترجمو ۽ تفسير بيان ڪندي آخر وڃي ’والناس‘ (آخري حرف) تائين پهچائيندو هو ۽ ان ۾ ڪيترو به وقت خرچ ٿئي، ان کان پوءِ وري مُنڍ کان قرآن جو ترجمو جماعت کي شروع ڪرائيندو هو. گھڻو ڪري صائم الدهر ۽ چادر جي جھنڊ ۾ رهندو هو. نماز جو ايڏو پابند هو، جو ڪڏهن به جماعت کان سواءِ نماز نه پڙهيائين. پنهنجي والد جي نقش قدم تي قائم رهيو. سنڌ جي عادل بادشاهه ڄام نظام الدين جڏهن سن 914 هه/ 1508ع ۾ وفات ڪئي ته سندس جنازي نماز به سيد منصور کان ادا ڪرائي وئي، جو وقت جو وڏو متقي ۽ پرهيزگار هو. سيد منصور ٺٽويءَ 80 ورهين جي ڄمار ۾ 15 رجب المرجب سن 968هه/1510ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو