داخلا نمبر 5271
عنوان ٺٽوي شيخ الڀو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 233 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٺٽوي شيخ الڀو

ٺٽوي, شيخ الڀو: سندس اصل نالو ڄام مارک هو. پر ڄام مارک مان اڳتي هلي مرگهه بڻجي ويو، جنهن جي معنيٰ آهي هرڻ. سنڌ جي عادل بادشاهه ڄام نظام الدين خان سمي جو ناٺي ۽ ڀاڻيجو، هڪ وڏو امير ۽ سيد حسين شيرازي جي فيض يافتن مان هو. روايت آهي ته سيد حسين شيرازيءَ جي مسجد لڳ هندن جو مندر هو، جنهن جي گھنڊن گھڙيالن وڄڻ سبب نمازين جي يڪسوئي ۾ خلل پوندو هو. سيد صاحب انهي مندر کي کڻائڻ جو حڪم ڪيو. جنهن تي هندن ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي درٻار ۾ دانهن ڏني. اصل معاملي جي تحقيقات لاءِ ڄام صاحب جن ماڻهن کي سيد صاحب ڏانهن روانو ڪيو، تن ۾ ڄام مرگهه به هو. سيد جي خدمت ۾ پهچڻ کان پوءِ ڄام مرگهه توجه سان تارڪ الدنيا بنجي هميشه لاءِ سيد صاحب جي خدمت ۾ رهجي ويو. جڏهن ڪافي دير ٿي وئي تڏهن ڄام نندي پنهنجي خزانچي ديوان لڪسير کي سيد حسين شاهه شيرازي ڏانهن موڪليو، ديوان لڪسير پڻ سيد کان گهڻو متاثر ٿيو، پر عرض ڪيائين ته مندر هتان هٽايو ويندو پر ان لاءِ ڪا جاءِ ڏني وڃي ۽ پوءِ لڪسير پنهنجي پٽ ديوان مولي جي ناموريءَ جي دعا لاءِ سيد کي عرض ڪيو. سيد حسين هن کي دعا ڪئي ۽ روايت آهي ته انهيءَ دعا جي ڪري ديوان لڪسير جو پٽ تمام گهڻو مشهور ٿيو. اڄ به ٺٽي ۾ چون ٿا ته مولي جي نالي سان هڪ محلو مشهور آهي، پر ڪن روايتن ۾ ائين به آهي ته پاڻ پنهنجو آستانو ٻي هنڌ وڃي اڏيائين ۽ چيائين ته الله جي نيڪ بندن مان مخلوق خدا ناراض نه ٿئي. روايت آهي ته: هڪ دفعي پيشاب ڪندي، پنهنجي اڳيان سون جي واهي وهندي ڏٺائين، جنهن تي مٽي ۽ پٿر وجھي هن کي پورڻ لڳو. جڏهن سندس مرشد کي اها سڌ پئي، تڏهن کيس اُلڀو جو لقب ڏنائون. الڀو يعني. لوڀ کان سواءِ بي طمع. ان کان پوءِ اڄ تائين انهيءَ لقب سان مشهور آهي. هڪ دفعي حضورصلي الله عليه وسلم جو خواب ۾ ديدار ٿيس. فرمايائون تون اسان کي پيارو آهين. عرض ڪيائين، سائين ڪهڙن لڇڻن ڪري؟ فرمان ٿيس ته تو منهنجي سنت جي تابعداري ڪئي آهي، بزرگن جو ادب ڪندو آهين، اهل بيت سان محبت رکندو آهين، تنهن ڪري تو کي اهو درجو مليو آهي. هڪ دفعي حضرت علي عليه السلام کي خواب ۾ عرض ڪيائين ته مون کي نصيحت ڪريو. پاڻ فرمايائون ته دولت مندن جي درويش سان مهرباني ۽ شفقت ڏاڍي سهڻي آهي، جنهن ڪري بنا لالچ، ثواب خاطر ڪندا رهن، پر درويشن کي اميرن کان الله ڪارڻ بيپرواهه رهڻ اُن کان به ڀلو آهي. هي امير درويش ابدال 63 سالن جي ڄمار کي پهچي، پنهنجي مرشد جي حياتي ۾ هن دنيا مان پهرين ذي الحج 885 هه/ 1480ع ۾ رحلت ڪري ويو. سندس مقبرو هن وقت ٺٽي جي ٻاهرئين ناڪي جي ڀرسان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو