داخلا نمبر 5270
عنوان ٺٽوي شڪرالله شيرازي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 272 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٺٽوي شڪرالله شيرازي

ٺٽوي، شڪرالله شِيرازي: سيد شڪرالله جا وڏا هڪ وقت شيراز مان نقل مڪاني ڪري هرات ۾ اچي رهيا هئا. هو 906 هه/1500ع ۾ هرات مان لڏي قنڌار ۾ اچي مقيم ٿيو. علمي خاندان هئڻ سبب هو مختلف علمن جو ڄاڻو ۽ وڏي مرتبي وارو هو. مرزا شاهه بيگ ارغون انهيءَ زماني ۾ قنڌار جو حاڪم هو ۽ هنن جا پاڻ ۾ گھاٽا لاڳاپا هئا. مرزا شاهه بيگ جڏهن قنڌار ڇڏي، سنڌ تي ڪاهيو ته سيد صاحب کي گذارش ڪيائين ته هو ٺٽي ۾ هلي رهي، اهڙي طرح 927 هه/1520ع ۾ هي بزرگ ٺٽي ۾ اچي مقيم ٿيو. سنڌ جي فتح کان پوءِ شاهه بيگ ارغون ستت ئي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس پٽ مرزا شاهه حسن سيد صاحب کي ٺٽي جو قاضي مقرر ڪيو. هن شرعي فيصلن ۾ نالو ڪڍيو.
مرزا شاهه حسن قاضي شڪرالله جي انصاف پروريءَ جي شهرت ٻڌي، هڪ ڀيرو سندس امتحان وٺڻ گھريو. ٺٽي ۾ ٻاهريان ڪي گھوڙن جا واپاري آيل هئا، جن کان بادشاهه ڪي گھوڙا خريد ڪري ڄاڻي ٻجھي کين قيمت ادا ڪرڻ کان نٽ نٽاءُ ڪيو. واپاري بادشاهه کان نا اُميد ٿي، شريعت جي عدالت ڏانهن رجوع ٿيا. دستور موجب قاضيءَ بادشاهه کي شرعي عدالت ۾ حاضر ٿيڻ جو اطلاع موڪليو. مرزا شاهه حسن هڪدم اچي حاضر ٿيو. ان وقت ۾ دستور هو ته مدعي ۽ مدعا عليهه قاضيءَ جي سامهون برابر هڪ درجي ۾ بيهاريا ويندا هئا، تنهنڪري قاضي حڪم ڪيو ته بادشاهه مدعيءَ کان هڪ قدم به مٿي نه بيهي ۽ نه وري اڳڀرو ٿي بيهي. بادشاهه شرعي عدالت ۾ حاضر ٿي قاضي صاحب جي انصاف جو امتحان وٺڻ ٿي گهريو، سو ٿي چڪو ۽ بادشاهه جي ڪابه رعايت ڪانه ڪئي ويئي. جنهن کان پوءِ بادشاهه مدعي کي ڪجهه روپيا ڏيئي، جھٽ پٽ راضي ڪري ورتو. جڏهن مقدمو پورو ٿيو، تڏهن قاضي صاحب اُتي دستور موجب بادشاهه جو احترام بجا آندو ۽ سندس درجي جي مناسب هنڌ تي کيس ويهاريو ۽ پاڻ ۾ دوستانه صحبت ڪئي. ڳالهيون ڪندي بادشاهه کيس چيو ته هي خنجر ڏسين ٿو، اهو ان ڪري ڪمر سان ٻڌي آيو هوس ته جيڪڏهن اوهان هن مقدمي ۾ شرعي قانون جي عزت نه رکو ها ۽ بادشاهه سان رعايت ڪريو ها ته اوهان تي تعزير جو حڪم ڪڍان ها. جيڪڏهن ڪورٽ جا پٽيوالا اوهان جي علميت ۽ بزرگي سبب اوهان جي ويجھو نه اچن ها ته آءُ پنهنجي سر هن خنجر سان اوهان کي ادب سيکاريان ها! جنهن تي قاضي شڪرالله پنهنجي گاديلي هيٺان اگھاڙي تلوار ڪڍي، بادشاهه کي ڏيکاريندي چيو ته آءُ به اڄ سنبري ويٺو هوس ته اوهان جيڪڏهن شريعت جو پورو ادب بجا نه آندو ۽ ٻيو ڪوبه ماڻهو اوهان جي سامهون نه بيهي سگھيو ته پوءِ هن تلوار سان اوهان کي شريعت جي سياست جو مزو چکايان ها!
بادشاهه جي انهيءَ امتحاني صحبت کان پوءِ ٿوري وقت اندر قاضي شڪرالله قضا جي عهدي تان استعفا ڏئي، بادشاهه کي چيو ته آءُ هڪ انسان آهيان، مون کان شرعي معاملن ۾ ممڪن آهي ته غلطيون ٿينديون هجن، تنهنڪري انهيءَ ڳري بار کڻڻ جي هاڻي طاقت نه رهي اٿم. آخر بادشاهه سندس استعيفا قبول ڪئي. قاضي صاحب بادشاهه کي ٻڌايو ته هن عهدي لاءِ ٺٽي جو مشهور عالم قاضي محمد آچر بهتر آهي. ان کان پوءِ قاضي محمد آچر کي انهيءَ عهدي تي مقرر ڪيو ويو. قاضي شڪرالله جنهن محلي ۾ اچي مقيم ٿيو، اُتي انصاري خاندان جا بزرگ رهندا هئا ۽ سندس شادي به انهن مان ٿي. سندس فرزند مشهور عالم ۽ فاضل زاهد سيد ظهيرالدين نالي انهيءَ انصارڻ بيبيءَ مان پئدا ٿيو، جنهن جو اولاد اڄ تائين ٺٽي ۾ شڪرالاهي سيدن جي نسبت سان مشهور آهي. سيد شڪرالاهيءَ سان گڏ ٻيا به ٽي دوست عالم۽ اولياءِ اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيا هئا. (1) سيد ڪمال، (2) سيد منڀو ۽ (3) سيد عبدالله. انهن ٽنهي بزرگن جا مقبرا اڄ تائين ٺٽي ۾ مشهور آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو