داخلا نمبر 5315
عنوان ٺٽوي قاضي محمد يحيٰ جعفري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 198 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٺٽوي قاضي محمد يحيٰ جعفري

ٺٽوي ، قاضي محمد يحيٰ جعفري: ٺٽوي محمد يحيٰ جعفري بن قاضي محمد حسن جي خاندان جو بزرگ قاضي محمد اُچي ميرزا شاهه حسن بيگ جي دور ۾ ٺٽي جو قاضي مقرر ٿيو . ان کانپوءِ قاضي محمد جو پٽ شيخ فريد قاضي بڻيو . شيخ فريد جي فيصلن جا نقل مخدوم محمد هاشم جي تصنيف ۾ ملن ٿا .
قاضي محمد يحيٰ ٺٽوي پنهنجي والد قاضي محمد حسين جي ئي زماني ۾ قاضي جي عهدي تي فائز ٿيو ، ڇو ته آخري عمر ۾ قاضي محمد حسين جي اکين جي بينائي ڪمزور ٿي ويئي هئي . قاضي يحيٰ شرعي فيصلن ۾ انصاف ۽ احتياط کان ڪم وٺندو هو . هي قاضي القضاة جي منصب تي عالمگير بادشاهه جي طرفان مقرر ٿيو . ان کي عهدي ملڻ جي تاريخ عبدالباسط ٺٽويءَ جي هن فقري ” نافذالعمل “ ( 1103هه/1691ع ) مان نڪري ٿي . قاضي محمد يحيٰ ٺٽوي پنهنجي عهدي کي ڪاميابيءَ سان هلائيندي 1137هه/1724ع ۾ وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو