داخلا نمبر 5338
عنوان ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
شاخ عالم
پڙهيو ويو 334 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي

ٺٽوي، مخدوم آدم نقشبندي: مخدوم آدم ٺٽي جو وڏو ولي ۽ نقشبندي طريقي کي سنڌ ۾ مروج ڪندڙ هو. سندس شجرو هن ريت آهي: مخدوم آدم ولد عبدالاحد ولد عبدالرحمان ولد عبدالباقي ولد محمد ولد احمد ولد آدم ولد عبدالهادي صديقي يمني مالڪي.
ڪتاب ’مرغوب الاحباب‘ جي مصنف جو چوڻ آهي ته سندن نسبي سلسلو سيدنا صديق اڪبررضه سان وڃي ملي ٿو. سندس وڏا يمن جا رهاڪو هئا. سندن وڏو ڏاڏو عبدالباري سن 417هه/1026ع ۾ ڪاٺياواڙ پهتو. انهي زماني ۾ سلطان محمود غزنويءَ ڪاٺياواڙ تي ڪاهون ڪيون هيون. عبدالباريءَ جي ننڍي ڀاءُ عبدالخالق سلطان غزنويءَ سان ملي وڏو مرتبو ۽ مان حاصل ڪيو. سندس فرزند عبدالهادي اول ڪاٺياواڙ مان ڪڇ (ڀڄ) ۾ پهتو. ان کان پوءِ سندس خاندان مان ڪي بزرگ ٺٽي ۾ پهتا، جن ۾ مخدوم آدم به هو. يارهين صديءَ جي آخر ٻارهينءَ صدي جي اوائل جو وڏو عالم ۽ بزرگ ٿي گذريو آهي. هن بزرگ جي بيعت جناب خواجه عروة الوثقيٰ محمد معصوم ولد نصرت امام رباني مجدد الف ثاني سان ٿيل آهي، جو اورنگزيب جو مرشد ۽ وقت جي وڏن ڪامل مرشدن مان ٿي گذريو آهي.
مخدوم آدم، جيڪو ظاهري علم جو هڪ وڏو عالم هو، تنهن جو باطني طريقه تصوف ڏانهن ڪو به ڌيان نه هو. آخر ڪجهه مدت کان پوءِ ارادت جو معاملو استوار ڪري، سلوڪ جو سبق وٺي ذڪر فڪر ۾ لڳي ويو ۽ خواجه صاحب جي توجهه جو مٿس ايڏو اثر پيو، جو ماسواءِ الله کان منقطع ٿي، حقيقت جي جذبي ۾ جذب ٿي رهيو. 7 سال پنهنجي مرشد ڪامل جي خدمت ۾ رهي پوري استغراق سان سلوڪ جون منزلون طئي ڪيائين. جڏهن ڪماليت جي درجي تي پهتو، تڏهن حضرت خواجه عروة الوثقيٰ کيس خلافت جي خلعت ڍڪائي، وطن واپسيءَ جي اجازت ڏني ته جيئن ٺٽي ۾ خانقاهه قائم ڪري نقشبندي طريقي کي وڃي مروج ڪري. مخدوم صاحب کين عرض ڪيو ته سنڌ ديس ۾ اڳ ۾ ئي تمام گھڻا مشائخ ۽ اولياءَ آهن، انهن جي هوندي مون ڏانهن ڪير رجوع ڪندو؟ پر خواجه صاحب جي حڪم تي جڏهن مخدوم صاحب وطن واپس آيو، تڏهن ماڻهن جا وٽس ميڙا مچي ويا. شيخ ابوالقاسم ٺٽوي، جيڪو وقت جو وڏو بزرگ هو، سو مخدوم آدم جو فيض يافته آهي. شيخ ابراهيم لوهرائي، سيد فتح محمد، شيخ انيس ۽ مخدوم صابر ولهاري ۽ ٻيا وڏا وڏا اولياءَ مخدوم آدم جي فيض سان سرشار ٿيل آهن.
مخدوم صاحب جي وفات جو سال معلوم ٿي نه سگھيو آهي، پر تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن بزرگ ٻارهين صديءَ جي اوائل ۾ وفات ڪئي. سندن مقبرو مڪليءَ ۾ عيدگاهه جي اتر کان آهي. پنهنجي حياتيءَ ۾ فرمايو هئائين ته منهنجي قبر بهشت جي طبقن مان هڪ طبقو آهي. خواجه محمد زمان لنواري واري جو ارشاد آهي ته سموريءَ مڪليءَ جي قبرستان ۾ مخدوم آدم جي مدفن جهڙو ٻيو ڪو متبرڪ مدفن نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو