داخلا ؛ 5339
پڙهيو ويو ؛ 395
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2013-02-08


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين

ٽائيٽل ؛ ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين


شاخ : عالم

ٺٽوي، مخدوم ضياءُالدين: مخدوم ضياءُ الدين جو شجرو هن ريت آهي. مخدوم ضياءُ الدين ولد مخدوم ابراهيم ولد مخدوم هارون ولد مخدوم عمائب ولد مخدوم الياس. مخدوم صاحب نسب ۾ عراق جي مشهور صوفي عالم شيخ شهاب الدين سهروردي صديقيءَ (وفات 632هه/ 1234ع) سان وڃي ملي ٿو. مخدوم ضياءُالدين جا وڏا ورياهه تعلقي -جوڻ- ۾ رهندا هئا، جتان مخدوم -الياس- جو پوٽو مخدوم هارون لڏي اچي -ٺٽي- ۾ ويٺو. اُتي کيس فرزند ابراهيم پيدا ٿيو، جو هڪ وڏو عالم ۽ صوفي صالح هو. ابراهيم کي سن 1091هه/ 1680ع ۾ ضياءُ الدين تولد ٿيو. مخدوم ضياءُالدين -ٺٽي- جي وڏي عالم مخدوم عنايت -الله- کان علم حاصل ڪيو ۽ انهيءَ ساڳي بزرگ وٽان علامه محمد معين ٺٽويءَ به ظاهري علمن جو فيض پرايو هو ۽ آخري وقت مخدوم محمد هاشم به وٽس پڙهيو هو. ايڏي وڏي عالم جو شاگرد مخدوم ضياءُالدين خود به هڪ وڏو نامور ۽ فاضل عالم ٿيو، جنهن علمي تحصيل کان پوءِ پنهنجو جدا مدرسو قائم ڪيو، جنهن مان سوين ماڻهو فيضياب ٿيا، انهن ۾ مخدوم نعمت -الله- ولد عبدالجليل سندس ڏوهٽو، مخدوم محمد هاشم ۽ ميان محمد ولد مخدوم احمد ٺٽوي شامل آهن.
مخدوم ضياءُ الدين عام ماڻهن جي سهولت لاءِ نماز روزي، زڪوات ۽ حج جا مسئلا سنڌي ڏوهيڙن ۾ ڪتابي صورت ۾ لکيا، -جن- کي مخدوم ”ضياءُ الدين جي سنڌي“ سڏيو وڃي ٿو. مخدوم ضياءُالدين جو اهو رسالو اڳتي هلي بمبئيءَ مان ڇپيو، جيڪو ’مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ‘ کان پوءِ ابتدائي فقهي مسئلن سکڻ لاءِ ڏاڍو ڪارآمد آهي. مخدوم ضياءُ الدين 80 سالن جي ڄمار ۾ سن 1171هه/1757ع ۾ هن دنيا فاني مان لاڏاڻو ڪيو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن