داخلا ؛ 4846
پڙهيو ويو ؛ 638
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-01-07


تصويرون


makhdom-muhd-thathawe.gif
مخدوم معين ٺٽوي جي مزار
مخدوم معين ٺٽوي جي مزار



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ٺٽوي مخدوم محمد معين

ٽائيٽل ؛ ٺٽوي مخدوم محمد معين


شاخ : عالم

ٺٽوي، مخدوم محمد معين: علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي عرف ٺارو ذات جو دَل، -ٺٽي- جو رهاڪو هو. مخدوم صاحب جو خاندان سنڌ ۾ اعليٰ درجي جو علمي، ادبي ۽ مذهبي خاندان هو، سندس والد مخدوم محمد امين پڻ -ٺٽي- جي وڏن عالمن ۾ شمار ٿيندو هو. محمد امين جي شادي -ٺٽي- جي مشهور شاعر مير منشي فاضل خان (-بادشاهه- -اورنگزيب عالمگير- جو مقرب) جي نياڻيءَ سان ٿي. جنهن مان مخدوم معين پيدا ٿيو. مخدوم صاحب جي ولادت جي سال بابت -تاريخ- خاموش آهي. مخدوم معين ننڍي هوندي کان ئي تمام ذهين ۽ پڙهاڪو -ٻار- هو، ابتدائي -تعليم- حاصل ڪرڻ کان پوءِ مخدوم عنايت -الله- جو شاگرد رهيو. مخدوم عنايت -الله- جي 1114 هه/ 1702ع ۾ وفات کان پوءِ شاهه ولي -الله- وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو ۽ بعد ۾ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي کان -تصوف- جي -تعليم- ورتائين. شاهه ولي -الله- وٽ -تعليم- حاصل ڪرڻ دوران هن ايتري ذهانت سان علم حاصل ڪيو جو شاهه ولي -الله- کيس چوندو هو ته ”فقد رکبت غضنفرا“. (ترجمو: بيشڪ تون (-تحقيق- جي ميدان ۾) شينهن تي سوار آهين).
مخدوم محمد معين، شاهه ولي -الله- وٽ رهي ڪري وحدت الوجود جي مسئلن بابت گهڻو ڪجهه پرايو. -ٺٽي- ۾ هن سيد علي رضا کان شيخ محي الدين ابن عربي جو مشهور رسالو ”فصوص الحڪم“ پڙهيو ۽ -ان- کان پوءِ ابن عربي جي صوفياڻي مسلڪ جو سخت حامي ٿي رهيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ مخدوم محمد معين پاڻ ۾ تمام گهاٽا دوست هوندا هئا. ڪڏهن شاهه صاحب، مخدوم صاحب وٽ ته ڪڏهن مخدوم صاحب شاهه صاحب وٽ وڃي ٽڪندا هئا. انهن ٻنهي بزرگن ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي وچ ۾ هميشه مناظرا ٿيندا رهندا هئا.
مخدوم محمد معين ٺٽوي جڏهن دهليءَ مان -ٺٽي- واپس آيو، تڏهن مخدوم هاشم ٺٽوي هن وٽ حديث جي علم جي سند حاصل ڪئي، مگر پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ سخت اختلاف پيدا ٿي پيا ۽ مخدوم هاشم پنهنجي -استاد- جو ڪو به لحاظ نه ڪيو. مخدوم محمد معين جي شاگردن ۽ دوستن ۾ شاهه فقير -الله- علوي، مخدوم -جلال- محمد، مولوي محمد صادق، مخدوم محمد حيات سنڌي مدني، جعفر شيرازي، شرف الدين علي، مير مرتضيٰ سيوستاني ۽ مير نجم الدين عزلت (مخدوم معين جو ڀاڻيجو) جا نالا سر فهرست آهن. مقالات الشعراءِ جو مولف لکي ٿو ته، ”مخدوم محمد معين ٺٽوي پنهنجي دور جو تمام وڏو عالم ۽ بزرگ هو، انهي ڪري کيس ڪافي مخالفت سهڻي پئي. پاڻ شاهه عبداللطيف جو ساٿي ۽ صحبتي هو. شعر به ڪافي چيائين. هن جو شعر فارسي ۽ هندي (-اردو-) ۾ آهي. فارسي ۾ ”تسليم“ ۽ -اردو- ۾ ”بيراگي“ تخلص استعمال ڪندو هو“.
مخدوم محمد معين پنهنجي دور ۾ هڪ وڏو مذهبي عالم هجڻ سان گڏ صوفياڻي ۽ فقيراڻي لڏي جو درويش پڻ هو، زندگيءَ جو آخري دم پنهنجي دوست لطيف سائين جي هنج ۾ ڏنائين. شاهه صاحب پنهنجي مريدن کي چيو ته هلو ته يار جو آخري ديدار ڪري اچون ۽ پاڻ ڀٽ -تان- پنهنجن مريدن سميت اچي -ٺٽي- ۾ مخدوم معين وٽ پهتا، اتي اڳ ئي راڳ ۽ سماع هو، -بس- جيئن ئي مخدوم معين شاهه صاحب جي هنج ۾ ستو تيئن ئي پاڻ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وفات 1161هه / 1747ع ۾ ٿي.
سندس وفات تي محمد محسن ٺٽوي، مخدوم نعمت -الله- ٺٽوي، مخدوم رحمت علي ٺٽوي، ميان محمد پناهه رجا ٺٽوي، ميرزا محمد فاضل بيگ ’فاضل‘ ۽ ٻين -ٺٽي- جي شاعرن قطعه تاريخون چيون آهن.
مخدوم محمد معين جون تصنيفون لاتعداد آهن ۽ سوين تصنيفون ته اڻلڀ آهن، تنهن هوندي به هيٺيون تصنيفون مشهور آهن. (1) دراسات اللبيب، (2) حجة الجليلة، (3) نور العين، (4) -انور- المجدفي مخ الوجد، (5) مواهب سيد البشر، (6) الجود الثمين، (7) الخواطف التصوف، (8) مطارحات التحقيق في برهان التطيبق، (9) رسالة الاعتدالات الاربعه، (10) رفع الغين، (11) رفع الاشڪال والزحمة، (12) ايقاظ الوسنان، (13) وحدة الوجود ابوالموجود، (14) الابداح في محاڪمة -بين- النووي وابن الصلاح، (15) -الحق- الصريح، (16) رسالة الڪلي الطبعي، (17) المدرار الديمية علي حاشية القديمة، (18) شرح ديوان حافظ، (19) حاشيه شرح زوراءِ، (20) بهجة النظائر في براة الابرار، (21) مجموعه رسائل مخدوم معين 17 جلد، (22) مجموعه رسائل مخدوم معين 15 جلد، (23) مجمع النڪات، (24) غـايـة مـا ظـهر الاضعــف الانـام فـي -ان- الــڪـلام الـمتحمل لايوجب، (25) بادهت الورود في -اثبات- وحدت الوجود، (26) بوادر الجود في تحرير وحدت الوجود، (27) مرات الشهود بوحدت الوجود الموجود، (28) صدع القدم في -تحقيق- الوجود بالعلم، (29) طريقت العون في حقيقت الڪون، (30) الاعتدالات الا ربعت، (31) -الحق- الصريح فيما بلحق بشعور الميت في الفريح، (32) رفيع العين في تنزل العليم -الي- العين، (33) رفع الاشڪال والرحمت مالالڪل الولي الرحمت، (34) غايت الايضاح في الحڪمت -بين- التوري وابن -اصلاح-، (35) الجوهر الثمن في -اثبات- قلم التڪوين، (36) الادب الباقيت علي شريفت في علم المناظرت، (37) غـايـت مــاظهـر الاضـعـف الانـام، (38) مـنتـجيــب مـن جـمـع النڪات، (39) ثبت الشيخ محمد معين، (40) -بياض- مخدوم معين، (41) رسالهاويسيه.
مٿين ڪتابن مان پهريون ۽ آخري ٻئي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ’دراسات اللبيب‘ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1960ع ۾ شايع ٿيو ۽ ’رسالا اويسيه‘ فارسي متن سان گڏوگڏ حڪيم نياز همايوني جو ڪيل سنڌي ترجمو به سنڌ -ثقافت- کاتي پاران 2005ع ۾ شايع ڪيو آهي. مخدوم صاحب جا باقي ڪتاب شايع ناهن ٿيا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٺٽوي مخدوم محمد معين- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٺٽوي مخدوم محمد معين - مان نڪتل ٻيون شاخون-


عالم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آخوند عبدالرحمان ڀٽي سيتائي
آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
الياس عطار قادري
ابڙو اضعف ھالائي
امام ترمذي
امام غزالي رحه
امام مسعود سنڌي
ابن تيميه
ابن هشام
آخوند قاضي ميان اسماعيل
ابوالحسن ٺٽوي مخدوم
ابوالحسن ڏاهري
ابوالحسن صغير
آخوند محمد بچل انور
ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي
آريجو غلام محمد
ايل وي پرانچبي
ايم جي ٺاڪر
ابن رشد
ابنِ مقله بيضاوي
ابوالحسن صغي
ابو سعيد قاضي
بگو شير درگاهه
براهوئي علامه حاجي محمد عمر دين پوري
ٻاگهلائي علي محمد مولوي
احمد بن محمد المنصوري
امتياز خان حسين اصفهاني خالص
امروٽي محمد شاهه
ٺٽوي مخدوم محمد معين
ثقفي موسيٰ بن يعقوب
ثناءَ الله پاڻيپتي قاضي
ٺٽوي ابراهيم قاضي
ٺٽوي حافظ ابراهيم
ٺٽوي حسين شاهه مراد شيرازي
ٺٽوي سيد منصور
ترمذي
ٺٽوي شيخ طيب
ٺٽوي قاضي محمد جعفري
ٺٽوي مخدوم آدم نقشبندي
ٺٽوي مخدوم ضياءُالدين
ٺٽوي مخدوم محمد صادق
ڀنڀرو محمد عثمان
تاج محمود امروٽي
تاج محمد رضائي
ٿانوي اشرف علي مو لانا
تارڪ محمد هدايت علي نجفي
پاٽائي دين محمد مخدوم
پاٽائي شيخ جندالله
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
پاٽائي شيخ معروف
پاٽائي قـاسـم سـنڌي
پاٽائي محمود صديقي
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
پاٽائي مخدوم حسن الله صديقي
پاٽائي مخدوم عباس
پاٽائي مخدوم فضل الله
پاٽائي مخدوم فضل الله جي پاٽ واري درسگاهه
پير عبدالرحمان
پيرغلام رسول سرهندي
پير ڪرم الله انصاري دلبر سائين
پير مانڪي شريف
پير محمد هالائي
جامي مولانا عبدالرحمان
جان محمد عباسي مولانا
جعفر مخدوم بوبڪائي
پائلا
جنيد بغدادي
جوناٿن مارڪ ڪناير


.....عالم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن