داخلا ؛ 4848
پڙهيو ويو ؛ 606
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-01-07


تصويرون




ٽائيم لائين

1692.00.00-A.D
مخدوم محمد هاشم 10 ربيع الاول تي 1104هه/1692ع تي پئدا ٿيو

1760.00.00-A.D
8 رجب المرجب 1174هه بمطابق 1760ع تي لاڏاڻو ڪيو




sindhianaسنڌيانا--ٺٽوي مخدوم محمد هاشم

ٽائيٽل ؛ ٺٽوي مخدوم محمد هاشم


شاخ : شخصيت

ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم: مخدوم صاحب جو والد مير پور بٺوري شهر ۾ رهندو هو -جتي- 10 ربيع الاول تي 1104هه/1692ع تي مخدوم محمد هاشم پئدا ٿيو. سيد حسام الدين مقالات الشعراءِ جي حاشيي ۾ مخدوم صاحب جو حسب هن طرح لکيو آهي. شيخ الڪبير محمد هاشم -بن- عبد الغفور -بن- عبدالرحمٰن -بن- عبداللطيف -بن- عبدالرحمٰن -بن- صغيرالدين حارثي السندي البتورائي بحرام پوري ثم التتوي. مخدوم صاحب حارث -بن- عبدالمطلب جي اولاد مان آهي. -ان- لاءِ حارثي لکندو هو. ذات جي لحاظ کان پاڻ پنهور هو. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته پنهور عرب جو هڪ قبيلو آهي جيڪو سنڌ فتح ٿيڻ کان پوءِ عرب ڇڏي اچي سنڌ ۾ -آباد- ٿيو. مخدوم صاحب جو خاندان شروع کان ئي وٺي علمي ۽ ديني خاندان هو. سندن والد پنهنجي زماني جو وڏو عالم هو. -ان- لحاظ سان مخدوم صاحب هڪ علمي ۽ ديني گھر ۾ -اکيون- کوليون ۽ سندن والد پنهنجي فرزند کي بهترين ديني ۽ اخلاقي تربيت ڏني. مخدوم صاحب قرآن پاڪ جو حفظ ۽ عربيءَ جي شروعاتي -تعليم- جو صرف نحو وغيره پنهنجي والد وٽ پڙهيو. جڏهن سندس عمر 9 سال ٿي ته سندن والد هن دنيا مان رحلت فرمائي ويو ۽ مخدوم صاحب پنهنجي والد جي شفقت ۽ محبت کان محروم ٿي ويو. -ٺٽو- -ان- وقت علمن جو مرڪز هو. هن جي چئني پاسن کان علم۽ فقه وحديث جون وڏيون درسگاهون هيون، -جتي- وڏا وڏا عالم ۽ محدث پنهنجي علم سان اُڃايلن جي اُڃ اُجھائي رهيا هئا. -ٺٽي- ۾ مخدوم غلام محمد سليم ۽ مخدوم ضياءُالدين جو وڏو مدرسو هو. مخدوم محمد هاشم -ان- وقت عربيءَ جا رائج ڪتاب مخدوم محمد سعيد وٽ -پڙهيا- -ان- کان پوءِ حديث جا آخري ڪتاب مخدوم ضياءُالدين وٽ پڙهي ۽ پنهنجي علم جي پڄاڻي ڪئي ۽ حديث جي سند حاصل ڪئي. علمِ حديث ۾ مخدوم محمد معين کان به مستفيد ٿيو. مخدوم صاحب اهو سڀ علم ڏهن سالن ۾ پڙهي پورو ڪيو. مدرسي جي -تعليم- کان پوءِ مخدوم صاحب بٺور ي لڳ -بهرام پور- ۾ اچي مدرسو کوليو پر مقامي پيرن ۽ وڏيرن جي اڻبڻت ڪري مدرسي کي -بند- ڪري اچي -ٺٽي- ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. -ٺٽي- جي مرڪزي شهر ۾ رهڻ جي ڪري سندس علم جي ساک پري پري تائين پکڙجي ويئي، جنهن ڪري سوين طالب علم اچي سندس درس ۾ شريڪ ٿيا.
مخدوم صاحب 1135هه/1722ع ۾ حج جي زيارت لاءِ روانو ٿيو. مڪي ۽ مديني جي وڏن عالمن کان حديث ۽ -تصوف- جي اجازت جون سندون حاصل ڪيائين. -جن- ۾ علامه شيخ عبدالقادر مڪي حنفي، شيخ عبد -بن- علي مصري، شيخ محمد ابو طاهر ڪردي مدني وغيره مشهور آهن. مخدوم پنهنجي استادن جو ذڪر پنهنجي مشهور ڪتاب ”اتحاف الاڪابر في مسانيد شيخ عبدالقادر“ ۾ ڪيو آهي. مخدوم صاحب کي مديني شهر جي رهڻ واري عرصي ۾ جمعرات 9 رجب المرجب 1136هه بمطابق 1723ع ۾ خواب ۾ پيغمبرِ -اسلام- صلي -الله- عليه وسلم جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو. جنهن جو ذڪر پنهنجي ڪجهه ڪتابن جي حاشين ۾ ڪيو اٿس ۽ پنهنجي ياداشت لاءِ پنهنجو دستخط پڻ ڪيو اٿس. مخدوم صاحب روحاني علم جي حصول ۽ -بيعت- لاءِ -ان- وقت سنڌ جي عظيم روحاني پيشوا مخدوم ابوالقاسم نقشبنديءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿي -بيعت- جي اجازت گھري جيڪو سڄي سنڌ جي عالمن ۽ ولين جو سرواڻ هو. ابوالقاسم نقشبنديءُ مراقبو ڪري کيس ٻڌايو ته اوهان هندستان جي صوبي گجرات جي قادري طريقي جي پير مرشد سيد سعدالله -بن- سيد غلام محمد سلوني سورتيءَ جي خدمت ۾ حاضر ٿي وڃي -بيعت- ڪريو. مخدوم صاحب سورت ۾ وڃي اُن بزرگ جي هٿ تي -بيعت- ڪري پورو سال رهي معرفت جون منزلون طي ڪيون ۽ 1137هه بمطابق 1724ع ۾ -ٺٽي- واپس موٽي آيو.
سنڌ جو مشهور مؤرخ مير علي، شير قانع ”تحفة الڪرام“ جي صفحي 23 تي لکي ٿو ته مخدوم صاحب جي زماني ۾ شريعت جي حڪمن تي هلڻ تمام گھڻو رواج ورتو. هن جو حڪم مسلمانن کان سواءِ غير مسلمانن تي به هلندو هو. سندن هٿ تي هزارين غير مسلمانن -اسلام- قبول ڪيو. وقت جي بادشاهن مان نادر شاهه ۽ -احمد شاهه- ابداليءَ سان به سندس خط و ڪتابت هئي. -بادشاهه- به سندن خواهش مطابق دين جي حقن -جاري- ڪرائڻ ۾ پوري مدد ڪندا هئا. -ٺٽي- شهر ۾ مخدوم صاحب جو تمام وڏو مدرسو هو -جتي- نه رڳو سڄي سنڌ پر گجرات، ڪاٺياواڙ، -افغانستان- مان به طالب علم اچيو سندس درس مان فيض حاصل ڪندا هئا. 12 صدي هجريءَ جا سڀ عالم ۽ محدث ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مخدوم صاحب جي مدرسي جا فيض يافته هئا. مخدوم عبدالرحمٰن، مخدوم عبداللطيف، علامه -ابوالحسن صغير- محدث مدينه منوره، علامه فقير -الله- علوي، مخدوم عبدالله صاحب ڪنزت العبرت، مخدوم عبدالخالق ۽ مخدوم محمد حيات السندي سندس مشهور شاگرد آهن. مدرسي جي -تعليم- کان سواءِ مخدوم صاحب هميشه وچين نماز کان پوءِ مشهور شاهجهان مسجد ۾ درس ڏيندو هو. جمعي جي نماز تي -ٺٽي- جي -جامع مسجد- خسرو ۾ واعظ ڪندو هو. مخدوم صاحب بهترين مبلغ خطيب هجڻ کان سواءِ عظيم مفتي به هو ۽ باقاعده دارالفتويٰ قائم ڪيائين -جتي- شرعي بنيادن تي ماڻهن جا فيصلا ڪيا ويندا هئا. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي مقبرو ٺهرائي رهيو هو ته مخدوم هاشم اچي کيس منع ڪئي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن جي ڳالهه تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي وري هن سان ڪڏهن ڳالهايائين. مير عبدالحسين خان سانگي ’لطائف لطيفي‘ ۾ لکي ٿو ته، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي يڪتاري تي راڳ (حقيقي عشق ۾) ٻڌڻ بابت جڏهن هاشم ٺٽويءَ کي خبر پئي، تڏهن هو ملن جي وڏي اجتماع سان گڏ ڀٽائي صاحب تي چڙهائي ڪري آيو، جڏهن شاهه سائين کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئي تڏهن فقراءَ کي چيائين ته هي سڀ ساز سرود ڪوٺي ۾ -بند- ڪري ڇڏيو. هاشم ٺٽوي سڀني ملن سميت اچي شاهه سائين وٽ پهتو. شاهه سائين انهن سڀني سان مهمانن وارو سلوڪ ڪيو، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ مناظرو -جاري- هو ته ڪوٺي ۾ جيڪي به ساز سرود -بند- هئا سي سڀئي از خود وڄڻ لڳا، ڄڻ ته ڪو ماڻهو وڄائي رهيا هجن. جنهن تي ملن کي غصو لڳو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي، -ان- تي شاهه صاحب فرمايو ته حق جي طرفان فيصلو ٿي ويو، هاڻي وڃي اندر ڏسو ته ساز سرود پاڻهي پيا وڄن ۽ توهان کي پنهنجو جواب ملي ويو.“
دينِ -اسلام- جو شايد ئي ڪو اهڙو موضوع رهيل هجي جنهن تي مخدوم صاحب نه لکيو هجي. فقه، علم ڪلام، لغت، اصول، منطق، فلسفي، حديث ۽ -تفسير- جھڙن ڏکين موضوعن تي مخدوم محمد هاشم قلم کنيو ۽ ڪتاب لکيا. عرب ۽ مصر جي عالمن جي ڪتابن جا رد لکيائين. سندس ڪيترائي ڪتاب، حادثن ۽ زماني جي بي قدري جي ڪري ضايع ٿي ويا، پر -ان- جي باوجود به سندس 152 کان وڌيڪ ڪتابن جا نالا ملن ٿا. -جن- مان ڪجهه ڇپيل ۽ ڪجهه قلمي حالت ۾ ڪتب خانن ۾ موجود آهن. اتحاف الاڪابر ۾ مخدوم صاحب پنهنجي 111 ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي. جڏهن ته -ان- وقت مخدوم صاحب جي عمر 32 سال هئي. جڏهن ته -ان- کان پوءِ مخدوم صاحب 39 سال زنده رهيو ۽ يقيناً انهيءَ عرصي ۾ به تمام گھڻا ڪتاب لکيا هوندائين. مخدوم صاحب جي پوٽي مخدوم غلام پنهنجي ڏاڏي جي 115 ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪي سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ ۾ لکيل آهن.
مخدوم صاحب کي ٻه فرزند هئا. مخدوم عبدالرحمــٰن ۽ مخدوم عبداللطيف، جيڪي پنهنجي زماني جا عظيم عالم ۽ محدث ٿي گذريا آهن. مخدوم محمد هاشم پنهنجي عمر جا 80 سال پورا ڪري 8 رجب المرجب 1174هه بمطابق 1760ع تي لاڏاڻو ڪيو. کيس مڪليءَ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. سڄي سنڌ مخدوم صاحب جي وفات تي سوڳوار هئي. ڪيترن عالمن سندن وفات تي نظم جوڙيا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٺٽوي مخدوم محمد هاشم- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٺٽوي مخدوم محمد هاشم - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن