داخلا نمبر 4849
عنوان ٺٽوي مرزا محمد صالح
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 184 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٺٽوي مرزا محمد صالح

ٺٽوي، مرزا محمد صالح: مرزا محمد صالح ٺٽوي اصل ٺٽي جي اميراڻي گهر ۾ ڄائو ۽ ٺٽي ۾ پليو، پڙهيو ۽ وڏو ٿيو. مرزا عبدالوهاب ٺٽويءَ جو قريبي رشتيدار هو. جنهنڪري اميراڻي ٺاٺ سان رهندو هو. آقا محمد ڪريم اصفهاني ٺٽويءَ جي وفات کان پوءِ ٺٽي جو امين الملڪ ۽ رعيت پاران سرڪار ۾ وڪيل مقرر ٿيو. اهو عهدو ڪجهه وقت نادر شاهه جي زماني ۾ ۽ ڪجھه وقت ان کان پوءِ حاصل رهيس. ماڻهو هن جي خوش خلقيءَ کان ڏاڍا خوش هئا. گفتگوءَ جو سنجيدو، باادب۽ وڏي اخلاق جو مالڪ هو. نقاشِ ۽ خوشخطيءَ جي فن جو وڏو ماهر ۽ ڏاڍو برجسته خيال شاعر هو. شعر ۾ تخلص ”واثق“ هوس. هي بزرگ شاعر مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو همعصر هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ۾ شاعريءَ تي تبادله خيالات ڪندا هئا. سندس وفات 1179هه/ 1765ع ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو