داخلا نمبر 4850
عنوان ٺٽوي ملا جلال
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 125 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٺٽوي ملا جلال

ٺٽوي، ملا جلال: ملا جلال ٺٽويءَ جو تخلص ”راعي“ هو ۽ مرزا جاني بيگ جي درٻاري شاعرن ۽ اميرن مان هڪ عالم فاضل بزرگ هو. هن مرزا جي مدح ۾ هڪ قصيدو چيو هو، پر مرزا کي سندس پوئين مصرع پسند نه پئي، ان ڪري مرزا جي عنايت وارين نظرن کان ڪري پيو. ان ڳالهه جو شاعر جي طبع تي ايڏو صدمو رسيو، جو زهر کائي آپ گھات ڪيائين. سندس فرزند جمال محمد پڻ شاعر هو ۽ ”راعي“ تخلص“ سان شاعري ڪندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو