داخلا نمبر 4852
عنوان ٺٽوي مولوي محمد صادق
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 156 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٺٽوي مولوي محمد صادق

ٺٽوي، مولوي محمد صادق: مولوي محمد صادق ولد ميان محمد سعيد واعظ ولد مخدوم عنايت الله حال ۽ قال جو بزرگ ٿي گذريو آهي. جيتوڻيڪ اکين کان نابين هو . هميشه خلق کي علمي فائدو پهچائيندو رهيو ۽ سندس مجلس وعظ ڏاڍي اثرائتي هئي. سندس فرزند محمد سعيد به فقيريءَ ۽ فضيلت سان سينگاريل هو. مولوي محمد صادق مخدوم عنايت الله جو پوٽو وقت جو وڏو عالم ۽ معقولات ۾ بي نظير فاضل هو. علامه مخدوم محمد معين جي شاگرديءَ سبب هن کي منطق ۽ فلسفي ۾ وڏي دسترس حاصل هئي. سوين شاگرد سندس مدرسي مان فيض ياب ٿيا، جن مان مخدوم نعمت الله ٺٽوي به هڪ مشهور بزرگ ٿي گذريو آهي. خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو به سندس شاگردن مان آهي. مولوي محمد صادق، سيد عبداللطيف ڀٽائيءَ جو خاص مريد هو. ٺٽي جو ناظم شيخ شڪرالله ۽ شيخ الاسلام ميرڪ محمد احسن به هن بزرگ جي ڏاڍي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن شعر به چوندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو