داخلا نمبر 4853
عنوان ٺٽوي ميان محمد صادق نقشبندي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 185 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٺٽوي ميان محمد صادق نقشبندي

ٺٽوي، ميان محمد صادق نقشبندي: محمد صادق نقشبندي ظاهري ۽ باطني ڪمالات جو جامع ۽ شاهه ڀٽائيءَ جو مريد هو. مخدوم محمد اشرف نقشبندي ولد مخدوم آدو معروف به مخدوم آدو ٺٽويءَ جو ناٺي هو. انهيءَ ميان محمد صادق نقشبنديءَ جو فرزند ميان غلام حسين معروف شيخ ابوالحسن صغير مدني محدث مديني شريف ۾ وڃي رهيو، جتي عرب و عجم جي عالمن کي علم حديث سان فيض حاصل ڪيائين. ميان محمد صادق ڪڏهن ڪڏهن صوفياڻي انداز ۾ شعر شاعري به ڪندو هو. سندس سال وفات معلوم نه ٿي سگھيو آهي. پر 12 صدي هجريءَ جي بزرگن مان هو. سندس مقبرو حضرت مخدوم آدو نقشبنديءَ جي پيرانديءَ کان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو