داخلا ؛ 4854
پڙهيو ويو ؛ 281
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-01-07


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ٺٽوي مير ابوالقاسم خان زمان

ٽائيٽل ؛ ٺٽوي مير ابوالقاسم خان زمان


شاخ : شخصيت

ٺٽوي،مير ابوالقاسم خان زمان: هن جو والد سيد قاسم خان بيگلار سمرقند مان سنڌ جي مرزا شاھ حسن بيگ -ارغون- جي زماني ۾ اچي -ٺٽي- ۾ رهيو، سيد صاحب هڪ وڏو بهادر، سٺو -تير- انداز ۽ وڏو پهلوان هو، جنهنڪري مرزا جي اميرن ۾ داخل ٿي ويو ۽ کيس -جاگير- به عطا ڪئي وئي. سيد صاحب عمر ڪوٽ جي راڻي ويرسي جي ڀاڻيجيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان مير ابوالقاسم 947ھه (1540ع) ۾ پئدا ٿيو. اڃا -ٽن- سالن جو مس هو ته نصيرالدين همايون بادشاھه، شير شاھه سوري افغان کان شڪست کائي سنڌ ۾ آيو، پر مرزا شاھه حسن، سندس سنڌ ۾ پير ڄمڻ ڪونه ڏنا. -بدين- ۾ سنڌ وارن جو بادشاھ همايون سان مقابلو ٿيو، -ان- مقابلي ۾ قاسم خان بيگلار قتل ٿي ويو ۽ سندس يتيم فرزند جي پرورش عمر ڪوٽ ۾ پنهنجي ماءُ جي آغوش ۾ ٿيندي رهي.
هي ننڍڙو ئي هو، ته کيس شاھ حسن جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو. هن حاڪم ننڍڙي -ٻار- جي پيشانيءَ ۾ اقبال چمڪندو ڏسي سندس سنڀال اميراڻي طرز سان ڪرڻ جو ۽ پرورش جو حڪم ڏنو.
جوانيءَ ۾ هو سپهه گريءَ جي فن ۾ اهڙو ماهر ٿيو، جو هي اڪيلو پوري فوج لاءِ ڪافي هوندو هو. جڏهن مرزا شاھ حسن 967ھه (1559ع) ۾ وفات ڪئي، تڏهن سندس ملڪ ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. ڏکڻ سنڌ مرزا عيسيٰ -ترخان- کنئي ۽ -اتر- سنڌ سلطان محمد بکريءَ جي حصي ۾ آئي. ابوالقاسم خان مرزا عيسيٰ جي درٻاري اميرن ۾ داخل ٿيو ۽ سندس وفات کان پوءِ مرزا عيسيٰ جي پٽ مرزا جان بابا جو طرفدار رهيو. -ان- زماني ۾ ڀائرن جون جيڪي به خوفناڪ جنگيون ٿي گذريون، -تن- ۾ ابوالقاسم اهڙا بهادريءَ جا ڪم ڪري ڏيکاريا، جو نهايت حيرت ۾ وجھندڙ هئا، -جن- جو تفصيل ”بيگلار نامه“ ۾ موجود آهي، جيڪو ابوالقاسم جي ڪارنامن بابت هڪ مستقل -تصنيف- جي حيثيت رکي ٿو.
جڏهن مرزا جان بابا قتل ٿي ويو ته مرزا محمد باقي سيد ابوالقاسم کي دلاسا ڏيئي پنهنجي طرف آندو. هن جي خاندان لاءِ نصرپور ۾ -جاگير- مقرر ڪيائين، مرزا باقيءَ جي خودڪشيءَ (993ھه مطابق 1585ع) کانپوءِ، سندس پوٽي مرزا -جاني- بيگ جو مددگار ٿي رهيو. انهيءَ زماني ۾ -جلال- الدين اڪبر جو سموري هندستان تي قبضو ٿيندو ويو ۽ -ترخان- گھراڻي جي وڏي مرزا محمد باقيءَ ملڪ ۾ معزز ماڻهن جا جيڪي خون ڪرايا هئا، -تن- جون دانهون به وقت به وقت کيس پهچنديون رهيون ٿي، جنهنڪري هن سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو. هوڏانهن سلطان محمد بکري به انهيءَ زماني 998ھه/ 1589ع ۾ وفات ڪري ويو، جنهنڪري سنڌ جي اُتر–اوڀر وارو سمورو علائقو اڪبر جي قبضي ۾ اچي ويو. اڪبر اعظم مرزا -جاني- بيگ کي مطيع ڪرڻ لاءِ مرزا عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ تي چاڙهي موڪليو، جنهن -ٽن- سالن جي جنگين کان پوءِ مرزا -جاني- بيگ تي سوڀ پائي، کيس سيد ابوالقاسم سميت لاهور دربار اڪبريءَ ۾ وٺي ويو.
جڏهن -جاني- بيگ ۽ ابوالقاسم اڪبر جي روبرو حاضر ٿيا ته پهرئين ئي ڏينهن اڪبر سيد ابوالقاسم کان پڇيو، ته اوهان جي ڄمار ڪيتري آهي؟ سيد جي بدران مرزا -جاني- بيگ جواب ڏنو، 52 سال. وري بادشاھ پڇا ڪيس، ته ڪٿي ڄاوا آهيو؟ سيد پاڻ جواب ڏنو ته عمر ڪوٽ ۾، جنهن تي اڪبر خوش ٿي چيو ته آءٌ ۽ سيد هم عمر ته آهيون، پر اسان جي ڄمڻ جو هنڌ به ساڳيو آهي.
عبدالرحيم خان خانان کان مرزا -جاني- بيگ وعدو ورتو هو، ته کيس موت جي سزا کان بچايو ويندو. -ان- ڪري، خان خانان اڪبر جي خدمت ۾ اڳ ۾ ئي اها گذارش ڪري ڇڏي هئي، -اڪبر بادشاهه- نه فقط جنگي معاهدي جي لڄ رکي، پر سنڌ وري به -جاني- بيگ جي حوالي ڪيائين، پر هن شرط سان، ته هو بادشاھ جي خدمت ۾ رهندو ۽ سنڌ جي پيدائش سندس حوالي هوندي ۽ پوئتان سندس 16 سالن جو فرزند غازي بيگ ڪم سنڀاليندو رهندو. -ان- موقعي تي اڪبر بادشاھ مرزا -جاني- بيگ کي خلعت به ڍڪائي.
جاني بيگ 8 سالن تائين اڪبري درٻار ۾ رهيو ۽ برهانپور ۾ وفات ڪيائين، وفات بعد سندس لاش -ٺٽي- پهچايو ويو. -جتي- سندس مقبرو موجود آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٺٽوي مير ابوالقاسم خان زمان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٺٽوي مير ابوالقاسم خان زمان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن