داخلا ؛ 4885
پڙهيو ويو ؛ 841
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2013-01-09


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ٺڪر

ٽائيٽل ؛ ٺڪر


شاخ : سماج

ٺَڪرُ: پراڻو قبيلو، جيڪو اصل کان ٻيلن جو رهاڪو آهي، پر هميشه اهڙي جاءِ تي ڳوٺ ٻڌندا آهن، -جتي- زمين سنئين سڌي هجي. اڪثر هو ٻين ذاتين کان الڳ ٿي رهندا آهن. هڪ -تحقيق- موجب ٺَڪُر يا -ٺاڪر- راجپوتن جي نسل مان آهن، يا انهن ۾ راجپوتن جو رت شامل آهي. هندوستان ۾ ناسڪ لڳ هڪ ماڳ ”اگت پوري“ مان لکيل ٽامي تختي -تان- ملي آهي، جنهن مطابق -ٺڪر- لفظ 650ع کان به اڳ استعمال ٿيل ٻڌايو ويو آهي. روايتن موجب ٺڪرن جي نسل ۾ راجپوتن جو رت محمود -بيگڙي- (1511-1459ع) جي دور ۾ داخل ٿيو، جيڪو گجرات جو حاڪم هو. هندستان ۾ رهندڙ ٺڪرن جي هڪ مشاهدي موجب شڪل شبيهه ڪجهه هيئن آهي. هندستاني ٺَڪر اڪثر بندري قد جا ٿيندا آهن، خاص ڪري سندن عورتون نڪتل پيٽ سان بي زيبيون ۽ بي ڊوليون ٿين. مرد چٽڪمرا ڪپڙا پهرين، -ان- جي مٿان واسڪوٽي، ڪلهي تي ڪپڙي جو -ٽڪر- ۽ مٿي تي -پٽڪي- ٻڌن، -ٺونٺ- کان مٿي -پتل- جا چوڙا پائين. واسڪوٽيءَ جي مٿان ڪلهي وٽ چمڙي جي ٿيلهي هڪ ڌاڳي سان لڙڪيل ٿئي، جنهن ۾ پان، سوپاري ۽ -تماڪ- رکن. چمڙي جي ٿيلهي کي ”توستان“ (Tostan) سڏين. انهن جي خانن کي سوتڪا (Sotka). عورتن جو لباس -تنگ- پولڪو ٿئي، -ان- جي مٿان واسڪوٽ، باقي ٽنگون گهڻي قدر اگهاڙيون رکن ۽ مٿو اگهاڙو هوندو اٿن. ڳري قسم جا زيور پهرين، -جن- ۾ رنگ برنگي ٻڙا ۽ مڻيا ڦاٿل ٿين.
ٺَڪر، ميداني -ٻولي- ڳالهائين، هي قبيلو مکيه ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ڪا-ٺڪر (Ka-Thakurs) ڪا اصل ۾ ڪولهين جو مخفف آهي، يعني ڪولهي -ٺڪر- ۽ ٻيا ما-ٺڪر (Ma-Thakur)، جيڪي ميراٺي -ٺڪر- آهن، پر ٽيون قبيلو به آهي، جنهن کي ورالي -ٺڪر- چون ٿا. ما-ٺڪر پاڻ کي سج جو اولاد سڏائين ۽ ڪا-ٺڪر، ٻين کان پاڻ کي اتم سمجهن. ڪا- -ٺڪر- ۽ ما-ٺڪر نه هڪ ٻئي سان کائين، نه لهه وچڙ ڪن. ٺڪرن جا ٽي ڪل نام (Surname) آهن. (1) جادو (Jadhav- سون)، (2) نارگود (Nargude)، (3) پوار (Pavar- تلوار). هاڻي هن ۾ ڪل نامن رکڻ جو رواج وڌيو آهي. هنن ۾ شاديءَ جا مقرر قاعدا آهن. انهي سلسلي ۾ ڊاڪٽر سوڀارا چنا،’انسائيڪلو پيڊيا آف انڊين ٽرائيبس اينڊ ڪاسٽس‘ ۾ لکيو آهي ته: هنن ۾ ماسات سان شادي عيب ڪونهي، مڙس جو -ڀاءُ- به ڀاڄائي جي ڀيڻ سان شادي ڪري سگهي ٿو. شاديون اڪثر بالغ ٿيڻ کان پوءِ ڪن. هڪ عجيب رسم منجهن ڪٿي ڪٿي ڏسڻ ۾ آئي آهي ته بنا ڦيرن جي به ڪي مرد، سندن نالي ٿيل عورتن کي زال طور رکي سگهندا آهن. انهن مان -ٻار- پيدا ٿين، اهي وڏا ٿين ۽ جڏهن انهن جون شاديون ٿين ته انهيءَ جوڙي جي به ٻارن سان گڏ قانوني شادي عمل ۾ ايندي آهي. جيڪڏهن انهيءَ جوڙي جي شادي سندن ٻارن سان گڏ نه ٿي ٿئي ته اهي -ٻار- ”حرامي“ ليکيا وڃن ٿا.
جيڪڏهن ڇوڪري پنهنجي قبيلي جي ڪنهن مرد سان ناروا سلوڪ ڪري ته قبيلي جي رواج موجب سندس شادي -ان- شخص جي بجاءِ ڪنهن ٻئي قبيلي جي مرد سان سزا طور ڪرائي ويندي آهي. پر جي -ان- عورت، -ان- ٻئي قبيلي جي مرد کي قبول نه ڪيو ته پوءِ -ٺڪر- کيس ڀت -ٻاٽ- مان مورڳو ڪــڍي ڇــڏينــدا آهـــن. مـــردن ۾ گـــهڻــين شــاديــن جــو رواج آهــــي. (ڏسو: انسائيڪلو پيڊيا آف ٽرائيبس ۽ ڪاسٽس آف انڊيا، صفحو 6356، ليکڪا: ڊاڪٽر سوڀارا چنه)
ٺڪرن ۾ -ٻار- ڄمڻ کان پوءِ دائي جيڪا سندن قبيلي جي هوندي آهي، پنجن ڏينهن تائين ويامجندڙ عورت جي گهر رهندي آهي. پنجين ڏينهن دائي خوشبو ۾ ٻڏل سندور (ڳاڙهو پائوڊر) وياميل عورت جي هٿن کي لائيندي آهي، وياميل عورت اهي هٿ آڱرين سميت ڀت تي هڻي پنهنجي هٿن جا نقش چٽيندي ۽ پوءِ -ٻار- جي ڪلهي جي چوڌاري بنفشي جا گل ٻڌندا آهن ۽ وياميل عورت جي سوانجڙي جو وقت ختم ٿي ويندو آهي. مناسب ڏينهن تي -برهمڻ- کان -ٽپڻو- کولائي -ٻار- جو نالو پڇي رکبو آهي، -برهمڻ- کي -ٻار- ڄمڻ جو ڏينهن ۽ وقت ٻڌائبو آهي. شاديءَ جون ٻيون رسمون به ٿين، گهوٽيتن کي ڏيب ۾ خاص رقم جا چانور، ڪنوار جي پيءُ کي ڏيڻا پوندا آهن. ٽپڻي تي -برهمڻ- شاديءَ جو ڏڻ مقرر ڪندو آهي. مڱڻي کان پوءِ سوپاري ڀڃڻ جي رسم، جنهن کي ”سوپاري ڦانوڻي“ چون، ٿيندي آهي. هنن وٽ طلاق ڪا نه ٿئي. شاديءَ کان ٽي ڏينهن اڳ شادي جو ڇنو ٺاهيندا آهن، -ان- ڇني جي پويان عنبر جي وڻ جو هجڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي. -ان- وڻ ۾ ناريل جا کوپا ٻڌندا آهن ۽ چانور ڇٽيندا آهن. هيڊ ملڻ جي رسم ٻين وانگر هنن وٽ به ٿئي. گهوٽ کي اڇا لٽا پهرائي کيسي ۾ چاقو يا پاسي ۾ ترار ڏيندا آهن، جيڪا شادي ختم ٿيڻ تائين ساڻس گڏ رهندي آهي. گهوٽ جي ٻانهوٽن تي گلن جي ڪنڊل ٻڌل رهندي آهي، هن سرگس کي ڪنواريتن ڏي وٺي وڃن شاديءَ جي ڇني ۾ سڀ کان -اول- گهوٽ جو پيءُ گهڙندو آهي ۽ ڪنواريتا سڀني جو آڌرڀاءُ ڪندا آهن. شادي واري ڪمري جي دروازي تي ٻه عورتون خالي گهڙين سان بيٺل هونديون آهن، انهن کي دوديز (Dudies) چون. گهوٽ انهن ۾ سڪا وغيره وجهندو آهي، ڪنوار جي ماءُ گهوٽ جي منهن تي هلڪي روشني وجهندي آهي ۽ هيڊ جو -تلڪ- سندس نرڙ تي هڻندي آهي. -ان- کان پوءِ هو اندر گهڙندو آهي ۽ پٿرائين سر يا پاتا (Pata) تي اچي ويهندو آهي. ڪنوار هڪ سنهي پردي جي پويان گهوٽ جي سامهون اچي بيهندي آهي. شاديءَ جا شبد -برهمڻ- طرفان -پڙهيا- ويندا آهن. گهوٽ ۽ ڪنوار جي مٿان چانور اڇلايا ويندا آهن. اهڙي قسم جون ٻيون رسمون سرانجام ڏنيون وينديون آهن. -جن- ۾ ڦيرا به شامل هوندا آهن.
رنڙ عورت کي شاديءَ جي اجازت هوندي آهي. رنڙ کي پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي مٽن مان ڪنهن سان به شادي جي اجازت نه هوندي آهي، سواءِ ماروٽ جي. رنڙ جي شادي ۾ به سڀ رسمون ادا ڪيون وينديون آهن. جيڪڏهن ڪا عورت ٻه مڙس ماري چڪي هوندي ته ٽئين مڙس جو -ٻنڀو- ٽپڻ کان اڳ نو (9) ڪڪڙن کي -ٿڏي- سان ماري پوءِ داخل ٿيندي آهي. اتفاق سان جي ڪو ڪڪڙ -ٿڏي- سان مري نه سگهيو ۽ -بچي- ويو ته -ان- عورت کي اجازت هوندي ته هوءَ مڙس کان ڪڏهن به طلاق وٺي سگهي ٿي.
ٺَڪر، هندن جي سڀني ديوين ۽ ديوتائن ۾ اعتقاد رکن ٿا پر سندن خاص ديوتا چيدا (Cheda)، واگها (Vagha)، بهيري (Bihiri)، ڀواني، سپلي، کندوبا (Khandoba)، کڻوبا (Kanhoba)، وتيل ۽ ٻيا ديوتا ۽ ديويون هجن ٿيون، جيڪي مگوا ۽ ناسڪ (ڀارت) ۾ آهن. سندن خاص ڏڻ اڪشتر بتيا، دسهڙو، ڏياري ۽ شگما آهن. هي جنن پرين ۾ وڏو اعتقاد رکن. سندن مذهبي اڳواڻ پنهنجي ئي قبيلي جا ماڻهو هوندا آهن. سندن خيال آهي ته واگها ديوتا انهن بتن تي تصرف رکي ٿو. ڪن صورتن ۾ هو جنن ڀوتن کان جند ڇڏائڻ لاءِ ٻاهرين برهمڻن کان به مدد وٺندا آهن.
ٺڪر مري ويلن کي ساڙڻ بجاءِ پوريندا آهن. لاش کي وهنجاري ڌوئي پوءِ هيڊ مکي ڪفن ڏيندا اٿس. ارٿي کڻڻ کان بعد رستي تي ڪن جاين تي لاش کي روڪي ڪجهه سڪا پٿرن جي هيٺيان رکيا ويندا آهن، ڪجهه سڪا سندس وات ۾ وجهي لاش کي قبر ۾ لاهيندا آهن. مٽي ورائڻ کان پوءِ سوڳوار قبر جي مٿان مٽ ڀڃندو آهي، ٻئي ڏينهن ڪو به مائٽ -ٺاڪر- -پٿر- جي هيٺان رکيل ڪڍي ٻئي -پٿر- جي هيٺان رکي اتي کير ۽ ماني وغيره پوريندو آهي. کير ۽ ماني مردي جي هٿن ۽ پيرن کان به قبر ۾ رکندا آهن. ٻارنهن ڏينهن کان پوءِ هوم (Hom) جي رسم ادا ڪندا آهن. سوڳوار مانيءَ جا 9 ٿها پچرائي رکندو آهي. 5ٻار روزو رکندا آهن. ماني کي درياهه ۾ اڇلائيندا آهن. اشوِن (Ashwin) جي رسم ۾ ڪجهه ماني ڪوٺي تي رکندا آهن ته جيئن مڙدي جو روح اچي ته ماني کائي -ان- کان پوءِ اها ماني ڪانون کي کارائي ويندي آهي.
ٺڪر گهڻو ڪري هنن (Husbandry) ۽ گهوڙن جي ساز و سامان ٺاهڻ جو ڪم ڪندا آهن. گرمين جي ڏينهن ۾ ٻنين ۾ ڪم ڪندا آهن، سياري ۾ ڪاٺيون ميڙي کپائيندا آهن. هي مستقل طور هارپو ڪو نه ڪن، نه وري زمين جي کڻت ڪري زمينداري ڪن. هي ماهه ۾ مڇي ۽ ننڍو گوشت واپرائين.
1901ع جي -آدمشماري- موجب هندستان ۾ سندن -آدمشماري- 122،019 هئي، -جن- ۾ 63،347 مرد ۽ 58672 عورتون هيون. هي ٿانا، ڪولاب، ناسڪ کانسواءِ سنڌ جي -پارڪر- واري علائقي جا رهاڪو آهن. هن وقت سندن آباديءَ ۾ گهڻو اضافو آيو آهي.
سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي ۾ اهي -ٺڪر- گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا. انهن مان راڻا چندرسنگهه مشهور پارلياماني سياستدان ٿي گذريو آهي، جنهن -آگسٽ- 2009ع ۾ وفات ڪئي. راڻا چندرسنگهه -ٿر- ۾ رهندڙ ٺڪرن (سوڍن) جو 25هون راڻو بڻيل هيو. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ هميرسنگهه 26 هون راڻو بڻيو آهي، جيڪو صوبائي -اسيمبلي- سنڌ جو ميمبر ۽ ضلعي عمرڪوٽ جو نائب ناظم به رهي چڪو آهي. -ان- کان سواءِ -ٿر- جي ٺڪرن ۾ رامسنگهه سوڍو به مشهور شخصيت آهي، جيڪو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ ٿرپارڪر ضلعي جو وائيس چيئرمئن ۽ نائب ناظم به رهي چڪو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٺڪر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٺڪر - مان نڪتل ٻيون شاخون-
ڀانڊاري/ڀنڊالڙي
ٺڪر سازي
ٺولهڙيون
ڀُنگري ڀُونگرِي
توگو ٺڪر


سماج - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آبادڪاري
آبادِي
بابي تحريڪ
باٽ کولڻ
باٺا
باپراڻي
باجاري
باجائِي
باجر
باجڪاڻي
باڇڪاڻي
باخلاڻي
بادا
بادِيا2
آبداڻي
آبراڻي
آبڙ
بارَڪ زَئي
بار مِيرا
باريجا
بازيگر (قبيلو)
باگڙي (قبيلو)
بانو
بتيلائي
بجاراڻي
ٻاپڙا
بخاري
ٻاگهل
ٻالا
ٻاليشاھي
ٻائوٽ
ٻرا
ٻالاڻي: نک (راءُ پرٿور)
ارغون
ٻلو (اعزاز)
ازبڪ
اشتراڪيت
اعرابِي
اڳڙا
برادري
براديا
براهماڻي ٻرا
برفت
ابدالي
بڙدي
بزنجو
بزنجا
اَتراڻي
احمد زئي
بڪڪ
ادباڻي
آريا
بگٽي
انصاري
اهل بيت
اهير
بگهياڙ (قبيلو)
آهير
آهيڙي
آئين
آغا خان اوارڊ
بهرامي
بهلڪاڻي
بليدي
بنديچا
بنگل زئي
بنو عباس
بني هاشم
بوداڻي
اين ايف سي اوارڊ
ڀاوسار
تميمي
ڀُتا
ٺڪر
ٺلراڻي
تور وال
ڀريا
ثقفي
ڀنڀراڻي
ٽالاڻي
ٽالپر
ڀوت
ڀوت2
ڀُوتاڻي
تغلب
ڀوڄَڪ
تولاڻي
تاتاري قوم
تيبر
تيرس ڌن
تيم
تميم
پيرڪاڻي
جماري
جاجي
جتڪ بلوچ
پاڙو
جٽ
جِپسي
جدگال


.....سماج موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن