ٻاجهري

ٻاجهر/ ٻاجهري: اناج/ پوک جو هڪ قسم، جنهن جو فصل اونهاري جي مند ۾ لهندو آهي. ٻاجهر ڪتيءَ جو مکيه فصل آهي. ٻاجهر جو ٻوٽو ڇهن فوٽن کان وٺي ڏهن فوٽن تائين اوچو ٿيندو آهي ۽ هر ٻوٽي مان ڪيترائي سنگ ڦٽن ٿا. ٻاجهر جا سنگ مضبوط ۽ سڌا ٿيندا آهن. سنڌ ۾ هر هنڌ هيءُ فصل ٿئي ٿو. ٻاجهري جي فصل لاءِ گرم ۽ گهميل هوا گهرجي. جيئن ته هيءَ پوک ٿوري پاڻيءَ تي ٿيندي آهي. سنڌ ۾ هيءُ فصل ڪوهستان ۽ ٿر جي علائقن ۾ عام طرح باراني ۾ ٿيندو آهي. ٻاجهر جو اناج ۽ گاهه جانورن جي چاري طور به استعمال ٿيندو آهي. گهوڙا خاص ڪري ٻاجهر جو داڻو کائيندا آهن. ٻاجهري داڻي ۽ رنگ جي لحاظ کان ٻن قسمن جي ٿئي ٿي: هڪڙي ننڍن داڻن واري، جنهن کي ”ٻاجهري“ چون ۽ ٻي وڏن داڻن واري، جنهن کي ”ٻاجهر“ چون. پيداوار جي لحاظ سان وڏي داڻي واري ”ٻاجهر“ فائديمند آهي.
ٻاجهري جي ماني دير هضم ٿيندي آهي. حڪيمن جو چوڻ آهي ته ٻاجهر جي خاصيت سبب ڪيترين ئي بيمارين جي علاج لاءِ ڪم آڻيندا آهن. ڳوٺاڻن ماڻهن وٽ به ان جا ڪيترائي ڪارج آهن. ٻاجهر جي اٽي مان لپري رڌي ڳوڙهن تي ٻڌبي ته ڳوڙهن کي نرم ڪري، ڦاڙي وجهندي آهي. ٻاجهري ۽ لوڻ گڏي ڪوسا ڪري پاسي جي سور تي ٽاڪور ڪرڻ سان آرام ايندو آهي. هن فصل جي ڪڙٻ، مال چاري لاءِ هاري ماڻهو دَنِ ڪري رکندا آهن ۽ ڪتر ڪري مال کي کارائيندا آهن. سياري جي موسم ۾ ٻهراڙيءَ جا ماڻهو صبح جو ٻاجهر جي رٻ پي، ڏاند ڪاهي هرن تي هليا ويندا آهن. ٻاجهري جي اَٽي جي ماني کير سان تمام شوق سان کائبي آهي. تازي ويايل عورت کي به ٻاجهري جي رٻ پياربي آهي. ٻاجهر جي ماني ۽ ڳائي مکڻ جي ڪُٽي مزيدار ٿيندي آهي .


لفظ ٻاجهريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو