داخلا نمبر 433
عنوان ٻاجهي فقير خاصخيلي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 256 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ٻاجهي فقير خاصخيلي

ٻاجهي فقير خاصخيلي: ٻاجهي فقير مشهور سگهڙ شاعر ٿي گذريو آهي. ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ (ضلعي سانگهڙ) کان ٽن ميلن جي پنڌ تي موجود ڳوٺ سرانڍ، تعلقي سنجهوري جو رهندڙ هو. 1923ع ڌاري گذاري ويو. سندس ڀاءُ حاجي پڻ شاعر هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو