داخلا نمبر 450
عنوان ٻاراچ (ڳوٺ)
شاخ ڳوٺ
پڙهيو ويو 318 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ٻاراچ (ڳوٺ)

ٻاراچ: هنن کي ٻارچ به چون، هنن مان ڪيترا جهمپير ويجهو ڪينجهر جي وٽ سان آباد آهن. انهن مان جمعو ٻارچ مشهور سگهڙ ٿي گذريو آهي. مٺي (ضلعي ٿرپارڪر) ۽ اسلام ڪوٽ جي وچ تي هڪ مشهور ڳوٺ، جنهن تي ٻاراچ ذات جا مسلمان رهڻ ڪري نالو پيو. هن ڳوٺ ۾ ٻاراچ، سوٽهڙ، ڀيل ۽ ڪولهي ذاتيون آباد آهن. 1971ع جي پاڪستان- انڊيا جنگ جي شهيدن جي جو مقبرو به هتي جوڙيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو