داخلا نمبر 754
عنوان ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 620 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج

ٻال ڪرشن. ڊي. ڪمل ”سرتاج“: ناميارو چترڪار ۽ شاعر ٻالڪرشن ڊي. ڪمل سرتاج، 12 مئي 1932ع تي مٺيءَ ۾ ڄائو. بي. اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”نهرو“، ”شرڌانجلي“، ”امن جون ڳالهڙيون“، ”نازڪ مکڙيون“ ۽ ”ڪارا ڀؤنر“ قابل ذڪر آهن. ان کانسواءِ سؤ کان مٿي چتر ڪڍيل اٿس. سورڻڪر ڪالوني، راجسٿان، پوليس اڪئڊمي، نهرونگر، جئپور ۾ رهائش پذير هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.05.12  عيسوي

شاعر ٻالڪرشن ڊي. ڪمل سرتاج، 12 مئي 1932ع تي مٺيءَ ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون