داخلا نمبر 756
عنوان ٻالاڻي: نک (راءُ پرٿور)
شاخ قبيلا ۽ ذاتيون
پڙهيو ويو 270 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ٻالاڻي: نک (راءُ پرٿور)

ٻالاڻي: نک (راءُ پرٿور ):گوتر ”ڪشيپ“ هيءُ چوهاڻ راجپوتن مان آهن. اصلي دهليءَ ۾ رهندا هئا، پر پوءِ پرٿوي راج ۽ راجا جئچند جي پاڻ ۾ اڻبڻت ٿي ۽ لڙايون لڳيون، ته هي دهليءَ مان بدامنيءَ سببان لڏي، سنڌ ۾ آيا. اهي راجا پرٿوي راج جا همعصر هئا، پر سندن نک جو نالو ”راءُ پرٿور“ آهي. تنهن مان سمجهجي ٿو ته راجا پرٿوي راج جو خود چوهاڻ راجپوتن مان هو، تنهن جو مٿن هٿ هو، تنهنڪري پنهنجيءَ نک تي سندس نالو رکيائون. ساڳيءَ ريت لهاڻن ۽ ڀاٽين جي ڪيترين نکن جي نالن اڳيان ”راءِ“ لفظ گڏيل آهي، جو ڪڇ جي راءِ جو مٿن هٿ هو. اهڙا ٻيا مثال به آهن .
هيءَ تاريخي حقيقت آهي، ته دهليءَ ۽ اجمير جي راجا پرٿوي راج ۽ راجا جئچند ڪنوج (ڪانيه، ڪبج) جي راجا جو پهريائين پاڻ ۾ ايتري قدر ساز سلوڪ هو، جو سلطان شهاب الدين دهليءَ تي ڪاهي آيو، ته راجا جئچند پنهنجي ماسات راجا پرٿوي راج جو طرف وٺي بيٺو ۽ سلطان کي شڪست ڏيئي ڪڍيائون، پوءِ پاڻ ۾ اڻبڻت ٿين .
1193ع ۾ سلطان شهاب الدين ٻيو ڀيرو دهليءَ تي ڪاهي آيو، ته راجاجئچند شخصي ساڙ وير وچان سلطان شهاب الدين سان ٻٽ ٿي بيٺو. نتيجو هيءُ ٿيو، ته راجا پرٿوي راج مارجي ويو ۽ دهلي ۽ اجمير جي حڪومت هندن جي هٿان هلي وئي .
1194ع ۾ سلطان شهاب الدين خود راجا جئچند تي ڪاهي آيو ۽ سندس رفيقن جون سسيون ترارين سان لهرائي، ڪنوج ۽ بنارس پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين. مسلمانن حاڪمن پوءِ بنگال، بهار ۽ ائوڌ به هٿ ڪيا. ائين سڄو اتر هندستان هندن جي هٿ مان نڪري ويو .
ٻالاڻين جا وڏا جيڪڏهن انهن لڙاين جي هراس وچان سنڌ ۾ آيا هئا، ته چئبو ته سومرن جي صاحبيءَ ۾ آيا هوندا ۽ سنڌ ۾ آئي اٺ صديون ٿيون اٿن، جنهن ڪري هيءَ نهايت آڳاٽي آڪهه چئبي. هن وقت هو پاڻ کي پنهنجي وڏي ڏاڏي سيٺ ٻالي مل جي نالي پٺيان سڏائين ٿا، جو نوشهري فيروز ۾ رهندو هو. سيٺ ٻالي مل کي هڪ پٽ سيٺ چوئٿرام هو، جنهن کي ٻه پٽ تيجا رام ۽ ٻيجا رام هئا. ٻنهي ڀائرن جو اولاد هن وقت نوشهري فيروز ۾ آهي. ميرن جي صاحبيءَ ۾ ايسراڻي ۽ مورجاڻي نوشهري ۾ بٽئي ۽ اجاري جي بستگيءَ (تڪ) لاءِ مقرر ٿيل هئا. اهي پوءِ خيرپور مير صاحب واريءَ جي ويجهو ڳوٺ ڀرڳڙين ۾ وڃي رهيا، جو مير سهراب خان وٽ نوڪريءَ ۾ هئا (ڏسو: ”ايسراڻي“). ان وقت ٻالاڻين مان سيٺ چوٽرمل جي آڪهه وارا مورجاڻين سان گڏ، نوشهروفيروز ڇڏي ڀرڳڙين لڏي ويا ۽ اتي وڌيا ويجهيا. هن وقت ڀرڳڙين ۾ ٻالاڻين جا سترهن ارڙهن گهر آهن. منجهائن ڪي وڪيل، ڊاڪٽر ۽ ماستر آهن، ته ڪي سرڪاري نوڪرين ۾ آهن. نوشهري فيروز ۾ ٻالاڻين جا سٺ کن گهر آهن. منجهائن ڪي وڪيل، ڊاڪٽر ۽ زميندار ته ڪي واپاري آهن. ٻالاڻين مان مسٽر تولارام هڪ چڱو ديس شيوڪ هو. اخبارن ۽ مخزنن ۾ عمدا عمدا ليک لکندو هو. نوشهري فيروز جي ٻالاڻين مان، جن پهريائين ڊاڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو، تن مان هڪڙو ڊاڪٽر لوڪومل سيرومل هو، جو نهايت خوش مزاج ۽ رلڻو ملڻو مڙس هو ۽ ويجهڙائيءَ ۾ گذاري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

قبيلا ۽ ذاتيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باٺا
باپراڻي
باجاري
باجائِي
باجر
باجڪاڻي
باڇڪاڻي
باخلاڻي
بادا
بادِيا2
قبيلا ۽ ذاتيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون