داخلا ؛ 613
پڙهيو ويو ؛ 897
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-01-16


تصويرون


Banho-Khan-Sheikh.jpg
ٻانهو خان شيخ
ٻانهو خان شيخ



ٽائيم لائين

19.04.1928-A.D
ٻانهون خان شيخ 19 اپريل 1928ع تي ڀٽ شاهه ۾ ڄائو.

19.10.2008-A.D
ٻانهي خان ڊگهي بيماريءَ سبب 19 آڪٽوبر 2008ع تي وفات ڪئي.




sindhianaسنڌيانا--ٻانهون خان شيخ

ٽائيٽل ؛ ٻانهون خان شيخ


شاخ : شخصيت

ٻانهون خان شيخ: ڀٽ شاهه، ضلعي مٽياري جو ويٺل بزرگ ٻانهون خان شيخ، هڪ عالم شخص هو. هي روينيو کاتي جو رٽائرڊ آفيسر هو. 19 -اپريل- 1928ع تي ڀٽ شاهه ۾ ڄائو. شاهه لطيف جي رسالي سان وڏو شغف رهيس. لطيف سائينءَ جي درگاهه جي فقيرن جو صحبتي رهيو. ويهه سال راتين جا اوجاڳا ڪري، هن، فقير محمد ابراهيم جو راڳ ٻڌو ۽ -ان- جي يادداشت وارو سمورو ڪلام قلمبند ڪرڻ کان پوءِ -تمر فقير- جي -اوطاق- ۾ رکيل شاهه جي گنج (1207 هه/ 1792ع جي لکيل)،ميين احمد ڀٽائيءَ جي لکيل رسالي (1304 هه/ 1886ع )،ميين محمد ۽ ميين حسين جي لکيل رسالي (1300 هه/ 1882) ۽ ماستر محمد سارنگ لنجواڻيءَ جي لکيل رسالي ۽ سمورن ڇاپي رسالن کي ڀيٽي، هن 1960ع ۾ شاهه جي رسالي جو هڪ مسودو تيار ڪيو. -ان- وچ ۾ کيس ٻه پراڻا قلمي نسخا، ٽنڊي مير محمود جي مير صاحبن جي ڪتبخاني مان ۽ سيد مسڪين شاهه کاڻوٺيءَ جي ڪتبخاني مان هٿ آيا ۽ 1949ع، 1974ع ۽ 1977ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان -بلوچ- جي ڇپايل رسالن کي به هن آڏو رکيو. اهڙيءَ طرح شاهه جي رسالي جو مڪمل متن 31 سرن، 4469 بيتن ۽ 300 واين تي مشتمل، لفظي ۽ اصطلاحي معنيٰ سميت تيار ڪيائين. هن رسالي جا ٽي ڀاڱا شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽيءَ ڇپائي پڌرا ڪيا آهن، -جن- ۾ هن بيتن کي صحيح اچارن سان پڙهڻ لاءِ اعرابون ڏنيون ۽ ڏکين لفظن جون معنائون پڻ ڏنيون. ٻانهي خان ڊگهي بيماريءَ سبب 19 -آڪٽوبر- 2008ع تي وفات ڪئي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ٻانهون خان شيخ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٻانهون خان شيخ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن