داخلا نمبر 596
عنوان ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 603 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ڊاڪٽر رفيق احمد ٻانڀڻ

ڊاڪٽر رفيق احمد ٻانڀڻ

ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد

ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد: ڊاڪٽر رفيق احمد ٻانڀڻ، حاجي سوڀارو خان ٻانڀڻ جي ڳوٺ ڪنڊياري، تعلقي فيض گنج ۾ پهرين مئي 1960ع تي ڄائو، هن ايم. بي. ايس جي ڊگري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ورتي. هي پيشي جي لحاظ کان زميندار آهي. سندس تعلق پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سان آهي. هو ايران ۽ سعودي عرب زيارتن لاءِ وڃي چڪو آهي. خيرپور جي تڪ پي ايس 31 مان ايم پي اي آهي. اسميبليءَ ۾ هائوس ڪميٽي، ماحوليات، پبلڪ اڪائونٽس، هيلٿ، پبلڪ هيلٿ انجبنيئرنگ ۽ نوجوانن واري معاملي بابت ڪميٽين جو ميمبر آهي. سندس مستقل رهائش ڪنڊياري تعلقي فيض گنج ضلعي خيرپور ۾ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.00.00  عيسوي

ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد: ڊاڪٽر رفيق احمد -ٻانڀڻ- ، حاجي سوڀارو خان -ٻانڀڻ- جي ڳوٺ ڪنڊياري ، تعلقي فيض گنج ۾ پهرين مئي 1960ع تي ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون