داخلا ؛ 338
پڙهيو ويو ؛ 1603
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2011-12-20


تصويرون


Keerat-Babani.jpg
ڪيرت ٻاٻاڻي
ڪيرت ٻاٻاڻي



ٽائيم لائين

1922.01.03-A.D
ڪيرت ٻاٻاڻي ڳوٺ موريو لاکي ، تعلقي سڪرنڊ ، ضلعي نوابشاهه ، ( هاڻي بينظير آباد ) ۾ 3 جنوري 1922ع تي جنم ورتو.

1956.00.00-A.D
ڪيرت ٻاٻاڻي ورهاڱي تي هڪ ليک لکيو، جيڪو ” تون پُڇين ٿو ته مان اُداس ڇو آهيان! “ جي نالي سان 1956ع جي ” مهراڻ “ رسالي ۾ ڇپيو

1967.04.10-A.D
ڪيرت ٻاٻاڻي ساٿين سان گڏجي سان گڏجي 16 سالن جي ڊگهي جدوجهد کان پوءِ سنڌي ٻولي کي ڀارتي آئين ۾ 10 اپريل 1967ع تي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرايو

1981.00.00-A.D
هن 1981ع ۾ روس جو دورو ڪيو

1991.00.00-A.D
ڪيرت ٻاٻاڻي 1991ع کان اڄ تائين ماهوار ” سنڌ سجاڳ “ ( سنڌيءَ ۾ ) ۽ ” سنڌ رائيزز “ ( انگريزيءَ ۾ ) رسالا ڪڍندو رهي ٿو




sindhianaسنڌيانا--ٻاٻاڻي ڪيرت

ٽائيٽل ؛ ٻاٻاڻي ڪيرت


شاخ : شخصيت

ٻاٻاڻي ڪيرت: ڪيرت ٻاٻاڻي سنڌ ۽ هند جي چند غير معمولي اديبن ۽ مفڪرن مان هڪ آهي، جنهن جون قومي، ادبي ۽ سنڌي -ٻولي- لاءِ ڪيل خدمتون سنڌ ۽ سنڌي -ٻولي- جي -تاريخ- ۾ هميشه ياد رهنديون. هن جو پورو نالو ڪيرت چوئٿرام ٻاٻاڻي آهي. هن جي -جنم- ڀومي ڳوٺ موريو لاکو، -تعلقو- سڪرنڊ، ضلعو نوابشاهه، (هاڻي بينظير آباد) آهي، -جتي- هن 3 -جنوري- 1922ع تي -جنم- ورتو. هن اسڪولي -تعليم- مئٽرڪ تائين ”ولس اسڪول نوابشاهه“ (لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نواب شاهه جي برانچ، هاڻي گورنمينٽ ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول جي برانچ) ۾ حاصل ڪئي. هن جي -تعليم- بي. اي ۽ ايل. ايل. بي آهي. نوابشاهه ۾ شاگرديءَ دوران -استاد- روچيرام ٿانواڻي جي ترتيب هيٺ قومپرستي جو صلو من ۾ انگوريس. سنڌ اندر مزدور ۽ شاگرد جدوجهد سان گڏ انگريزن کان ملڪ جي -آزادي- جي تحريڪ ۾ ڪانگريس جي اثر هيٺ حصو ورتائين. -ان- زماني ۾ ٽنڊي آدم ۽ نوابشاهه ۾ جلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو. اسڪولي جيون ۾ پرڀات ڦيريون ڏيڻ، هٿ سان پترا لکي ورهائڻ ۽ قومي ڏينهن ملهائڻ سندس مشغوليون هيون. سنڌ اسٽوڊنٽس ڪانگريس جو سيڪريٽري رهيو. سنڌ ۾ سندس ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، حشو ڪيولراماڻي، سائين جي. ايم سيد، شيخ اياز، -حيدر بخش جتوئي- ۽ قاضي فيض محمد سان تعلقات رهيا. هي بنيادي طرح -ترقي- پسند ۽ سنڌ دوست اديب ۽ دانشور آهي. شيخ اياز، ڪيرت بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته ”ڪيرت ٻاٻاڻي منهنجو پراڻو دوست آهي، -ان- جو شمار سنڌي قوم جي عظيم محب وطنن ۾ ڪري سگهجي ٿو. هن جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪافي وسيع آهي ۽ هن جي پنهنجي قوم سان مڪمل وفاداري (Absolute Commitment) آهي.“ ڪيرت بنيادي طرح -آزادي- جي هلچل جي پيدائش آهي، هو سنڌي ادبي سنگت جي اوائلي ميمبرن مان آهي ۽ هن، سنڌ ۾ رهڻ دوران جديد -ترقي پسند ادب- کي اي. جي. اتم، گوبند پنجابي ۽ گوبند مالهي سان گڏجي همٿايو. ’نئين دنيا‘ ڪتاب گهر ڪراچي جو -ان- ڏس ۾ وڏو ڪردار آهي. هن ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ڇڏڻ نه ٿي چاهي، پر پهرين سرڪار کيس -باغي- سرگرمين ۾ شرڪت سبب 11 مهينا قيد ۾ رکيو ۽ -آزادي- بعد به سي. آءِ. ڊي سندس پيڇو نه ڇڏيو. ڪجهه وقت جي. ايم. سيد ۽ -حيدر بخش جتوئي- وٽ لڪندي گذاريائين. -جتوئي- صاحب جي ”هاري حقدار“ -اخبار- سنڀاليائين، پر سيءَ. آءِ. ڊيءَ سندس پيڇو نه ڇڏيو ۽ نئين پاڪستاني حڪومت هڪدم ملڪ ڇڏڻ جو پروانو هٿ ۾ ڏئي، کيس سنڌ مان زوريءَ روانو ڪيو ۽ هو اکين مان لڙڪ لاڙيندو پنهنجي -جنم- ڀومي کي الوداع ڪري هند روانو ٿي ويو. -ان- ئي پسمنظر ۾ هن لکيو هو ته: ”تون پُڇين ٿو ته مان اُداس ڇو آهيان!“ سندس اهو ليک 1956ع جي ”مهراڻ“ رسالي ۾ ڇپيو.
ڪيرت ٻاٻاڻي وطن ڇڏڻ کان پوءِ هند ۾ ڪيترن سماجي، ادبي ۽ ثقافتي تنظيمن سان واڳيل رهيو. هُو ”اکل ڀارت، سنڌي -ٻولي- ۽ ساهت سڀا“ جو 18 سالن تائين صدر رهيو. جنهن پليٽ فارم -تان- هن پنهنجي بزرگن ۽ ساٿين بي. ايڇ ناگراڻي، لالسنگهه اجواڻي، اي. جي. اتم، گوبند مالهي، ڪرشن راهي، موتي پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي، هري دلگير، ڪلا پرڪاش، موهن ڪلپنا، لڇمڻ ڪومل، سندري اتمچنداڻي، -ٽيڪچند مست- ۽ ٻين سان گڏجي 16 سالن جي ڊگهي جدوجهد کان پوءِ سنڌي -ٻولي- کي ڀارتي -آئين- ۾ 10 -اپريل- 1967ع تي سرڪاري -ٻولي- تسليم ڪرايو. ڪيرت ٻاٻاڻي، ساهتيه اڪيڊمي دهلي جي سنڌي -ٻولي- جي صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو آهي. هن 1981ع ۾ روس جو دورو ڪيو، 1983ع ۾ ورلڊ پيس ڪائونسل طرفان ’چيڪو سلواڪيا‘ ويو. -ان- کان سواءِ انٽرنيشنل سنڌي ڪانفرنس جي سڏ تي -آمريڪا- ۽ انگلينڊ جا دورا ڪيائين، کيس ”سوويت لئنڊ نهرو“ امن اوارڊ (1980ع)، -تعليم- کاتي دهلي پاران ”اعليٰ ادبي خدمتن تي مڃتا“ اوارڊ (1986ع)، مهاراشٽر سنڌي ساهتيه اڪاڊمي پاران ادبي اوارڊ (1989ع)، ڀارتيه ڀاشا پريشد پاران ”ادبي اوارڊ“ (1992ع) ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران ”جي. ايم. سيد اوارڊ“ وغيره ملي چڪا آهن.
ڪيرت ٻاٻاڻي جي ڇپيل ڪتابن ۾: ”هوءَ“ (ڪهاڻيون 1956ع)، ”مالوا“ (مئڪسم گورڪيءَ جي ناول جو ترجمو: 1958ع)، ”ڪولي“ (ملڪ راج آنند جي ناول جو ترجمو: 1960ع)، ”جو درد دل ۾ سمائجي نه سگهيو“ (ڪهاڻيون: 1966ع)، ”سوريءَ سڏ ڪيو“ (ناٽڪ: 1972ع)، ”ادب ۾ قدرن جو سوال“ (تنقيد: 1974ع)، ”لينن دنيا جي عظيم انقلابي شخصيت“ (1980ع)، ”اوک ڊوک“ (تنقيد: 1981ع)، ”چونڊ سنڌي مضمون“ (ترتيب: 1981ع)، ”جيڪي ڏٺو هو مون“ (روس جو سفرنامو: 1982ع)، ”اٻول رڻي“ (1982ع)، ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪهاڻيءَ جو جائزو“ (1986ع)، ”امن جي افق ڏانهن“ (مضمون: 1987ع)، ”پيهي منجهه پاتال“ (مضمون: 1987ع)، ”جيئي سنڌ سدا جيئي“ (ڪهاڻيون)، ”نه ليليٰ نه مجنون“ (ڪهاڻيون: 1987ع)، ”چونڊ سنڌي ڪهاڻيون“ (ترتيب: 1989ع)، ”چونڊ سنڌي مضمون“ (1991ع)، ”اوهين سڀ ننگا نڪتا آهيو“ (ڪهاڻيون: 1993ع)، ”ڪجهه ٻڌايم ڪجهه لڪايم“ (آتم ڪٿا، 4 جلد: 1997ع)، ”لڪيو لياڪا پائين“ (شاعري: 2000ع)، ”ڌرتيءَ جو سڏ“ (ناٽڪ: 2004ع)، ”سو سڏ سو پڙاڏو“ (اڌ صديءَ جا خط: 2004ع)، ”سنڌين جو سفر“ (موهن گيهاڻي ۽ هري پنڪج سان گڏ سنڌي -ٻولي- هلچل جو دستاويز: 2007ع)، ۽ ”مراٺي ادب جي تاريخ“ (ترجمو) شامل آهن. -ان- کانسواءِ ڪيرت ٻاٻاڻي 1991ع کان اڄ تائين ماهوار ”سنڌ سجاڳ“ (سنڌيءَ ۾) ۽ ”سنڌ رائيزز“ (انگريزيءَ ۾) رسالا ڪڍندو رهي ٿو. ڪيرت ٻاٻاڻي اڄ به 87 سالن جي عمر ۾ هند ۾ سنڌي -ٻولي- ۽ سنڌيت جو جهنڊو بلند رکيو پيو اچي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ٻاٻاڻي ڪيرت- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٻاٻاڻي ڪيرت - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن