داخلا نمبر 4247
عنوان ٻاگهلائي علي محمد مولوي
شاخ عالم
پڙهيو ويو 206 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جو ضميمو

ٻاگهلائي علي محمد مولوي

ٻاگهلائي علي محمد مولوي: مولوي علي محمد ولد حاجي ڀائي خان 1899ع ڌاري ٻاگهلي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. ان وقت هيءُ ڳوٺ اهو گوني تعلقي ۾ هو، پوءِ ٽنڊو محمد خان ٿيو ۽ هينئر گولاڙچي تعلقي ۾ اچي ٿو. پاڻ شروعاتي تعليم کيبرن جي مدرسي ۾ حاصل ڪيائين. فارسي تعليم ميي (باگراڻي) ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. عبدالعزيز باگراڻي سندس استاد هو. ان کانپوءِ جنهاڻ سومري جي مدرسي ۾ ڪريمان ۽ نام حق جي تعليم ورتائين. بندنامه، سڪندر نامه ۽ صرف به اتي پڙهيو. جنهاڻ سومري جو مدرسو قديم وقت کان قائم آهي، جتي مشهور سياح ابن بطوطه به ويو هو. ان کانپوءِ هن سجاول لڳ آمريءَ جي مدرسي ۾ حاجي فتح علي کان تعليم ورتي، ڪنز ۽ قاضيه مالاڻي ۾ مولوي محمد موسيٰ وٽ پڙهيو. ان بعد لاڙ جي مشهور عالم حاجي حامد الله کان سکپور ۾ نفسيه ميني، تفسير جلالين ۽ مشڪوات شريف جو علم سکيائين. ان کانپوءِ ٻڍي شهر ۾ مولوي محمد موسيٰ وٽ پڙهيو ۽ اتي ئي سندس دستاربندي ٿي. دستاربنديءَ بعد ٻاگهلي موٽي اچي مدرسو کوليائين، جيڪو اڃا تائين هلندڙ آهي. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي علمي ادبي خدمتون سر انجام ڏنيون. ’اسلامي ڳالهيون‘ 16 جلدن ۾ لکيائين. سندس هڪ بياض پڻ آهي. مولوي علي محمد ٻاگهلائي کي عربي ۽ فارسيءَ تي عبور حاصل هو. سندس لائبريري ۾ ڪيترائي عربي ۽ فارسي جا ناياب ڪتاب هئا. هن 1981ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو