داخلا نمبر 692
عنوان ٻجھارت
شاخ ادب
پڙهيو ويو 406 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ٻجھارت

ٻجھارت/ ڳجھارت: ٻجھڻ، ڳولي لھڻ يا سمجھڻ واري ڳجھي ڳالهه، ٻجھارتن جا ٻه قسم ٿين: ھڪڙيون ٻاراڻيون ٻجھارتون (پروليون)، جن کي گھڻو ڪري ڳجھارت نه چئبو آھي. ٻيون وري وڏن ڏاھن ۽ سگھڙن واريون ٻجھارتون، جن کي ”ڳجھارتون“ چوندا آھن، لفظن جي لڪ ۽ اشاراتي ڳالهه نثر توڙي نظم ۾ جوڙڻ کي ڳجھارت سڏبو آھي.
ٻاراڻي ٻجھارت (پرولي) .
چوڻي: ٻجهه ٻجھارت، ٻول ٻاراڻا
گھر گھر ۾ ڳاڙھي ڪنوار
وراڻي: ٻجھيم ٻجھارت اھا ته آھي ”باهه“ .
وڏن سگھڙن جي ٻجھارت/ ڳجھارت:
راڻا تو ڪاٺي، مون نه ڪاٺي .
واٽ: ٻه پاوا (ڪاٺي) ڪاٺي، ڪاٺ جي پٽي يا ”سري“، ڳجھو لفظ ”سري“ .
ڀڃڻي: راڻا تو سري، مون نه سري.
مراد: مومل راڻي کي ڏوراپو ڏيندي چوي ٿي ته ’راڻا! تنھنجي ته مون کان سواءِ سري وئي، پر منھنجي تو کان سواءِ نه سري ۽ آءٌ تو ڪاڻ پئي جھوراڻي ۾ جھڄان ۽ جھران‘ (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو: ”ڳجھارت“.)


هن صفحي کي شيئر ڪريو