داخلا ؛ 745
پڙهيو ويو ؛ 669
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-01-21


تصويرون


Muhabat-Buriro.jpg
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو



ٽائيم لائين

1952.03.25-A.D
ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙو 25 مارچ 1952ع تي قنبر شهر ۾ ڄائو.

1997.04.09-A.D
ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙي دل جي دوري سبب 9 اپريل 1997ع تي قنبر ۾ وفات ڪئي.




sindhianaسنڌيانا--ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر

ٽائيٽل ؛ ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر


شاخ : شخصيت

ٻرڙو، محبت علي، ڊاڪٽر: سنڌ جو لائق اديب، محقق، مترجم، سياسي ۽ سماجي اڳواڻ، ايڊيٽر، استاد، ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙو 25 مارچ 1952ع تي نور شاهه محلي، قنبر شهر ۾ هڪ پورهيت شوڪت علي -ٻرڙي- جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي -تعليم- گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول قنبر مان، مئٽرڪ ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان ۽ انٽر سائنس (پري ميڊيڪل) 1971ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي. -ان- بعد ايم.بي.بي.ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج (ايل. ايم. سي) مان پاس ڪيائين. ايم.بي.بي.ايس پاس ڪرڻ کان پوءِ آرميءَ ۾ بطور ڊاڪٽر چونڊجي ڪئپٽن ڊاڪٽر جي حيثيت سان گلگت، اسڪردو ۾ رهيو، پر پنهنجي آزاداڻي طبيعت سبب آرميءَ جي نوڪريءَ -تان- مستعفي ٿي، ميلون جونس بلڊ -بئنڪ- ڪراچي ۽ -آغا خان- چيريٽيبل ڊسپينسري ڪراچيءَ ۾ خانگي ملازمت ڪئي، پر ستت ئي قنبر هليو آيو، -جتي- لطيف ڪلينڪ تي، باگي ديري محلي، گوپانگ محلي ۽ علي خان محلي ۾ مريضن جو علاج ڪندو هو، انهي عرصي دوران دل جي دوري سبب 9 -اپريل- 1997ع تي قنبر ۾ وفات ڪيائين .
ڊاڪٽر محبت علي ٻرڙي، ايل. ايم. سيءَ ۾ -تعليم- دوران مختصر ڪهاڻيون، طنز مزاح ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا، جيڪي -ان- وقت جي مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا. اتان کان سندس صحافت جي شروعات ٿي. 1992ع ۾ روزاني ”جاڳو اخبار“ ڪراچيءَ جو قنبر تعلقي لاءِ نمائندو رهيو. 1978ع ۾ ”ڏاهپ ڪتاب گهر“ نالي پبلشنگ ادارو قنبر ۾ قائم ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب روزاني ”هلال پاڪستان“ جو نگران به رهيو. هن پنهنجا ڪتاب مختلف نالن سان لکيا، -جن- ۾ ڪٿي محبت ٻرڙو، ته ڪٿي سڄڻ لطيف، مهراڻ مگسي، ساجد، سجاد قنبروي نالا استعمال ڪيا. هن جي ڇپيل ڪتابن مان ڪي سندس زندگيءَ ۾ ته ڪي کانئس پوءِ شايع ٿيا آهن، -جن- ۾: (1) سنڌي ٻوليءَ جو دشمن نمبر پهريون ڪير؟ (1998ع)، (2) شهيد فاضل راهو ۽ سندس پارٽي، (1988ع)، (3) ڄاڻي سڃاڻي، ويهان ڪيئن ماٺ ڪري، (1988ع)، (4) سنڌي عوام جو قومي -اتحاد- ۽ ڪي سازشي، (1989ع)، (5) پ. پ. پ حڪومت جا پهريان ٽيهه ڏينهن، (1989ع)، (6) سنڌيو سجاڳ ٿيو، (1989ع)، (7) سنڌي مار سورما، (1990ع)، (8) سنڌين جا اتحاد، (1902ع)، (9) ايم. ڪيو. ايم ڪي دهشتگرد سياست، (10) چين مٿان ڳاڙهو تارو، (11) -اٽڪ- قلعي کان (1990ع(، (12) موسيٰ کان مارڪس تائين، (2006ع)، (13) جدلي ماديت جا بنيادي اصول(2008ع)، (14) ٻوليءَ جو بڻ (2007ع)، (15) -انسائيڪلوپيڊيا- سنڌيڪا (1998ع)، (16) ماڻهو ۽ ماڻهپو(1999ع)، (17) شعور (2004ع)، (18) ڌرتي منهنجو گهر (2009ع)، (19) سنڌ، حڪمران، -ايم ڪيو ايم- ۽ سنڌي عوام (2006ع). -ان- کان سواءِ لا تعداد مقالا، مضمون ۽ ٻيا ڪتاب پڻ موجود آهن. ڊاڪٽر محبت جي وفات کان پوءِ سندس ويجهن دوستن ۽ شاگردن، سندس ياد ۾، ”کيرٿر سائنس اڪيڊمي“ جو نالو تبديل ڪري ’ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي‘ نالو رکيو. هن اڪيڊميءَ پاران هر سال ”محبت ٻرڙو اوارڊ“ ڏنا ويندا آهن .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن