داخلا نمبر 833
عنوان ٻلهڻ (ڳوٺ)
شاخ ڳوٺ
پڙهيو ويو 250 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ٻلهڻ (ڳوٺ)

ٻلهڻ: ٻلهڻ ڳوٺ (۽ پڻ ديهه) جو نالو، جيڪو سيوهڻ کان 7 ميل اولهه طرف منڇر جي ڪناري تي آهي. چچ نامي جي لکت مان گمان نڪري ٿو ته هن ڳوٺ جو اصل سنڌي نالو ”بندهان“ هجي ۽ منڇر جي ڪنهن قديم بند سبب انهيءَ بستي تي اهو نالو پيو هجي، يا ممڪن آهي ته اهو نالو اصل ۾ ٻنڌاڻ هجي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو