داخلا نمبر 1041
عنوان ٻهارا
شاخ ڳوٺ
پڙهيو ويو 252 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ٻهارا

ٻُهارا: ضلعي ٺٽي جي تعلقي ميرپورساڪري ۾ هڪ ديهه ۽ ڳوٺ جو نالو. ٺٽي ضلعي جو هيءُ مشهور ڳوٺ آهي، جيڪو ”ٻهارا“ ذات جي ماڻهن جي رهائش سبب انهيءَ نالي سان سڏجي ٿو. هيءُ ڳوٺ بگهاڙ واهه جي ڪناري تي آباد آهي. هتي جي ماڻهن جو عام پيشو پَکا، تڏا، تئونريون، رسا، واجهه ۽ کارا ٺاهڻ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو