داخلا ؛ 1014
پڙهيو ويو ؛ 1558
پسند ڪيو ويو ؛ 22
تاريخ ؛ 2012-02-02


تصويرون


Languages_World.gif
ٻولي
ٻولي

pakistan-languages.jpg
پاڪستان ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون
پاڪستان ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون

language.JPG
ٻولي
ٻولي

Top-25-Languages-Chart-2.jpg
ٻولي
ٻولي

World-Population-and-Languages-Chart.jpg
ٻولي
ٻولي



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ٻولي

ٽائيٽل ؛ ٻولي


شاخ : ثقافت

ٻولي: -ٻولي- سماج ۾ انساني زندگيءَ جي هر هڪ پهلوءَ سان واسطو رکي ٿي، -ان- ڪري -ان- جي اهميت تمام گهڻي آهي. لفظ ’ٻولي‘ ”ٻولڻ“ مان نڪتل آهي، جيڪا هڪ اهڙي قوت آهي، جنهن جي ذريعي ساهوارا هڪ ٻئي سان رابطو رکي سگهن ٿا. ٻولڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ فرق شعور جو به آهي ته نواڻ جو به، جانور ٻوليندا آهن ۽ هميشه هر هنڌ هڪ جهڙو ٻوليندا آهن، جڏهن ته -انسان- ڳالهائيندا آهن، ۽ سندن ٻوليون وڌنديون ويجهنديون تبديل ٿينديون آهن .
1. هر ڪو جسماني توڙي دماغي طور صحتمند ماڻهو ننڍپڻ ۾ پنهنجن ڳالهائڻ وارن عضون ذريعي پيدا ڪيل آوازي رابطي ذريعي ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ جا عمل سکي ٿو. انهيءَ وسيلي سان هو ڄاڻ منتقل ڪري ٿو، پنهنجن جذبن ۽ احساسن جو اظهار ڪري ٿو، ٻين جي عملن تي اثرانداز ٿئي ٿو ۽ انهن سان دوستي يا دشمنيءَ وارا ناتا رکي ٿو .
2. آوازي سرشتي جي مختلف جوڙجڪ سان مختلف ٻوليون وجود ۾ آيل آهن ۽ اهو چئي نه ٿو سگهجي ته ڪيتري فرق سان هڪ -ٻولي- ٻيءَ کان جدا سمجهي وڃي، ڇو ته ڪي به ٻه ماڻهو، ٻه گروهه، ٻه قومون بنهه هڪجهڙو نه ڳالهائيندا آهن، تنهن هوندي به جنهن سطح تي ڪو ماڻهو، ڪو گروهه يا ڪا قوم ٻئي کي سمجهڻ ڇڏي ڏئي، -ان- کي ٻوليءَ جو فرق چئي سگهجي ٿو. ننڍي سطح تي فرق کي لهجن جو فرق چئبو آهي. (ڏسو: لهجا )
3. گروهن جي ٻوليءَ جي بنياد تي سڃاڻپ انهن جي پهرين ٻوليءَ يا مادري ٻوليءَ جي بنياد تي ٿيندي آهي، جيڪا -ٻار- پنهنجي ماحول مان فطري طور سکندو آهي. البته اڪثر سماجن ۾ هڪ ”ٻي“ -ٻولي- به موجود هوندي آهي، يا سکڻي پوندي آهي ۽ اهڙا سماج ٻه- ٻوليائي ٿيندا آهن يا گهڻ ٻوليائي (Bilingual & Multilingual) .
4. -انسان- شين ۽ واقعن کي نالا ڏيئي شين ۽ واقعن جون آوازي علامتون ٺاهي، پنهنجن ساٿين سان ونڊي يا شيئر ڪري ٿو، تڏهن ئي هو هڪ ٻئي کي سمجهي سگهندا آهن. اهي علامتون هو شعوري طرح نه ٿو ٺاهي، بلڪه ازخود ٺهيل آهن ۽ انهن ۾ هڪڙو ربط آهي. -ان- ڪري لسانيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ”ٻولي“ پاڻمرادو اختيار ڪيل آوازي علامتن جي تنظيم آهي، جنهن جي ذريعي هڪ گروهه جا ماڻهو هڪ ٻئي کي سمجهي سگهن ٿا“ .
گفتگوءَ واري -ٻولي- آوازن جي تواتر مان ٺهي ٿي ۽ انهيءَ ساڳئي طريقي سان ٻڌندڙ جي ڪنن تي پوي ٿي. ايئن ماڻهوءَ جو ٻئي ماڻهوءَ سان لاڳاپو جڙي ٿو، -ان- ڪري چئبو ته -ٻولي- قدرت جو هڪ معجزو ۽ انساني سماج جو وڏو ڪرشمو آهي. زبان جي ايجاد، تعمير ۽ -ترڪيب- جي -تاريخ- هزارين سالن تي پکڙيل آهي. جڏهن کان انسانذات گڏجي رهڻ شروع ڪيو، کين هڪ ٻئي سان رابطو رکڻ لاءِ ڪنهن ذريعي ڪنهن وسيلي جي ضرورت محسوس ٿي هوندي ۽ اهو وسيلو هو ”ٻولي“. اها -انسان- پاران هڪ پاڻمرادي اختيار ڪيل آوازي علامتن جي تنظيم آهي، جنهن جي ذريعي هو پنهنجو مافي الضمير ٻئي -انسان- تائين پهچائي ٿو. ٻوليءَ جي ارتقا، -انسان- جي سماجي ۽ ثقافتي ارتقاء سان سلهاڙيل رهي آهي، جيترو ڪو سماج -ترقي- يافته هوندو، اوترو ئي -ان- جي -ٻولي- به -ترقي- يافته هوندي. هر ٻوليءَ جي پنهنجي منفرد خيال جي دنيا آهي، جنهن جو پنهنجو لفظن جو ذخيرو، صوتي ۽ نحوي نمونا آهن. ٻوليءَ جي لحاظ کان دنيا جي ڇهه ارب آباديءَ کي ڇهن هزار گروهن (Communities) ۾ ورهائي سگهجي ٿو، -جن- مان وڏي ۾ وڏو مينڊرين چيني ڳالهائيندڙن جو گروهه آهي، جنهن ۾ 900000000 (نوي ڪروڙ) ماڻهو آهن، جيڪي پوري دنيا جي ماڻهن جو اٽڪل ڇهون حصو آهن. -ان- کان پوءِ 30 ڪروڙ -انگريزي- ۽ 30 ڪروڙ اسپيني ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو آهن، -تان- جو اڌ درجن کن اهڙن گروهن جون ٻوليون به آهن، -جن- جا ڳالهائيندڙ پنجن هزارن کان به گهٽ آهن. هزار کن ٻوليون اهڙيون به آهن، -جن- جا باقي ڪي درجن کن ڳالهائيندڙ بچيا هوندا ۽ اهي موقوف ٿيڻ جي خطري ۾ آهن. -انسان- جي -تاريخ- ۾ ڪنهن به هڪ ٻوليءَ وارو گروهه هڪ فطري ايڪي جي حيثيت رکي ٿو ۽ صرف هڪ -ٻولي- ڳالهائيندڙ ماڻهو ئي هڪ مشترڪ -تاريخ- رکي سگهن ٿا. هر زنده -ٻولي- بزرگن کان ٻارن ۾ منتقل ٿيندي آهي ۽ اهي ئي هر قسم جي روايتن کي اڳيان کڻي ويندا آهن. زندگيءَ وانگر ٻوليون به مسلسل تبديليءَ جي عمل مان گذرنديون رهن ٿيون .
ڪنهن به ٻوليءَ جي -تاريخ- در اصل -ان- جي ڳالهائيندڙن جي -تاريخ- هوندي آهي، جنهن ۾ سندن قوت، ثقافت، سوڀون، مان سنمان، ڀاڳ ۽ ڪڏهن ڪڏهن هار ۽ اڀاڳ جا اهڃاڻ ڏسي سگهبا آهن، -ان- ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن ٻوليءَ جو اڀياس، -ان- جي ڳالهائيندڙ قوم، -ان- جي سماج، تهذيب، تمدن، -تاريخ- ۽ -ثقافت- جو اڀياس هوندو آهي، ڇو جو هر ڪا -ٻولي- انساني عمل جي پيداوار آهي. ٻولي، انساني سماج ۽ سندس سڀيتا کي زنده ۽ محفوظ رکڻ جو واحد وسيلو مڃي وئي آهي. لسانيات ٻوليءَ جي علم کي چئبو آهي. (ڏسو: لسانيات). اها هڪ سائنس آهي، جيڪا سوشل سائنس (سماجي سائنس) سان واسطو رکي ٿي، -ان- موجب -ٻولي- انسانذات سان گڏ وجود ۾ آيل آوازن، آوازي نشانين ۽ علامتن جو هڪ اهڙو نظام آهي ۽ اهڙي تنظيم ۽ عمل آهي، جنهن جي مدد سان هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪ ٻئي سان وهنوار رکن ٿا، واسطو ۽ تعلق رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي سمجهن ٿا. -ٻولي- هڪ فطرتي ۽ قدرتي عمل آهي. جيئن ٻوليءَ ۾ آوازن جي اچارڻ ۽ لفظن جي جڙڻ ۾ صوتياتي سٽاءُ ۽ تنظيم آهي، ايئن ئي فقرن ۽ جملن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ انهن جي ساخت، ڦيرن ۽ ويا ڪرڻي جوڙجڪ ۾ به هڪ تنظيم آهي ۽ اهو سمورو نظام پاڻمرادو جڙيل آهي، ڪنهن جي شعوري ڪوشش جو -ان- ۾ ڪو عمل دخل ڪونهي، انهيءَ سموري نظام جي -ان- وقت تائين ڪا اهميت ڪانهي، جيستائين -ان- جي ذريعي سماج جي فردن ۾ هڪ ٻئي کي سمجهائڻ جي قوت نه آهي، يعني لفظن ۽ جملن جي خاص بيهڪ ۾ معنيٰ ۽ مفهوم جو هئڻ ئي ٻوليءَ کي -ٻولي- بڻائي ٿو .
ان سموري نظام کي سمجهڻ لاءِ -جن- علمن جي ضرورت پوي ٿي، اهي علم لسانيات جا مختلف ڀاڱا آهن: صوتيات، صرفيات، نحويات ۽ معنويات (وڌيڪ ڏسو اهي داخلائون )
ٿلهي ليکي اظهار جا ٻه طريقا آهن، هڪڙو ڳالهايل -ٻولي- ۽ ٻيو لکت (لکيل ٻولي)، جڏهن ڪو به ماڻهو ڳالهائي ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ ٻن ماڻهن جو هڪ ٻئي جي سامهون (يا ڪنهن وسيلي سان جيئن فون -ٽيليويزن- ۽ ريڊيو وغيره) هئڻ ضروري هوندو آهي. هڪڙو ڳالهائيندڙ ته ٻيو ٻڌندڙ، -ان- ڳالهائڻ ذريعي صرف ڳالهائڻ جا عضوا يا آوازن جي ترتيب ۽ تنظيم ٻئي تائين نٿي پهچي، بلڪه چهري جا تاثر، نراڙ جو گهنج يا چپن جي مرڪ، هٿن جي حرڪت، آواز جا لاها چاڙها، بلڪه ٽهڪ، رڙ پڻ انهيءَ کي واضح نموني ٻئي تائين پهچائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا. اهي بصري علامتون هونديون آهن، جيڪي ثقافتي طور مختلف قومن ۽ جاتين ۾ ساڳيون يا جدا جدا ٿي سگهن ٿيون .
ٻولي جيئن ته بنيادي طرح علامتن جو نظام آهي، -ان- ڪري اهي علامتون ظاهر ڪرڻ جا طريقا پڻ بيان ڪرڻ ضروري آهن، ڳالهايل ٻوليءَ جون علامتون مٿي بيان ڪيون ويون آهن. انهن ساڳين علامتن کي هڪ ٻئي طريقي سان ظاهر ڪرڻ جي ضرورت -ان- وقت پيش آئي، جڏهن اظهار ڪرڻ وارو اڪيلو هو ۽ وٽس ٻڌڻ وارو موجود ڪو نه هو. هن ڪا ڳالهه کيس يا وڌيڪ ماڻهن کي چوڻ چاهي، محفوظ ڪرڻ چاهي ته هن علامتن طور خاڪا، نقشا، -تصويرون- ۽ اکر -تخليق- ڪيا ۽ انهن کي به علامتن واري نظام جي شڪل ڏني. ايئن لپيون وجود ۾ آيون (وڌيڪ: ڏسو لپي). ايئن هڪڙن انسانن ٻين انسانن تائين -ٻولي- لکت ذريعي پهچائي. اهو نظام -ترقي- ڪندو، اڄ ڪمپيوٽر جي ٻوليءَ واري منزل تي پهتو آهي. مجموعي طرح -ٻولي- ابلاغ جو اهو نظام آهي، جيڪو ڳالهائڻ ۽ لکڻ جا وسيلا استعمال ڪري ٿو. ٻوليءَ جو معنيٰ سان تمام گهرو تعلق آهي. بنا معنيٰ جي ٻولي، -ٻولي- نه پر محض آواز آهي. معنائن جي ڏس ۾ چئي سگهجي ٿو ته هر ٻوليءَ ۾ هڪڙيون لغوي معنائون هونديون آهن ۽ ٻيون اصطلاحي، انهن جي پٺيان ڊگهي -تاريخ- هوندي آهي، جنهن ۾ ثقافت، يا ڪلچر جو وڏو ڪردار هوندو آهي .
ٻولي ۽ ڪلچر: اهو ته سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته -ٻولي- محض انفرادي اظهار ۽ ابلاغ نه، پر -انسان- جي گڏيل زندگيءَ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪندڙ وٿ آهي. انساني زندگيءَ جي مجموعي طور هر پهلوءَ سان لاڳاپيل عنصرن کي گڏي -ثقافت- يا ڪلچر چئجي ٿو. -ٻولي- -انسان- جي ڪلچر جو حصو آهي. علم الانسان جا ماهر ٻوليءَ ۽ -ثقافت- جي تعلق بابت تمام واضح آهن. -انسان- کائي ٿو، پيئي ٿو يا ڪپڙا -پائي- ٿو، اها -ثقافت- نه، پر سندس حياتياتي گهرج آهي، پر هو اهي ڪم ڪيئن ڪري ٿو، ڪهڙا کاڌا کائي ٿو، ڪهڙا مشروب پيئي ٿو، يا پوشاڪ جو وٽس ڪهڙو نمونو آهي، اهي ڳالهيون ڪلچر جو حصو آهن ۽ اهي هر ڪو گروهه، جاتي يا قوم پنهنجي پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ سان ڪندي آهي. انهيءَ خاص رنگ ڍنگ کي -ان- قوم جو ڪلچر يا -ثقافت- چئبو آهي (وڌيڪ: ڏسو ثقافت). -ٻولي- -ان- جو سڀ کان اهم پهلو آهي ۽ اها ثقافتي طرح منتقل ٿيندي آهي، مائٽن ۽ وڏڙن ذريعي اها منتقل ٿئي ٿي، -ٻولي- ڪلچر کي اڳتي وڌائي ٿي ۽ ڪلچر ٻوليءَ کي اڳتي وڌائي ٿو. لکيل ٻوليءَ ذريعي ادب ۽ ادب ذريعي -ٻولي- اڳتي وڌن ٿا .
دنيا جي ٻولين جي ورهاست ۾ ڏکڻ -ايشيا- جي ٻولين جو مقام: دنيا جي ٻولين جي ورهاست ٻن بنيادن تي ڪري سگهجي ٿي: نسلي طور (جينيٽڪ) يا ساخت جي هڪجهڙاين موجب، نسلي طور تي ڪيل ورهاست ۾ اهي سڀ ٻوليون، جيڪي ڪنهن هڪ ماءُ ٻوليءَ مان نڪتيون هجن، هڪ هنڌ رکبيون آهن، جنهن ۾ ٻولين جي قدامت جا رڪارڊ جانچبا آهن ۽ اصلوڪين ٻولين (Proto-languages) جي جوڙجڪ ذريعي نتيجا ڪڍبا آهن، جڏهن ته ٻولين جي ساخت جي هڪجهڙاين يعني گرامر جي هڪجهڙائيءَ بابت ڪا واضح ورهاست هن وقت تائين ڪانه ڪئي وئي آهي. البته هڪ ڀيرو ٻوليءَ جو اصل نسل معلوم ڪري پوءِ وري گرامر واري ساخت جي بنياد کي به -ان- سان لاڳو ڪري سگهجي ٿو. انهن اصولن موجب ٿلهي ليکي ٻولين کي ڪيترن ئي گروهن ۾ ورهايو ويو آهي .
هند- يورپي (انڊويورپين ):ڪل نون اهڙين ٻولين مان ست يورپ ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. مثلاً: يوناني، ڪئلٽڪ، بالٽڪ وغيره، ڏکڻ -ايشيا- جي ٻولين جي نسلي ورهاست ۾ پاڪ-هند ننڍي کنڊ کانسواءِ نيپال، سڪم، -ڀوٽان- وغيره جون ٻوليون ٻن گروهن ۾ ورهايون وڃن ٿيون. هند آريائي (انڊو آرين) ۽ ايراني، جيڪا هند يورپيءَ جي هند ايراني گروهه جي -ٻولي- آهي. هن خطي ۾ ڪجهه اصلوڪيون ٻوليون، ڪجهه دراوڙي ۽ ڪي -ايڪڙ- ٻيڪڙ ٻيون (بروشسڪي وغيره) ۽ چين، -تبت- جون ٻوليون اچي وڃن ٿيون .
هند يورپي ٻولين جي هند آريائي شاخ جون اڪثر ٻوليون برصغير ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. جيتوڻيڪ -ان- شاخ کي اهو نالو ڏنو ويو آهي، پر -ان- جي باوجود ڪيتريون هتان جون اصلوڪيون ٻوليون -ان- ڪري هن گروهه ۾ شامل ڪيون وڃن ٿيون، ڇو ته اهي انهن ٻولين سان گهڻو لهه وچڙ ۾ اچڻ ڪري انهن سان گهڻي مشابهت ڏيکارين ٿيون، هتان جو آڳاٽيون پروٽو-آرين اصلوڪيون توڙي آريائي گروهه جون ٻوليون آهن: بنگالي، مراٺي، مشرقي ۽ مغربي هندي گجراتي، لهندا ۽ سنڌي (وڌيڪ ڏسو: سنڌي ٻولي) .
دراوڙي ٻولين واري خاندان ۾ عام طور ڏکڻ هندستان جون گهڻيون ٻوليون اچن ٿيون، -جن- ۾ نمايان ڪنڙ، تامل، تيلگو ۽ ملايالم ۽ سنڌ ۽ -بلوچستان- ۾ ڳالهائجندڙ -بروهي- -ٻولي- شامل آهن. هڪ نظريي موجب (پرپولا )
سنڌيءَ کي به دراوڙي يا پروٽو دراوڙي دفعي جي -ٻولي- سمجهيو ويو آهي. (وڌيڪ: ڏسو دراوڙي ٻوليون )
منڊا ۽ ٻيون ٻوليون: اهڙيون اٽڪل 16 ٻوليون هندستان جي علائقن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون، انهن کي ڪن ماهرن آسٽرو ايشيائي ٻولين جي خاندان سان لاڳاپيو آهي . وڌيڪ ذريعا
pakistan languages:wikipedia

http://en.wikipedia.org/wiki/Languages_of_Pakistan

Language: Wikipedia

http://en.wikipedia.org/wiki/Language

http://newswatch.nationalgeographic.com/2011/03/01/language_diversity_index_tracks_global_loss_of_mother_tongues/
National Geographic




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -ٻولي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٻولي - مان نڪتل ٻيون شاخون-
بازيگر (ٻولي)
باگڙي
اردو
اشوري
الاتان
براهوي
برج ڀاشا
ابجد
الف- بي
الف – بي جي تاريخ
بروڪس ڪات
بشڪرڪ
اپڀرنش
آرامـي
آريائي ٻوليون
انگريزي
ايلميتي خط
آسٽرو ايشيائي ٻوليون
اير
آئيوٽا
بلوچي ٻولي
بنگالي
بوروشسڪي
اوڏڪي اوڏ
اور موڙي
اوريا اُڙيا
اوريائي لپي
توروالي
تولو
تخاري
تيليگو
ٿريلي ٻولي
ٿلي ٻولي
تامل
جتڪي
پارسي ٻولي
پارسي دري
پارڪري
جدگالي
پالي
پانچ پرگنيا
پانيا
جنداوڙا


ثقافت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
ٻولي
اجرڪ
ثقافت کاتو پاڪستان
ثقافت کاتو سنڌ
ترڪي ٽوپي
تهذيب
ٽوپي


.....ثقافت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن