داخلا جي تاريخ 2012-01-31
داخلا نمبر 943
عنوان ٻوڌراج ٻوڌ
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 660 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

ٻوڌراج ٻوڌ

ٻُوڌراج ٻُوڌ: ٻُوڌراج ٻُوڌ جو اصل نالو ڀوڄراج هو، پر ادبي دنيا ۾ ٻوڌراج ٻوڌ جي نالي سان شاعر ۽ ليکڪ طور مشهور آهي، سندس جنم 6- فيبروري 1897ع تي ڪوئيٽا ۾ لوڪومل واڌواڻيءَ جي گهر ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم سکر ۾ حاصل ڪيائين. بمبئي يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 28 سالن تائين هڪ محنتي استاد طور پڙهايائين. اوم منڊليءَ واري دادا ليکراج جي نياڻي ستي ديويءَ سان شادي ڪيائين. هن جي زندگيءَ ۾ سوامي هيمراج ۽ سوامي پرمانند ڦيرو آندو، روحاني ڄاڻ بعد ڀوڄراج مان ٻوڌراج ٿي پيو ۽ ادبي دنيا ۾ ٻوڌ جي نالي سان سڃاپجڻ لڳو. هن ڪهاڻي، شاعري ناٽڪ ۽ سفرناما لکيا آهن، سندس ڪتاب ۾ ”اندر جا آلاپ“، ”سچو ساٿي“، ”ڪشمير ياترا“، ”شڪر- ٻُوڌ“، ”سُنهري سُخن“، ”آتم امرت“، ”گيان ياترا“، ”آتم ڦلواڙي“، ”جيون جي جوت“، ”من دُرست“، ”ٻوڌواڻي“ ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. ”پريم“ نالي رسالو لاڳيتو 5 سال ڪڍيائين، سندس ”چنڊ“ ۽ ٻيا ناٽڪ، سماجي اوڻاين تي سُٺي طنز آهن، سندس ڪتاب ”سچي ساٿيءَ“ جو پرنسپال لعل سنگهه اجواڻي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان جو مهاڳ داد جشن واسواڻي لکيو. 13 آڪٽوبر 1974ع تي پوني ۾ هن جي ياد ۾ هڪ سيمينار ٿي گذريو، جنهن ۾ ان ڪتاب جو مهورت ٿيو. هن 2 آڪٽوبر 1944ع تي مصوريءَ ۾ وفات ڪئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1897.02.06  عيسوي

ٻوڌراج ٻوڌ جو جنم 6 فيبروري 1897ع تي ڪوئيٽا ۾ ٿيو.


1944.10.02  عيسوي

هن 2 آڪٽوبر 1944ع تي مصوريءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون