داخلا نمبر 1097
عنوان ٻيجل
شاخ مختلف
پڙهيو ويو 448 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ٻيجل

ٻيجل

ٻيجل

ٻيجل: سر جي صدا ھڻندڙ مشھور منگتو، جنھن ڪڇ- ڪاٺياواڙ جي راجا راءِ ڏياچ جي سخا جي پرک لاءِ خيرات ۾ سندس سر جو دان گھريو ۽ راءِ ڏياچ به سواليءَ کي خالي نه ڇڏيو، ھٿن سان ڪنڌ ڪپي، منگتي کي ڏئي سرخرو ٿيو. سندس نالو اڄ ڏينھن تائين سنڌ جي سخين (ڏھن ڏاتارن) ۾ ڳڻيو وڃي ٿو .
شاهه لطيف سر سورٺ ۾ هن ڪردار کي آندو آهي. روايتن موجب اهو لوڪ قصو هن ريت آهي: سال 1003ع ڌاري، جھونا ڳڙهه تي سمو حاڪم راءِ ڏياچ حڪومت ڪندو ھو، کيس ھڪ ڀيڻ ھئي، جيڪا اولاد لاءِ سڪايل ھئي، ھڪ ڀيري ڪنھن فقير دعا ڪيس ته:”پٽ ملندئي، پر اھو ئي راءِ ڏياچ جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندو.“ اھو ٻڌي، راجڪماريءَ کان رڙ نڪري وئي، پر لکيو ڪين ٽريو. آخر راجڪماريءَ کي پٽ ڄائو، کيس فقير واري ڳالهه ياد ھئي، سو ٻارڙي کي صندوق ۾ بند ڪري درياهه ۾ لوڙھي ڇڏيائين، اھا صندوق لڙھندي اچي راجا انيراءِ جي ملڪ ۾ نڪتي، ھڪ چارڻ ۽ سندس زال درياهه مان پاڻي ڀرڻ آيا، جن کي اھا پيتي ھٿ اچي ويئي، پيتيءَ مان ان ٻار کي ڪڍي گھر کڻي آيا ۽ مٿس ”ٻيجل“ نالو رکي، پٽ ڪري پاليائون، ٻيجل جڏھن جوان ٿيو ته کيس گڏهه ۽ گھوڙا چارڻ لاءِ جھنگ ۾ ڇڏيو ويو. روايت موجب انھيءَ جھنگ ۾ ڪنھن شڪاريءَ ھرڻ جو شڪار ڪري ان جا آنڊا ھڪ ڪرڙ جي وڻ تي اڇلائي ڇڏيا ھئا، جڏھن ڏکڻ جو واءُ لڳندو ھو ته انھن آنڊن مان اھڙو ته سريلو ۽ من موھيندڙ آواز ايندو ھو، جو جھنگ جا سمورا پکي پکڻ ۽ جيت جانور اچي ان آواز تي مڙندا ھئا، ھڪ دفعي ٻيجل جي ڪنن تي پڻ ساڳيو آواز پھتو، جنھن انھيءَ آواز جو راز آنڊن ۾ ڳولي لڌو ۽ اھي آنڊا پنھنجي ”چنگ“ (گھڻين تندن واري، سرندي نما ھڪ ساز) تي چاڙھي، وڄائيندو ھو. ھاڻي ”چنگ“ جي آواز تي پڻ سڀئي پکي، جيت ۽ جانور موھت ٿي اچي گڏ ٿيندا ھئا، ائين ئي ٻيجل جي انھيءَ چنگ جي ھاڪ ھنڌين ماڳين ٿي ويئي. جڏھن ٻيجل ڄائو ھو، تڏھن راجا انيراءِ کي پڻ ھڪ ڌيءَ ڄائي ھئي، کيس اڳي ئي گھڻيون ڌيئر ھيون، تنھنڪري ھن ان ٻارڙيءَ کي صندوق ۾ بند ڪري درياهه ۾ لوڙھي ڇڏيو. اتفاق سان اھا صندوق لڙھندي اچي راءِ ڏياچ جي ملڪ ۾ نڪتي، جيڪا ”رتني ڪنڀار“ کي ھٿ آئي. ”رتنو ڪنڀار“ پڻ اولاد لاءِ سڪايل ھو، تنھن ان نينگريءَ کي ڌيءَ ڪري پاليو ۽ مٿس ”سورٺ“ نالو رکيائين. جڏھن ”سورٺ“ ساماڻي ته سندس سونھن جي ھاڪ پڻ ھنڌين ماڳين پھچي وئي. اھا خبر جڏھن راجا انيراءِ کي پئي ته ھن سورٺ جو سڱ رتني ڪنڀار کان گھريو، جنھن رضا خوشيءَ سان ھائوڪار ڪئي. رتنو ڪنڀار، جڏھن مقرر ڏينھن تي ڄڃ سنڀرائي شھر مان نڪتو ته راءِ ڏياچ کي خبر پئي ته سندس ئي ملڪ جي ھڪ اپسرا پاڙيسري ملڪ جي بادشاهه سان پرڻجڻ پئي وڃي، ان تي ھو سورٺ کي کڻائي پنھنجي محل ۾ آيو ۽ شادي ڪري ويھي رھيو. اھا خبر جڏھن راجا انيراءِ تائين پھتي ته ھو وڏو لشڪر سنڀرائي، جھونا ڳڙهه تي ڪاھي آيو. ٻارھن مھينا جھونا ڳڙهه کي گھيرو ڪيائين، پر جڏھن ڪجهه نه وريس ته پنھنجي ماڳ ڏانھن موٽي ويو، پنھنجي ملڪ پھچي راجا انيراءِ پڙھو گھمايو ته جيڪو راجا راءِ ڏياچ جي سسي وڍي ڏيندو، تنھن کي رتن ٽڪن جو ٿالهه ۽ ٻيو به جيڪو گھرندو سو ڏنو ويندو. اھا خبر جڏھن ٻيجل جي زال ٻڌي، تنھن رتن ٽڪن جو ٿالهه وٺي رکيو ۽ چيائين ته ”منھنجو مڙس، راجا جي اھا منشا پوري ڪندو“. ٻيجل گھر موٽيو ته رتن ٽڪن جو ٿالهه ڏسي ڏاڍو ڪاوڙيو، پر ھاڻي ڇا پئي ٿي سگھيو. زال وچن ڏيئي چڪي ھئي، ٻيجل ٻي ڪا واهه نه ڏسي، سرندو سينگاري، جھوناڳڙهه روانو ٿيو .
راجا راءِ ڏياچ پنھنجي سخاوت، سورهيائيءَ ڪري گھڻو مشھور ھو، سندس در تان ڪو به سوالي، چارڻ ۽ منگتو خالي نه موٽيو ھو. ٻيجل جھونا ڳڙهه پھچي، راءِ ڏياچ جي محل ٻاھران تند تنوارڻ لڳو، سندس سرندي جو سوز، ھر ھنڌ پکڙجي ويو، اھو آواز جڏھن راءِ ڏياچ جي ڪنن تائين پھتو، ته ھن محل جي دري کولي چيو، ”منگتا! گھر، جيڪي گھرڻو اٿئي!“ ٻيجل وراڻيو، ”راجا! مون کي تو سان ’ڳجهه ڳرھڻو آھي.“ راجا جي حڪم تي، ٻيجل کي چوڏول ۾ چاڙھي، محل ۾ آندو ويو، اتي ٻيجل وري به اھڙو چنگ چوريو، جو راءِ ڏياچ، منگتي تي موتين جو مينھن وسائي ڇڏيو، پر ٻيجل جي راجا راءِ ڏياچ جي ڏنل ڏاڻ تي اک ئي نه ٻڏي، ھو اڃا به مست ٿي سرندو وڄائڻ لڳو. راجا راءِ ڏياج نٿي چاھيو ته ٻيجل سندس در تان خالي وڃي ۽ سنڌ جي راجائن جي سخاوت ۽ سورھيائيءَ تي ڪو ٽڪو اچي، تنھنڪري ٻيجل کي وري چيائين، ”گھر، جيڪو گھرڻو اٿئي!“ ان تي ٻيجل چيو ”مون وٽ مال متاع جي ڪمي نه آھي، فقط تنھنجي سر جو گھورو آھيان، سر ڏيو ته منگتي کي مان ملي.“ سنڌ جي سورھيه سخيءَ بنا دير، ڪٽاري سان ڪنڌ ڪپي کڻي ٻيجل اڳيان ڌريو، ٻيجل، راءِ ڏياچ جو سر کڻي، انيراءِ ڏانھن اسھيو، جڏھن راجا جي درٻار ۾ پھتو ته انيراءِ چيس، ”ھيڏي وڏي سخي سردار، ڏاتار ۽ سورھيه جو سر ڪٽي آيو آھين، سو اسان جو ڪھڙو سڄڻ ٿيندين، انڪري ڏيهه نيڪالي اٿئي. جيڏانھن جو آھين، اوڏانھن ھليو وڃ!“ ٻيجل چرين وانگر ڊوڙندو جھونا ڳڙهه پھتو، جتي ڏٺائين ته باهه جا آڙاهه پيا ٻرن ۽ سورٺ ”ڏاگهه“ چڙھي رھي ھئي، پاڻ به ڌوڪيندو انھيءَ آڙاهه ۾ ڪاھي پيو ۽ سڙي ڀسم ٿي ويو .
سنڌ ۾ ھي قصو سمن جي سورھيائيءَ جو مقبول مثال بنجي ويو. سما حڪمران اھڙن ڪمن کي پسند ڪندا ھئا، جن ۾ سماج جي سورھيائيءَ جا گڻ ڪارفرما ھجن، ھيءُ واقعو بھادريءَ، سچائيءَ ۽ دان ڏيڻ جو تاريخي مثال ھو، انڪري ان تي اڄ به سنڌي قوم فخر ڪري ٿي ۽ سنڌي قوم جي دلين ۾ راءِ ڏياچ سان محبت ۽ پريم قائم آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابِينَ
بادامي
بادگيرُ
بادِلو
بار/ ٻار
آبراڻي
آبـِـري1
آبـِـري2
بارلو
بازيگر
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون