داخلا نمبر 1225
عنوان ٻيلو پتڻ
شاخ ڳوٺ
پڙهيو ويو 349 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ٻيلو پتڻ

ٻيلو پتڻ: ھيءُ ضلعي دادو جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جي ديهه ”خانپور“ ۾ ھڪ قديم ڳوٺ آھي، ھتي اوائل ۾ فقط 15 گھر ھوندا ھئا، جيڪي ملاحن جا ھئا. انھن ۾ ٻه ڀائر، ٻيلي ۽ عيسو نالو رھندا ھئا، اھي ٽوٻا به ھوندا ھئا. ٻيلي وٽ پنھنجون ٻيڙيون به ھونديون ھيون، جيڪي ھو پتڻ تي ھلائيندا ھئا، ان ڪري آسپاس جا ماڻھو ھن پتڻ کي ”ٻيلي جو پتڻ“ ڪري سڏيندا ھئا، ھن وقت ھتي کھڙا، ڀٽا، جويا، ٻٻر، آرائين، ابڙا، ڪولاچي ۽ ٻين ذاتين جا ماڻھو رھندا آھن، جنھن ڪري تعلقي خيرپور ناٿن شاهه جو چوٿون نمبر وڏو ڳوٺ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن شهر جا مير محمد ”ميرل“ جويو ۽ ”روشن“ جويو سٺا شاعر ۽ اديب آهن، جيڪي هن وقت ترتيبوار سن ۽ ڄام شوري ۾ رهن ٿا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو