داخلا نمبر 1093
عنوان ٻيٽو جتوئي
شاخ ڳوٺ
پڙهيو ويو 347 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ٻيٽو جتوئي

ٻيٽو جتوئي: ميھڙ تعلقي جو مشھور ڳوٺ، جتي سنڌ جو بزرگ سياستدان رئيس عبدالحميد خان جتوئي رھندو ھو. جنھن ”ون يونٽ“ خلاف مرڪزي اسيمبليءَ ۾ ووٽ ڏنو ھو. ھن جو ھڪ پٽ اعجاز علي خان جتوئي سينيٽر ۽ ٻيو پٽ لياقت علي خان جتوئي سنڌ اسيمببليءَ جو ميمبر، وزير خزانه ۽ سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ ٽيون پٽ صداقت علي خان جتوئي سينيٽر رھي چڪا آھن. ھتي پڪا روڊ، بجليءَ جو انتظام، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا پرائمري اسڪول، ھاءِ اسڪول، واٽر سپلاءِ نظام، ڪميونٽي سينٽر، موجود آھن. رئيس عبدالحميد خان جي والد قادر بخش خان جتوئيءَ جي نالي سان ھتي ھڪ شاندار لائبريري قائم آھي، جيڪا سنڌ ثقافت سياحت کاتي جي ھٿ ھيٺ ھلندڙ آھي، ھتي ريسٽ ھائوس به موجود آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو