داخلا ؛ 5605
پڙهيو ويو ؛ 354
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-03-06


تصويرون


taain-bee.gif

ٽائن بي ٽوائن بي آرنولڊ



ٽائيم لائين

1889.04.14-A.D
آرنولڊ ٽائن بي 14 اپريل 1889ع تي هڪ علمي گھراڻي ۾ ڄائو

1975.10.22-A.D
آرنولڊ ٽائن بي 22 آڪٽوبر 1975ع تي وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--ٽائن بي ٽوائن بي آرنولڊ

ٽائيٽل ؛ ٽائن بي ٽوائن بي آرنولڊ


شاخ : شخصيت

ٽائن بي/ ٽوائن بي، آرنولڊ: عالمي شهرت يافته برطانوي فلسفي ۽ -تاريخ- دان آرنولڊ ٽائن بي (Arnold Toynbee) 14 -اپريل- 1889ع تي هڪ علمي گھراڻي ۾ ڄائو. سندس والده شروع کان ئي -تاريخ- ڏانهن مائل هئي. اڳتي هلي اهو ئي سندس موضوع بنيو. هن ونچسٽر ۽ آڪسفورڊ مان -تعليم- حاصل ڪري وظيفو ورتو. هڪ سال لاءِ يونان ۽ -ترڪي- وڃي اتان جي -تاريخ- جو مطالعو ڪري واپس اچي بليل ڪاليج آڪسفورڊ ۾ رومي ۽ يوناني -تاريخ- جو -استاد- مقرر ٿيو. پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ کيس پوليٽيڪل انٽيليجنس ڊپارٽمنٽ لنڊن ۾ ترڪيءَ جي معاملن جو انچارج مقرر ڪيو ويو. -ان- کان پوءِ پيرس ۾ برطانوي امن ڪانفرنس جو اهم رڪن مقرر ڪيو ويو. 1919ع ۾ بازنطيني ۽ جديد يوناني مطالعي جو پرفيسر مقرر ٿيو. 1921ع ۾ يونان -ترڪي- -جنگ- دوران مانچسٽر گارڊين طرفان خصوصي نمانئندي طور -ترڪي- جو سفر ڪيائين ۽ انهيءَ موقعي تي ڪتاب ”يونان ۽ -ترڪي- جو مغربي مسئلو“ لکيائين. 1924ع ۾ هن -بين- الاقوامي معاملن جي رائل انسٽيٽيوٽ جي رڪنيت حاصل ڪئي ۽ ساڳئي سال ڊائريڪٽر آف اسٽڊيز مقرر ڪيو ويو. انهيءَ عهدي تي هو 1955ع تائين لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ ريسرچ پروفيسر طور -استاد- رهيو. انهي عرصي دوران انسٽيٽيوٽ طرفان شايع ٿيندڙ عالمي واقعن جي سالياني رپورٽ جو مدير به رهيو. هن دنيا جي -تاريخ- جي مطالعي تي ڪتاب ”اي اسٽڊي آف هسٽري“ لکيو جنهن ڪري سندس ناماچاري سڄي دنيا ۾ ٿي، هن ڪتاب جا ڇهه جلد پهرين عالمگير -جنگ- کان اڳ ۽ ڇهه جلد پوءِ شايع ٿيا. هن انهي ڪتاب لکڻ جي شروعات 1927ع کان ڪئي هئي. سندس ٻين ڪتابن ۾ ”دنياءِ مغرب“ (1952ع)، ”مورخ جو مذهب سان تعلق“ (1953ع)، ”عيسائيت-مذهبي عالمن جي نظر ۾“ وغيره لکيا. سندس چوڻ هو ته دنيا جي -تاريخ- اصل ۾ دنيا جي مذهبن جي -تاريخ- آهي. نوڪري -تان- رٽائر ٿيڻ بعد راڪ فيلڊ فائونڊيشن کيس 18 مهينن لاءِ وظيفو ڏنو ته هو دنيا گھمي. هن انهن ارڙهن مهينن جي سياحت دوران ڪتاب ”هنر -بال- جي ميراث“ لکيو. -ان- کان سواءِ سندس ڪتابن ۾ ”ايڪوئيٽيسنز“، ”سوانحي تجربا“، ”آپ بيتي“، ”موت سان ماڻهو جو مقابلو“ ۽ ”سندس آخري ڪتاب ”سٽيزن آف دي مووِ“ آهي.
ٽائين بي ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرين شادي پروفيسر گلبرٽ مري جي ڌيءُ روز لنڊ سان ۽ ٻي شادي 1940ع ۾ ويرونيڪا بولٽر سان جنهن لکڻ ۾ سندس گھڻو هٿ ونڊايو. ٽائن بي گهڻو لکڻ پڙهڻ وارو ماڻهو هو.هن ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا ۽ ليڪچر ڏنا. ڪيترين ئي يونيورسٽين کيس اعزازي ڊگريون عطا ڪيون. 1965ع ۾ چرچل جي وفات کان پوءِ کيس”فرنچ اڪيڊمي آف مورال اينڊ پوليٽيڪل سائنسز“ جو مکيه ميمبر چونڊيو ويو. هن 22 -آڪٽوبر- 1975ع تي وفات ڪئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٽائن بي ٽوائن بي آرنولڊ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٽائن بي ٽوائن بي آرنولڊ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن