داخلا نمبر 5365
عنوان ٽاجوئا
شاخ سينگار
پڙهيو ويو 221 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
ٽاجوئا

ٽاجوئا

ٽاجوئا

ٽاجُوئا: ٿر ۾ عورتون ۽ جوان ڇوڪريون، پنهنجي سينگار ۽ ٺاهه ٺوهه لاءِ جيڪي نمونا اختيار ڪنديون آهن، تن مان ”ٽاجوئا“ کڻڻ به هڪ اهم دستور آهي.چُلهه جو اڱر ڪنهن ٺِڪر جي ٿانءَ ۾ پاڻيءَ سان گھاٽو ڳاري مس جھڙو ٺاهبو آهي، پوءِ سنهي ننڍي ڪاٺي جي ڇيڙي تي ٿوري ڪپهه ويڙهي، اُن ڪاراڻ مان ٻوڙي بدن جي جنهن حصي تي ٽاجوئا کڻڻا هوندا آهن، اُتي ٻُڙيون ٻُڙيون ڪري مٿان ڀرت جي سُئيءَ جي چهنب آهستي آهستي هڻنديون وينديون آهن، تان جو اها ڪاراڻ چمڙيءَ اندر بيهي ويندي آهي ۽ ڪارا داغ پڪا ٿي ويندا آهن، جي پوءِ ڌوپڻ سان به نه لهندا ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين بيٺا هوندا آهن. پڪن ٿيڻ تي چمڙيءَ ۾ ٿوري سوڄ ٿيندي ۽ اُڦرڪي بيهندي، جا ٻن ٽن ڏينهن بعد لهي ويندي، نه ته ٺِڪِري ڪوسي ڪري ان سان سيڪ ڏينديون آهن ته سوڄ لهيو وڃي. ٻُڙين سان ٽِڪُنڊا، چوڪنڊا، گول ۽ ٻيا ڪئين چٽساليءَ جا نمونا ٺاهينديون آهن. ڪي ڇوڪريون وري مورَ، جھرڪيون ۽ ٻيون پکين جو شڪليون ليڪن ۾ ڪڍي، اهڙيءَ طرح سئيءَ سان پڪيون ڪري ڇڏينديون آهن. اهي ٽاجوئا هٿن جي آڱرين جي پُٺ، ٻانهن جا بُڪ، ڄاڙيءَ ۽ ڳلن تي ٽِڪا، ڪن جي اڳيان ۽ مٿڀرو، پيرن جي چوڌاري ۽ پنين تي ٺاهبا آهن. هاڻي پڙهيل طبقي ۾ اهو رواج ڪونه آهي، مگر ٻهراڙين ۾ اڃا آهي.هن عمل کي سنڌيءَ ۾ ”ڏينڀوريون“ به چئبو آهي. جڏهن ته هاڻي يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٻانهن ۽ جسم جي مختلف حصن خاص ڪري پٺن ۽ سيني تي گل ڦل ۽ ٻيا اهڙا نشان مشين ذريعي کوٽايا ويندا آهن ۽ انهن کي Tatooes چوندا آهن ۽ ان عمل کي Tatooing چئبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

سينگار - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ببري
ابٽڻ
اٻٽڻ
ابٽن
اَڌ گول ڦڻي
ٽاجوئا
ٽوپاز
ٽئنڪ ائسڊ
ٽئونر ٽؤنر
پازيب
سينگار ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون