داخلا ؛ 5444
پڙهيو ويو ؛ 1459
پسند ڪيو ويو ؛ 3
تاريخ ؛ 2013-02-15


تصويرون


pako-qelo.gif
پڪي قلعي ۾ ميرن جي چوياري جو اڳوڻو ڏيک
پڪي قلعي ۾ ميرن جي چوياري جو اڳوڻو ڏيک

Talpoor-Hukamran.gif
ٽالپر حڪمرانن جا هٿيار
ٽالپر حڪمرانن جا هٿيار

Tapoor-foji.gif
ٽالپرن جا فوجي
ٽالپرن جا فوجي



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ٽالپر

ٽائيٽل ؛ ٽالپر


شاخ : سماج

ٽالپر: بلوچن جو هڪ قبيلو. هن قبيلي تي ”-ٽالپر-“ لقب بجار -بن- بيزن جي وقت کان پيو، جيڪو 1000 هه/ 1592ع ۾ مڪران کان لڏي، ڀاڳناڙيءَ ۾ آيو ۽ پوءِ، سنڌ جي سِري يعني ديري غازي خان جي ڳوٺ ”چوٽي بالا“ ۾ اچي رهيو. روايت مطابق ڄاڻايل ڳوٺ ۾ هڪ ٽالهيءَ جو وڻ هو، جنهن هيٺان بجار خان ۽ سندس قبيلي وارا ڪچهري ڪندا هئا. ائين -ان- ڪچهريءَ ۾ ويهڻ وارن جو نالو ”-ٽالهي- پور“ يعني ”ٽالهيءَ جا پٽ“ مشهور ٿي ويو، جيڪو بعد ۾ -ٽالهي- پور مان ڦري ”-ٽالپر-“ بنجي ويو. -ان- کان پوءِ زنگي -بن- بجار کي هڪ پُٽ به -ان- ٽالهيءَ جي وڻ هيٺان ڄائو، جنهن جو نالو ئي ”-ٽالهو-“ رکيائون. اهو ”-ٽالهو-“، ڪِڪي خان جي پيءُ، شاهوءَ خان وڏي جو چاچو هو. هڪ ٻيءَ روايت موجب ”-ٽالپر-“ بلوچن جي انهيءَ قبيلي جي هڪ بزرگ جو نالو هو. ”پور“ فارسيءَ ۾ اولاد کي چوندا آهن، جنهن کي -ٽالهو- لفظ سان ملائي ”-ٽالپر-“ لفظ ٺاهيو ويو. سنڌ جا مير -ٽالپر- پاڻ کي -بلوچ- سڏائين ٿا، پر پنهنجو تعلق انهن بلوچن سان نه ٿا ڳنڍين، -جن- کي -ايران- ۾ ”ڪوچ -بلوچ-“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. هو پنهنجو بڻ بڻياد هشام -بن- عبدالمناف جي پٽ -امير- حمزي سان ڳنڍين ٿا. سندن چوڻ آهي ته حجاج -بن- يوسف جي وقت ۾ هو، ڪيچ مڪران وارين مهمن ۾ شامل هئا. اتان ڪاميابين بعد سندن وڏا ڪِن فوجين سان گڏ سنڌ ڏانهن روانا ٿيا هئا. وقت گذرڻ کان پوءِ انهن مان ڪي ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان واري پاسي وڃي ويٺا، -جتي- -جبل- جي چوٽيءَ وارو -پاسو- سندن رهائشگاهه ٿيو. سندن لقب ”مير“ پيو، جنهن جي معنيٰ -جبل- جي چوٽي“ يا ”مٿاهون هنڌ“ ٻڌايو وڃي ٿو. -ان- دعويٰ جي تصديق اڪثر جبلن جي نالن مان ظاهر ٿئي ٿي؛ مثال طور: ڪشمير، پامير، ميرو پربت وغيره. ڪلهوڙن جي حڪومت واري دور ۾، -ٽالپر- قبيلي جا ڪجهه ماڻهو فوج ۾ ڀرتي ٿيا ته ”شهداد خان -ٽالپر-“ کي سپهه سالار بڻايو ويو. بعد ۾ سنڌ جي -تخت- لاءِ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن ۾ جنگيون لڳيون، ۽ 1783ع ڌاري هالاڻيءَ جي ميدان تي، ٽالپرن، ڪلهوڙن کي شڪست ڏئي، سنڌ جو -تخت- حاصل ڪيو. -ان- وقت ٽالپرن جو اڳواڻ مير فتح علي خان -ٽالپر- هو، تنهنڪري سنڌ جو پهريون -ٽالپر- حڪمران پڻ مير فتح علي خان ٿيو. سنڌ جي فتح کان پوءِ ٽالپرن سنڌ جي ملڪ کي -ٽن- رياستن ۾ هن ريت تقسيم ڪيو: حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور، پر ٽنهي رياستن جو پاڻ ۾ ٺاهه نه هو. حيدرآباد ۾ مير فتح علي خان ۽ سندس ڀائر، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان حڪومت ڪرڻ لڳا؛ خيرپور ۾ مير سهراب خان حڪمران ٿيو، جڏهن ته ميرپورخاص ۾ مير ٺارو خان مسند نشين ٿيو. -ان- وقت -ٽالپر- حڪمران (حيدرآباد ۽ خيرپور وارا) هر سال -افغانستان- جي حاڪم تيمور شاهه کي ڏن ڏيندا هئا. بعد ۾ ميرن 1795ع ڌاري ڪراچيءَ واري رياست، قلات جي خان کان ورتي. -ان- بعد شهر ۽ -بندرگاهه- روز بروز -ترقي- ڪندا ويا.
ٽالپرن جي ٽنهي رياستن جو پاڻ ۾ ڪو -اتحاد- ۽ انتظامي جوڙجڪ نه هجڻ ڪري، سنڌ پنهنجي خطي ۾ هڪ طاقت طور اُڀري نه سگهي. پهرين افغان -جنگ- 1838ع کان وٺي 1842ع تائين حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ميرن جا انگريزن سان لاڳاپا خراب ٿي چڪا هئا. البته خيرپور جي حڪومت انگريزن جي حامي هئي. اهڙيءَ طرح انگريزن، ميرن جي پاڻ ۾ -ٻڌي- نه ڏسي، 17 فيبروري 1843ع تي مياڻيءَ جي ميدان تي، حيدرآباد جي ٽالپرن کي شڪست ڏئي، سنڌ تي قبضو ڪيو. حيدرآباد تي قبضي کانپوءِ چارلس نيپئر حيدرآباد جي قلعي مان ڦرمار ڪري، -ٽالپر- اڳواڻن کي گرفتار ڪري، -بمبئي- موڪلي ڇڏيو. مياڻيءَ جي -جنگ- کان پوءِ 24 مارچ 1843ع تي ميرپورخاص جي حڪمران مير شير محمد ۽ انگريزن ۾ دٻي واري -جنگ- لڳي. هن -جنگ- ۾ مير صوبدار خان جي -بهادر- جرنيل شهيد هوش محمد شيديءَ جي بهادريءَ، کيس سنڌ جو سپوت بڻائي ڇڏيو. مير صوبدار خان ۽ مير محمد خان اختلافن جي ڪري مياڻي جي -جنگ- ۾ شامل نه ٿيا هئا، پر هوشو شيدي، مير صوبدار جي منع ڪرڻ باوجود به وطن جي آزاديءَ جي سلامتي خاطر مياڻيءَ ۽ دٻي جي -جنگ- ۾ بهادريءَ سان وڙهي شهيد ٿيو. خيرپور رياست جي مير علي مراد، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ميرن خلاف انگريزن جي مدد ڪئي، -ان- ڪري 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ به خيرپور رياست، ميرن جي حڪمرانيءَ هيٺ رهي، بعد ۾ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ 1954ع ۾ ون يونٽ جي قائم ٿيڻ سان خيرپور رياست کي ختم ڪيو ويو.
تحريڪ -پاڪستان- ۽ -پاڪستان- جي قيام کان پوءِ به -ٽالپر- خاندان سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو. حيدرآباد مان مير علي احمد -ٽالپر- ۽ مير رسول بخش -ٽالپر-، ميرپورخاص مان مير علي بخش -ٽالپر-، مير منور علي -ٽالپر- ۽ محمد يوسف خان -ٽالپر-؛ ٽنڊي محمد خان مان، مير بنده علي خان -ٽالپر-، مير -الله- بخش -ٽالپر-، مير حسين بخش خان -ٽالپر-، مير غلام علي -ٽالپر-، مير -اعجاز- علي -ٽالپر- ۽ مير ممتاز علي -ٽالپر-، -پاڪستان- ۽ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
ٽالپرن جا -اٺ- قبيلا آهن، -جن- ۾ ڀرڳڙي، -باگراڻي-، کورکاڻي، ڪپري، نظاماڻي، شهداداڻي، شهواڻي ۽ -ٺاراڻي- شامل آهن.
ٽالپرن جي لڏپلاڻ: ٽالپرن جي مورث اعليٰ هوت پٽ -جلال- خان جي مڪران ۾ حڪومت هئي، جيڪا سندس -ٽن- پيڙهين تائين قائم رهي. اتان سندس اولاد پنجاب ۽ سنڌ جي مختلف جڳهين تي ڪيئن -آباد- ٿيو، -ان- لاءِ ڪجهه روايتون ملن ٿيون.
هوت خان جو پڙپوٽو مير اسماعيل خان، ملتان جي گورنر سلطان شاهه حسين لانگاهه جو گهاٽو دوست هو، جنهن کيس پاڻ وٽ دعوت ڏئي گهرايو ۽ هو مَلڪ سهراب خان دودائيءَ سان گڏجي ملتان ۾ آيو. سلطان شاهه حسين، ٻنهي کي پنهنجي سرحد ۾ دين ڪوٽ کان ڪوٽ ڪروڙ تائين سڄو علائقو سرداريءَ ۾ ڏنو. ديري اسماعيل خان جو بنياد مير اسماعيل خان 1488ع ۾ رکيو. مير اسماعيل خان جي اولاد مان هڪ شاخ ساهيوال ضلعي ۾ اچي رهي ۽ اتي پنهنجي رياست قائم ڪيائين. جڏهن شهنشاهه همايون، -ايران- کان موٽيو هو، تڏهن ساڻس ٻين ٻروچن سان گڏ -ٽالپر- به هئا، -جن- ديره جات جي ڪجهه علائقي تي قبضو ڄمايو هو. شهنشاهه همايون، ٽالپرن کي سنڌ ساگر دوآبي ۾ هڪ -جاگير- ڏني هئي. سندن تختگاهه ماڙي انڊس هو. -ٽالپر-، مزارين ۽ مگسين طرفان چانڊين سان وڙهيا هئا، تنهنڪري ڪجهه مزارچا علائقي ۾ به لڏي آيا هئا. -ٽالپر- ”ڪوهه سياهه“ واري علائقي -بيبرڪ- ۾ رهندا هئا. اهو علائقو ديري غازي خان ۽ ڪڇيءَ جي وچ ۾ هو. جنهن ۾ نوتاڻي، مزاري، -جکراڻي-، گهاڻي ۽ شنباڻي قبيلا به هئا. هنن کي -بگٽي- بلوچن جي ڪجهه قبيلن اتان ڪڍيو ۽ هو سنڌ ۾ آيا. مير اسماعيل خان جو پوٽو بجار -بن- بيزن 1000 هه/ 1592ع ۾ لڏي اچي ڀاڳناڙيءَ ۾ ويٺو، جيڪا قلات جي حدن ۾ آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ هو ديري غازي خان ۾ آيو ۽ ”چوٽي بالا“ جو شهر -ٻڌي- ويٺو. مير سليمان عرف ڪڪي خان جي رهائش به چوٽي بالا ۾ هئي، -جتي- سندس پٽن ۽ پوٽن جي نالي تي واهه، قلعا ۽ انهن جا ديرا موجود آهن. مير ڪڪي خان جو سهرو، حاجي خان مري پنهنجي راڄ سميت مري علائقي ڪاهان مان نڪري، سنڌ جي علائقي ڪاڇي ۾ اچي ويٺو هو، جنهن جي صلاح تي سندس ڏوهٽو مير ماڻڪ خان ۽ ٻيا -ٽالپر-، چوٽي بالا مان نڪري اتي آيا ۽ ”ڊرگهه بالا“ جو شهر -ٻڌي- ويٺا. سال 1700ع ۾ ميان مير محمد ڪلهوڙي، مير آلودي خان کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرايو ۽ ميان يارمحمد خان کان کيس فوج ۾ رتبو ڏياريائين. -ان- زماني ۾ مير شهداد خان ديره جات جي درداين جي -بغاوت- -بند- ڪئي هئي، جنهن جي صِلي ۾ دهليءَ جي درٻار مان کيس ”-پٽ باران-“ جو علائقو -جاگير- ۾ مليو هو. مير شهداد خان پنهنجي فوجي اهليت سبب، ٻروچن جي مختلف گروهن کي ملائي پنهنجو ڪيو ۽ مقامي بغاوتن -بند- ڪرڻ سبب سندس بهادري مشهور ٿي وئي هئي. تنهنڪري ڪلهوڙن ڪوشش وٺي کيس پنهنجو بنائي، پنهنجي لشڪر جو سپهه سالار مقرر ڪيو. مير شهداد خان ۽ سندس اولاد ڪلهوڙن سان وفاداريءَ جو دم ڀريندا رهيا، پر ڪلهوڙن جي آخري حڪمرانن جي مير شهداد خان جي اولاد سان اڻبڻت ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽالپرن ڪلهوڙن سان جنگيون ڪري سنڌ تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي.
هاڻوڪي سڪونت ۾ خيرپور ۽ ڪوٽڏيجيءَ ۾ مير علي مراد خان جو اولاد، ڪوٽ ميرمحمد خان ۾ مير غلام حيدر خان جو اولاد، دارا واهڻ ۾، مير احمد خان ولد مير غلام حيدرخان جو اولاد، محرابپور ۾، مير حاجي غلام مصطفيٰ خان جو اولاد، منگهن واريءَ ۾، مير رستم خان جو اولاد، غريب -آباد- ۾، مير رستم خان جو اولاد، رضا -آباد- ۾، مير غلام محمد خان ولد مير رستم خان جو اولاد، علي -آباد- ۾، مير مبارڪ خان جو اولاد، راهوجا ۾، مير چاڪر خان جو اولاد، سوڀي ديري ۾، مير ڄام نندي خان جو اولاد، -ٽالپر وڏا- ۽ ننڍا ۾ ٽالپرن جي نهالاڻي قبيلي جا ڪجهه گهر ۽ -اڳڙا- ۾ ٽالپرن جي -باگراڻي- قبيلي جو هڪ گهر شامل آهن.
ٽالپرن جا پاڙا: سنڌ ۾ ٽالپرن جا هيٺيان ايڪيهه پاڙا آهن: شهداداڻي، ماڻڪاڻي، سهراباڻي، خاناڻي، بهاراڻي، مراداڻي، گهراماڻي، عيساڻي، درياخاناڻي، هليلاڻي، جيوناڻي، جئنداڻي، احمداڻي، شهواڻي، ياراڻي، مقصوداڻي، آلوداڻي، -ٺاراڻي-، شاهلياڻي، حاجواڻي ۽ سکلاڻي. انهن پاڙن مان شهداداڻين، ماڻڪاڻين ۽ سهراباڻين جي حڪومت حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ خيرپور ۾ هئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٽالپر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٽالپر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سماج - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آبادڪاري
آبادِي
بابي تحريڪ
باٽ کولڻ
باٺا
باپراڻي
باجاري
باجائِي
باجر
باجڪاڻي
باڇڪاڻي
باخلاڻي
بادا
بادِيا2
آبداڻي
آبراڻي
آبڙ
بارَڪ زَئي
بار مِيرا
باريجا
بازيگر (قبيلو)
باگڙي (قبيلو)
بانو
بتيلائي
بجاراڻي
ٻاپڙا
بخاري
ٻاگهل
ٻالا
ٻاليشاھي
ٻائوٽ
ٻرا
ٻالاڻي: نک (راءُ پرٿور)
ارغون
ٻلو (اعزاز)
ازبڪ
اشتراڪيت
اعرابِي
اڳڙا
برادري
براديا
براهماڻي ٻرا
برفت
ابدالي
بڙدي
بزنجو
بزنجا
اَتراڻي
احمد زئي
بڪڪ
ادباڻي
آريا
بگٽي
انصاري
اهل بيت
اهير
بگهياڙ (قبيلو)
آهير
آهيڙي
آئين
آغا خان اوارڊ
بهرامي
بهلڪاڻي
بليدي
بنديچا
بنگل زئي
بنو عباس
بني هاشم
بوداڻي
اين ايف سي اوارڊ
ڀاوسار
تميمي
ڀُتا
ٺڪر
ٺلراڻي
تور وال
ڀريا
ثقفي
ڀنڀراڻي
ٽالاڻي
ٽالپر
ڀوت
ڀوت2
ڀُوتاڻي
تغلب
ڀوڄَڪ
تولاڻي
تاتاري قوم
تيبر
تيرس ڌن
تيم
تميم
پيرڪاڻي
جماري
جاجي
جتڪ بلوچ
پاڙو
جٽ
جِپسي
جدگال


.....سماج موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن