داخلا ؛ 5446
پڙهيو ويو ؛ 1213
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2013-02-15


تصويرون


alhaj-meer-ali-ahmed-khan.gif
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان



ٽائيم لائين

1915.08.31-A.D
مير علي احمد خان 31 آگسٽ 1915ع تي ٽنڊي مير محمود ۾ ڄائو

1987.00.00-A.D
مير علي احمد خان طويل بيماري دوران 1987ع ۾ وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--ٽالپر الحاج مير علي احمد خان

ٽائيٽل ؛ ٽالپر الحاج مير علي احمد خان


شاخ : سياستدان

ٽالپر، الحاج مير علي احمد خان: الحاج مير علي احمد خان حيدرآباد جي شهداداڻي پاڙي جي ٽالپرن مان هو. شهداداڻي، مير شهداد خان جي ڪري سڏجن ٿا. مير شهداد خان کي چار فرزند ٿيا: (1) ڄام نندو خان، (2) مير صوبدار خان، (3) مير محمود خان ۽ (4) مير چاڪر خان. مير صوبدار خان کي چار فرزند ٿيا: (1) مير فتح علي خان، (2) مير غلام علي خان، (3) مير ڪرم علي خان ۽ (4) مير مراد علي خان، چارئي سنڌ جا والي ٿيا ۽ چئني جي ”چوياري“ مشهور هئي.
مير علي احمد خان ”چوياريءَ“ وارن ميرن جي چاچي مير محمود خان جي اولاد مان هئڻ ڪري پاڻ ۽ هن جو خاندان محموداڻي سڏيا ويا آهن ۽ ٽنڊي مير محمود ۾ رهائش پذير آهن. سندن شجرو هن طرح آهي: مير محمود خان جو فرزند مير علي احمد خان ٿيو. -ان- جو فرزند مير علي محمد خان، -ان- جو فرزند مير محمود خان ثاني، -ان- جو فرزند مير نبي بخش خان ٿيو، جنهن کي ٻه فرزند ٿيا: (1) مير علي احمد خان، ۽ (2) مير رسول بخش خان.
مير علي احمد خان 31 -آگسٽ- 1915ع تي ٽنڊي مير محمود ۾ ڄائو. ابتدائي سنڌي -تعليم- مڪاني اسڪول ۾ ورتائين. 1931ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول (هاڻي نور محمد خان هاءِ اسڪول) ۾ پڙهڻ ويٺو، -جتي- چئن درجن تائين پڙهيائين.
اسڪولي -تعليم- مڪمل ڪرڻ کان پوءِ 1935ع ۾ علامه ڊاڪٽر عمر -بن- محمد دائود پوٽي، مولوي فضل احمد غزنويءَ ۽ مولوي خير محمد نظاماڻيءَ سان گڏجي ”انجمن احياءِ ملت“ٺاهيائين. 1937ع ۾ ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. -ترقي- ڪري پراونشل ڪانگريس ڪميٽيءَ ۽ -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿيو. 1937ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊ وقت هي ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي ۽ مسٽر جئرامداس دولترام سان گڏ ڪانگريس صوبي سنڌ جي پارليامينٽري بورڊ جو ميمبر رهيو. 1939ع ۾ سائين جي. ايم. سيد سان گڏ -پاڪستان- ٺهڻ تائين مسلم ليگ ۾ شامل رهيو ۽ مير صاحب به -پاڪستان- ٺهڻ تائين مسلم ليگ ۾ شامل رهيو. مير صاحب مسلم ليگ ۾ ڪجهه وقت صوبي -بهار- جو نائب وزيراعليٰ رهيو ۽ ڪجهه وقت لاءِ سنڌ ۽ -بلوچستان- جو وزيراعليٰ به رهيو ۽ 1947ع ۾ پنجاب جو وزيراعليٰ رهيو. 1946ع ۾ دهليءَ ۾ سڄي هندستان جي قوم پرست مسلمانن جي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ -جمعيت- العلماءِ هند، -جمعيت- احرار، خاڪسار جماعت، شيعه ڪانفرنس، مومن جماعت، آزاد ڪانفرنس ۽ -ترقي- پسند مسلم ليگ جماعتن حصو ورتو. -ان- ڪانفرنس ۾ مير صاحب به شرڪت ڪئي. -پاڪستان- جي قيام کان پوءِ مير صاحب، خان عبدالغفار جي صدارت ۾ ٺهيل پيپلس پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. 17 مارچ 1951ع ۾ مسلم ليگ کان ٻاهر جملي سنڌ جي مکيه ڪارڪنن جي ميٽنگ ٿي. -ان- ۾ به هيءُ شريڪ ٿيو. -ٿورو- ئي پوءِ ميان افتخارالدين ”آزاد -پاڪستان- پارٽي“ ٺاهي، ۽ هُن ڪوشش ڪئي ته سڀئي -ان- ۾ شريڪ ٿين. مير صاحب جي بنگلي تي ڪراچيءَ ۾ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ شامل ٿيڻ کان هن انڪار ڪيو. توڙي جو -ان- وقت سڀئي ليڊر جيل ۾ هئا، -ان- ۾ رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي، شيخ عبدالمجيد، جي.ايم.سيد، خان عبدالغفار خان سرفهرست آهن. مير علي احمد خان، قاضي فيض محمد صاحب ۽ ٻيا دوست -ان- پارٽيءَ کي سندن اميدن مطابق نه ڏسي، ٻاهر نڪري آيا.
مير صاحب -ان- بعد خانبهادر کهڙي جي دعوت تي مسلم ليگ ۾ داخل ٿيو. 1953غ ۾ هي مسلم ليگ جي -ٽڪيٽ- تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ بنا مخالفت جي ميمبر چونڊجي آيو. 1954ع ۾ خانبهادر کهڙي کي سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو ته مير علي احمد خان -ان- جي مخالفت ڪئي. مير علي احمد خان -ان- جي سخت مخالفت ڪئي، پر ون يونٽ جي حمايت ۾ ووٽ ڪيائين. 1956ع ۾ مغربي -پاڪستان- اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، -جن- ۾ حيدرآباد ضلعي مان چونڊجي ويو. ڊاڪٽر خانصاحب جي وزارت ۾ کيس 30 -اپريل- 1956ع ۾ وزير ڪري رکيو ويو. -ان- کان پوءِ سردار عبدالرشيد ۽ نواب قزلباش جي وزارتن ۾ -ان- وقت تائين وزير رهندو آيو، جيسين تائين 8 -آڪٽوبر- 1958ع تي -ايوب خان- طرفان ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو.
مير صاحب جي ڪتب خاني ۾ بهترين ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هوندو هو. کيس مطالعي جو اٿاهه شوق هو. اردو، -پارسي- ۽ سنڌي شاعرن جا تمام گھڻا شعر حوالي طور ڪم آڻيندو هو. فيض احمد فيض ۽ ٻين -اردو- اديبن جو دوست هو.
مير صاحب جي طبيعت ۾ جوش کي زياده دخل پئي رهيو آهي. -ان- ڪري سندس ڪيترا ساٿي کيس ڇڏي ويا. مير صاحب -ترقي- پسند خيالن جو ماڻهو هو. جھڙيءَ طرح سندس ساٿي سندس تيز رفتاريءَ سبب کيس ساٿ ڏيڻ کان قاصر هئا، اهڙيءَ طرح هن جي خيال ۽ عمل ۾ هڪ جهڙائي نه هئڻ ڪري، پاڻ به پنهجن ۽ پراون وٽ نڪته چينيءَ جو نشانو بنيو رهيو.
مير صاحب فصيح ۽ بليغ مقرر هو. هو پورالو هو. ڪڏهين اَڏ ٽپڻ کان پيو گوشو ڪندو ته ڪڏهين درياهه کي هڪ ڇلانگ سان ٽپي -پار- پوندو هو، حيدرآباد شهر ۾ محترمه فاطمه جناح جي صدارتي چونڊ جي حمايت ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ سندس ڪيل ولولي انگيز تقرير -ان- ڳالهه جو کليل ثبوت هئي. مير صاحب طويل بيماريءَ دوران 1987ع ۾ وفات ڪئي.سندس آخري آرامگاهه گنجي -ٽڪر- جي پهاڙيءَ تي -برڪت- -ڀائي- پارڪ جي ويجهو شهداداڻي ميرن جي قبرستان ۾ آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٽالپر الحاج مير علي احمد خان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٽالپر الحاج مير علي احمد خان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن