داخلا ؛ 5464
پڙهيو ويو ؛ 587
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-02-19


تصويرون


meer-rasool-bux.gif
ٽالپر مير رسول بخش خان
ٽالپر مير رسول بخش خان



ٽائيم لائين

1920.10.23-A.D
مير رسول بخش ٽالپر ٽنڊو مير محمود ۾ مير حاجي نبي بخش ٽالپر جي گهر ۾23 آڪٽوبر 1920ع ۾ پيدا ٿيو

1982.05.01-A.D
مير رسول بخش پهرين مئي 1982ع تي انتقال ڪيو .




sindhianaسنڌيانا--ٽالپر مير رسول بخش خان

ٽائيٽل ؛ ٽالپر مير رسول بخش خان


شاخ : شخصيت

ٽالپر، مير رسول بخش خان: الحاج مير علي احمد خان -ٽالپر- جو ننڍو -ڀاءُ- مير رسول بخش -ٽالپر- -ٽنڊو- مير محمود ۾ مير حاجي نبي بخش -ٽالپر- جي گهر ۾23 -آڪٽوبر- 1920ع ۾ پيدا ٿيو. مير صاحب -جامعه- مليه دهلي ۽ سنڌ مدرسته -الاسلام- ۾ -تعليم- ورتي، زمينداري پيشو کين ورثي ۾ مليو. مير رسول بخش -ٽالپر- سنڌ جي سياست ۾ تمام -بهادر- ۽ مشهور شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس طبيعت ۾ محبت، اخوت، رواداري، عاجزي ۽ همدردي تمام گهڻي سمايل هئي. سندن طبيعت ۾ فقيري اوصاف تمام گهڻا سمايل هئا. مير رسول بخش صاحب ذوق ۽ علم پرور شخصيت هجڻ سان گڏوگڏ غريبن جو همدرد پڻ هو. حق چوڻ ۽ حق جي ساٿ ڏيڻ ڪري کيس ڪجهه عرصو جيلن ۾ به رهڻو پيو، مگر پنهنجي اصولن -تان- ڪين هٽيو. مير صاحب سنڌ جو گورنر ۽ سينيئر وزير پڻ رهي چڪو آهي. سندس درويشانه طبيعت سبب سندس پيارا کيس مير شير محمد چوندا هئا. مير رسول بخش خان پنهنجي سماجي خدمت جي شروعات ٽانگا ڊرائيور يونين، رڪشا يونين ۽ هارين جي قيادت سان ڪئي. ڪيترائي سال مختلف ليبر يونين جو رهنما پڻ ٿي رهيو. 21 سالن جي عمر ۾ حيدرآباد ميونسپل ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1965ع ۾ بنيادي -جمهوريت- واري چونڊ ۾ يونين ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو.
مير رسول بخش 1958ع ۾ عوامي ليک ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ حڪومت جو نقاد رهيو. 1970ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪيائين. 1972ع ۾ سرڪاري حج وفد جي سربراهه جي حيثيت ۾ حج جي سعادت حاصل ڪئي ۽ 29 -اپريل- 1972ع ۾ سنڌ جو گورنر مقرر ٿيو. 13 فيبروري 1973ع ۾ انهي عهدي -تان- استعيفا ڏئي ڇڏيائين. 14 مئي 1981ع تي کيس سنڌ جو سينيئر وزير مقرر ڪيو ويو. مير صاحب کي انهن عهدن تي سندس صلاحيتن ڪري فائز ڪيو ويو هو. مير صاحب پهرين مئي 1982ع تي انتقال ڪيو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٽالپر مير رسول بخش خان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٽالپر مير رسول بخش خان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن