داخلا نمبر 5475
عنوان ٽالپر مير علي مراد خان
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 534 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
ٽالپر مير علي مراد خان

ٽالپر مير علي مراد خان

ٽالپر مير علي مراد خان

ٽالپر، مير علي مراد خان: مير علي مراد خان ٽالپر مير سهراب خان جو ننڍي ۾ ننڍو پٽ هو ۽ کيس پيرسني ۽ گوشي نشينيءَ واري زماني ۾ سال 1815ع ۾ ڄائو. ننڍو هو ته سندس ملڪيت مير مبارڪ خان جي سنڀال هيٺ هئي، هن جي طبيعت ننڍپڻ کان وٺي ٻين ميرن کان مختلف هئي. مير مبارڪ خان سندس ملڪيت جي سنڀال لاءِ پنهنجن ٽن پٽن: مير نصير خان، مير محمد علي خان ۽ مير فضل محمد خان کي ملازم ڪري رکيو هو ۽ ملازمت جي صلي ۾ مير علي مراد خان کين شاهه ٻيلي ۽ ٻٻرلوءَ جا علائقا بخشي ڇڏيا هئا. ڪن جو چوڻ آهي ته مير علي مراد خان هٿ جو ڪشادو هو، ان ڪري پنهنجي خرچ پوري ڪرڻ لاءِ اهي علائقا پنهنجي ڀاءُ مبارڪ خان وٽ گروي رکيا هئائين.
مير علي مراد خان جڏهن وڏو ٿيو، ته انهن علائقن (شاهه ٻيلي ۽ ٻٻرلوءِ) واپس وٺڻ جي گهُر ڪيائين، پر مبارڪ خان کيس اهي علائقا واپس نه ڪيا. مير مبارڪ خان جي وفات بعد مير علي مراد خان ۽ سندس ڀائٽين جو ان ملڪيت تي تڪرار رهيو. مير رستم خان ڀائٽين جو طرف ورتو ۽ نوبت وڃي نونارين واري جنگ تي پهتي، جنهن ۾ مير علي مراد خان ڪامياب ٿيو ۽ تڪراري ملڪيت سان گڏ ڪجهه ٻيو علائقو به حاصل ڪيائين. انهيءَ تڪرار دوران انگريزن کي وچ ۾ ٽپڻ جو موقعو مليو ۽ پنهنجي سياسي حال طور مير علي مراد خان کي پنهنجو مهرو بڻايائون. نيٺ 1843ع ۾ مياڻيءَ جي جنگ لڳي ۽ ميرن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. اصلي حاڪم ميرن کي قيد ڪيو ويو. انگريزن پنهنجي حامي مير علي مراد خان کي خيرپور جي رياست عطا ڪئي. مير علي مراد خان کي مليل علائقي جي ايراضي ساڍا پنج هزار چورس ميل ۽ آدمشماري ٻه لک هئي. علائقي جو گھڻو حصو شڪار گاهن ۽ ٻيلن هيٺ هو، پوءِ به ان جي اپت خرچ لٿي ڏهه لک روپيا هئي.
مياڻيءَ جي فتح کان پوءِ سڄيءَ سنڌ ۾ بيچيني پيدا ٿي وئي. ڪيترن بلوچ قبيلن سرحدن تي بغاوتون ڪيون، جن کي دٻائڻ لاءِ انگريزن مارشل لا لاڳوڪئي ۽ مير علي مراد خان جي مدد سان لشڪر ڪشي ڪئي. پورا ٻه سال اها مهم جاري رهي. ڪيترائي سورما مارجي ويا، جيڪي بچيا، سي اچي پيش پيا، جن ۾ بجار خان ڊومبڪي، اسلام خان بگٽي ۽ دريا خان جکراڻيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. چارلس نيپئر جيستائين سڄي سنڌ تي مڪمل طرح قبضو نه ڪيو هو، تيستائين مير علي مراد خان کي پنهنجو حامي ۽ دوست تصور ڪندو رهيو، پر ڪم ڪڍڻ کانپوءِ مٿس ڪڙي نظر رکيائين. هڪ دفعي کيس ڌمڪي آميز خط لکيائين: ”تون انگريزن جي زور تي وڏو بڻايو ويو آهين، اهڙي عزت توکي خواب ۾ به ملڻي نه هئي. تو کي ياد رکڻ گھرجي ته گورنر جنرل جي آڏو تون ائين آهين، جيئن باز جي چنبن ۾ جھرڪي، جيڪڏهن ذري جيتري بيوفائي ڪندين ته تو تي لازمي طور تباهي اچي ويندي.“ انهن ڳالهين جي باوجود مير علي مراد خان انگريزن کي پنهنجي ملڪ ۾ دست اندازي ڪرڻ نه ڏيندو هو. 1845ع ۾ چارلس نيپئر سان به هڪ عهدنامو ڪري پنهنجي ملڪ جي حدبندي ڪرايائين. چارلس نيپئر اهو عهدنامو گورنر جنرل جي منظوريءَ لاءِ موڪليو، پر ان جو جواب ڪيترن سالن تائين ڪونه آيو، ڇو جو ڪن ماڻهن شرارت ڪري مير علي مراد خان جي خلاف مخفي درخواستون موڪليون هيون، جن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته هن مير رستم خان واري عهدنامي ۾ ڦيرڦار ڪري ڪافي ملڪ ڦٻائي ورتو آهي. 1850ع ۾ هڪ ڪميشن ويٺي ۽ فريادين جا نالا ظاهر ڪيا ويا. مير علي مراد خان سڀني فريادين جي دشمني ظاهر ڪري، پنهنجي بچاءَُ ۾ ڪافي شاهد پيش ڪيا، پر انهن تي ڪميشن جي ميمبرن اعتبار نه ڪيو ۽ فيصلو مير صاحب جي خلاف ڏنائون. نيٺ 21 جنوري 1852ع تي اعلان جاري ڪري مير صاحب کان مير رستم خان وارا سمورا پرڳڻا کسي، هن کي فقط اهو ملڪ ڏنائون، جيڪو مير سهراب خان جي وصيت موجب کيس مليل هو.
مير صاحب ڪميشن جي فيصلي جي برخلاف ڪمشنر کان وٺي وائسراءِ تائين اپيلون ڪيون، مگر ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو. نيٺ 1856ع ۾ پنهنجي دادخواهيءَ لاءِ لنڊن ويو ۽ پورو ڏيڍ سال کن اتي رهيو، پر سکڻن دلاسن کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ڪري سگھيو ۽ محروم ٿي موٽي آيو. ان کان سواءِ هر موقعي تي گورنر يا وائسراءِ سان ملڻ وقت اشاري طور يا سڌي طرح ساڳيو ئي ملڪ واپس وٺڻ جو سوال دهرائيندو رهيو. انگريز سندس خدمتن جو اعتراف ڪندي هن جي وڏي عزت افزائي ڪندا رهيا پر ورتل ملڪ واپس نه ڪيائون. 1876ع ۾ تمام گھڻي بارش سبب درياهه اٿل کاڌي. اها اٿل ايڏي وڏي هئي، جو خيرپور تائين پهچي وچ واري حصي کان سواءِ سارو شهر ٻوڙي وئي. ماڻهو مشڪل سان سر بچائي ٻاهر نڪتا. مير صاحب انهيءَ هنگامي حالت ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪيو، جيڪو سندس وس ۾ هو. ماڻهن جي خوراڪ ۽ پوشاڪ جي بندوبست کان سواءِ تقاوي ڏئي، ٻيهر گھر به تعمير ڪري ڏنائين ۽ سندس ڪوشش سان شهر وري آباد ٿي ويو. 1882ع ۾ هڪ دفعي مير صاحب شڪار تي نڪتو ته اوچتو هڪ ماڻهو مٿس خوني حملو ڪري، تمنچي جا فائر ڪيا ۽ مير صاحب زخمي ٿي پيو. سکر مان ڊاڪٽر پيڪاڪ کي گھرايو ويو، جنهن جي علاج سان ٻن مهينن اندر چاڪ ٿي ويو.
1891ع ۾ جڏهن مسٽر جيمس سنڌ جو ڪمشنر هو، تڏهن بمبئيءَ جو گورنر شڪارپور ۾ آيو ۽ هڪ وڏي درٻار ڪوٺائي مير علي مراد خان کي برٽش سرڪار طرفان ڪي.سي.جي.آءِ (K.C.G.I) جو خطاب عطا ڪيو. 1893ع ۾ ساڳيو ئي ڪمشنر مسٽر جيمس سکر ۾ آيو ۽ خيرپور جي سڀني ننڍن وڏن خاندانن سان تعلق رکندڙ ميرن کي سڏايائين. انهن کان روبرو احوال وٺي، سندن قرض ۽ خرچ پکي جي ياداشت تيار ڪري کين جاگيرون ۽ پينشنون مقرر ڪري ڏنائين. 1894ع ۾ مير علي مراد خان جڏهن دڙي جي منزل تي هو ته بيمار ٿي پيو ۽ ٽن مهينن جي علالت کان پوءِ 25 رمضان 1311هه بمطابق 2 اپريل 1894ع تي وفات ڪيائين. مير علي مراد خان کي ڇهه پٽ ۽ ٽي نياڻيون هيون. سندس پٽن جا نالا هي آهن: سهراب خان، شاهنواز خان، فيض محمد خان، جان محمد خان، خان محمد خان ۽ غلام مهدي خان. مير فيض محمد خان کان سواءِ سندس ٻيا سمورا پٽ سندس زندگيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1815.00.00  عيسوي

مير علي مراد خان 1815ع ۾ ڄائو


1894.04.02  عيسوي

مير علي مراد خان 25 رمضان 1311هه بمطابق 2 اپريل 1894ع تي وفات ڪيائين



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون