داخلا نمبر 5479
عنوان ٽالپر مير فتح علي خان
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 361 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
ٽالپر مير فتح علي خان

ٽالپر مير فتح علي خان

ٽالپر مير فتح علي خان

ٽالپر، مير فتح علي خان: ٽالپرن جي حڪومت جو پهريون حاڪم مير فتح علي خان ٽالپر سنڌ جو خود مختيار حاڪم ٿيو. ٽالپرن ۾ اختلافن جا آثار نمايان ٿي رهيا هئا، ان ڪري سن 1199 هه/ 1784ع ۾ مير فتح علي خان ملڪ جي بهتري ان ۾ سمجهي ته ملڪ کي ستن حصن ۾ ورهايو وڃي، چار حصا پنهنجي ڀائرن لاءِ رکيائين، جنهن جو مرڪز حيدرآباد مقرر ڪيائين. ٻه حصا مير سهراب خان کي ڏنائين. جنهن جو مرڪز خيرپور هو ۽ هڪ حصو مير ٺاري خان کي ڏنائين، جنهن جو مرڪز ميرپورخاص ٿيو. وري به مرڪزي حيثيت حيدرآباد جي ٽالپرن کي حاصل هئي.
ٽالپرن جدوجهد سان سنڌ جا پنهنجا وڃايل سمورا علائقا واپس ورتا، جيڪي ميان غلام شاهه جي زماني ۾ سنڌ ۾ شامل هئا، ۽ ميان عبدالنبيءَ جي دور ۾ ٻين رياستن جي قبضي ۾ هليا ويا هئا. سبزل ڪوٽ، نواب بهاولپور کان، ڪراچي ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا خان قلات کان، شڪارپور افغانستان کان، عمرڪوٽ ۽ ريگستان جا علائقا راجا جوڌپور کان واپس ورتا. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ڳوٺ ۽ شهر هئا، جن کي ٽالپرن واپس وٺي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪيو.
مير فتح علي خان مدبر، هوشمند، بهادر ۽ عاقبت انديش حاڪم هو. 18 سالن جي عمر ۾ سنڌ کي فتح ڪيائين. ڪلهوڙن جي آخري ڏينهن واري انتشار ۽ بدامنيءَ کي ڏسندي هن امن امان قائم ڪرڻ گهريو. کيس جنگ کان نفرت هئي، پر جڏهن جنگ لاءِ مجبور ڪيو ويندو هو ته منهن نه موڙيندو هو، هو بهادر ۽ همت وارو انسان هو. حڪومت جي نظم ۽ نسق کي نهايت بردباريءَ سان هلائيندو هو، حڪومت جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي عزيزن ۽ بلوچ سردارن کي سندن مرتبي مطابق عزت ڏيندو هو. پنهنجي وفات وقت 35 لک رپيا شاهي خزاني ۾ ڇڏيائين. جيئن ته سنڌ کي ستن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو هو ۽ مير صاحب چار حصا پنهنجي ۽ پنهنجي ڀائرن کي حڪومت ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ رکيا. چئن ڀائرن جي شراڪت سان حڪومت قائم ڪيائين، جنهن کي تاريخ ۾ ’چوياري‘ سڏيو ويو.
مير صاحب سير ۽ شڪار جو شوقين هوندو هو ۽ فرصت واري وقت ۾ شڪار سان دل وندرائيندو هو، حيدرآباد کان سيوهڻ تائين درياهه جي ڪناري سندس ڪيترائي شڪارگاهه هئا.
مير فتح علي خان شاعر نه هو، مگر سندس دربار ۾ عالم ۽ شاعر هميشه موجود هوندا هئا. سفر ۽ حضر ۾ شاعرن ۽ عالمن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو. سندس ادبي ذوق شوق جي ڄاڻ انهيءَ مان پوي ٿي ته هن ”سسئي پنهون“ جي قصي کي مولانا جاميءَ جي قصي ”يوسف زليخا“ جي طرز تي نئين سر فارسي ۾ نظم ڪرايو.
مير صاحب تقريباً 18 سال سڪون ۽ اطمينان سان سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ 9 محرم الحرام سن 1217هه/ 1802ع تي وفات ڪيائين. کيس خدا آباد هالا (ثالث) ۾ پنهنجي بزرگن جي پهلو ۾ دفن ڪيو ويو.
مير صاحب کي وفات کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو پنهنجي پيءُ جي نالي تي مير صوبدار خان رکيائين.
وفات کان ڪجهه وقت پهرين مير صاحب سنڌ جي حڪومت جي سربراهي پنهنجي ڀاءُ مير غلام علي خان جي حوالي ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو