داخلا نمبر 5491
عنوان ٽالپر مير مير محمد خان
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 248 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٽالپر مير مير محمد خان

ٽالپر، مير مير محمد خان: مير مير محمد خان ٽالپر، مير غلام علي خان ٽالپر جو فرزند هو. ولادت تي عظيم ٺٽويءَ هڪ قطع تاريخ چئي پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو. والد جي وفات کان پوءِ چاچن جو مددگار رهيو ۽ 1843ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي قبضي بعد پنهنجي عزيزن سان قيد ٿي ڪلڪتي ويو.
1854ع ۾ جڏهن لارڊ ڊلهائوسيءَ جي سفارش تي ٽالپرن کي سنڌ ۾ اچڻ جي اجازت ملي، تڏهن مير صاحب دهليءَ ۽ پنجاب کان ٿيندو حيدرآباد پهتو. سنڌ ۾ واپس اچڻ کان پوءِ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مقبري لاءِ چانديءَ جو دروازو ٺهرائي روضي تي لڳرايائين ۽ ان کان پوءِ جلد مير صاحب جو حيدرآباد ۾ انتقال ٿيو. مير صاحب کي سندس آبائي قبرستان، ميرن جي قبن وٽ هڪ الڳ مقبري ۾ دفن ڪيو، جنهن مقبري ۾ سندس فرزند مير شاهنواز به دفن ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو