داخلا نمبر 5538
عنوان ٽامو
شاخ ڌاتو
پڙهيو ويو 313 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو
ٽامو

ٽامو

ٽامو

ٽامو: ڌاتوءَ جو هڪ قسم، جيڪو کاڻين مان کوٽي ڪڍبو آهي. هيءُ مفرد حالت ۾ به هوندو آهي ته مرڪبن جي شڪل ۾ به لڀندو آهي. ٽامي کي انگريزي ٻوليءَ ۾ ’ڪاپر‘ چوندا آهن، جنهن جا مرڪب ”ڪاپرائيٽس“ ۽ ”ڪاپر گلاس“ آهن، جن کي ”ڪاپر سلفائيڊ“ ۽ ”ڪاپر سلفائيٽ“ به چئبو آهي. ٽامو جيڪڏهن اصلي هوندو ته اهو 1083 درجا سينٽي گريڊ تي پگهرجي ويندو. جڏهن ته 2340 درجا سينٽي گريڊ جي گرمي ڏيڻ سان ٽامو پاڻياٺ جي شڪل اختيار ڪري اُٻرڻ لڳندو آهي. ٽامي مان گرمي ۽ بجلي آسانيءَ سان لنگهي سگهندي آهي، ان ڪري بجليءَ جون تارون به ٽامي مان ٺاهيون وينديون آهن. ٽامي تي هوا جو اثر ناهي ٿيندو، پر جيڪڏهن هوا ۾ آلاڻ هوندي آهي ته مٿان سائي رنگ جي ڪٽ چڙهي ويندي اٿس. هوا ۾ مسلسل آلاڻ هجڻ سان اها ڪٽ مقدار ۾ وڌي ويندي آهي ۽ تهه جي شڪل اختيار ڪري وٺندي آهي. اها ڪٽ اصل ۾ ٽامي جي ”ڪاربونيٽ“ هوندي آهي. تاريخي لحاظ سان ٽامي جي اهميت ۽ انساني زندگيءَ ۾ ان جو استعمال ق.م دؤر ۾ ڪيو ويو هو. دنيا جي آڳاٽين تهذيبن جي تمدني تاريخ مان خبر پوي ٿي ته ٽامي جو استعمال ميسوپوٽيميا تهذيب کان شروع ٿيو، جيڪو مصر جي تهذيب ۾ ايشيا جي وسيلي پهتو ۽ وڃي يورپ تائين پهتو، جن ٻين جي ڀيٽ ۾ ان مان سڀ کان وڌيڪ لاڀ ماڻيو. يورپين ٽامي کي ڪارخانن ۾ استعمال ڪيو؛ هٿيارن لاءِ ڪم آندو ۽ تاريخ ۾ اهو ”ٽامي جو دؤر“ ڪوٺيو وڃي ٿو. جڏهن ”لوهه جو دؤر“ آيو، تڏهن ٽامي جو استعمال گهٽجي ويو، پر جديد دؤر ۾ سائنسي ۽ صنعتي حوالي سان ٽامو اهم جاءِ والاري ٿو ۽ ٻين ڌاتن جيان عام واهپي ۾ اچي ٿو. هاڻوڪي صنعتي ۽ زرعي ڪمن ۾ ٽامو اوزارن لاءِ وڏي مقدار ۾ ڪم آندو وڃي ٿو.
سنڌو ماٿريءَ جا رهاڪو، سون، چانديءَ، قلعيءَ، ٽامي ۽ ڪُٽُ جي استعمال کان واقف هئا، انهن ڌاتن مان وٽن ٽامو سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندو هو. موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي هيٺانهن ڀاڱن مان، جيڪي هن تهذيب جي قديم ترين دور جا مظهر آهن، ٽامي ۽ ڪُٽ جون ٺهيل ڪيتريون شيون مليون آهن، جيڪي گهريلو استعمال جي ٿانون، ڪهاڙين، خنجرن، چاقُن، ڀالن، ڪٽارين، تيرن، ڏاٽن، مجسمن، چوڙين، مُنڊين، ايرنگن، کارن ۽ سيخن وغيره تي مشتمل آهن. ٽامي کان سواءِ ڪٽ جا هٿيار به انهن ماڻهن ٺاهيا، پر اها ڳالهه اڃا به يقين سان چئي نٿي سگهجي ته ڪُٽ ۽ ٽامي جي دريافت، سنڌوماٿريءَ جي رهاڪن جي ذاتي محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو هئي، يا هنن انهيءَ جو استعمال ٻين قومن کان سکيو هو.
ٽامي جو زمين مان ملندڙ مقدار، لوهه کان گهٽ آهي، پر هيءُ تمام اهم ۽ مفيد ڌاتو آهي. هي زياده عامل ڌاتو ناهي، ان ڪري آزاد حالت ۾ به ملي ٿو. هيءُ ڌاتو انسان جي ابتدائي دؤر ۾ به استعمال هيٺ رهيو آهي. گهڻو ٽامو سلفائيڊ، ڪچي ڌاتوءَ مان حاصل ڪيو ويندو آهي. ٽامو قدرتي طور تي ڳاڙهاڻ مائل پيلي رنگ جو هوندو آهي. انهيءَ کي آسانيءَ سان موڙي ۽ اِنگهائي سگهجي ٿو. انهيءَ ڪري هن ڌاتو مان تارون، پائيپ ۽ چادرون ٺاهي سگهجن ٿيون. طبي لحاظ کان هيءُ ڌاتو نهايت مفيد آهي. اِهو چرند وار ۽ وارن جي کُسجڻ جي صورت ۾ به استعمال ڪرائيندا آهن.
ٽامي جي ڌاتوگري (Extraction ):ٽامي جي ڪچ ڌاتوءَ مان ٽامون حاصل ڪرڻ لاءِ هيٺين مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو:
(1) گھاٽو ڪرڻ (Concerntration)،(2) پچائڻ (Roasting)،(3)رجائڻ (Melting) (4) تخفيف (Reduction)، (5) برقي ڇيد ذريعي صاف ڪرڻ (Electrolysis).
ٽامو گھڻو ڪري سلفائيڊ ڪچ ڌاتوءَ مان حاصل ڪيو ويندو آهي. هي ڪچ ڌاتو صرف 0.5 کا ن 5 في سيڪڙو تائين ٽامو ڏي ٿو. هن کي سنهو ڪري گھاٽو ڪيو ويندو آهي، انهي کانپوءِ ڪچ ڌاتوءَ کي گجي پيدا ڪندڙ (Froth Floatation)ڪيميائي مرڪبن سان پاڻي ۽ تيل ملائي ملاوت ٺاهيو وڃي ٿي. انهي لاءِ پائن آئل (Pine-oil) يا ڪروئيوزوٽ (Creosote-oil) استعمال ڪيا وڃن ٿا. ان کان پوءِ انهي ملاوت مان هوا گذاري وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ گجي پيدا ٿي مٿاڇري تي ترڻ لڳي ٿي. ڪچڌاتو جي ذرڙن تي تيل لڳي وڃي ٿو، انهي ڪري مٿاڇري تي ترڻ لڳندا آهن، انهي مقابلي ۾ ملاوتي مادا تيل سان ڪابه رغبت نه ٿا رکن، پاڻيءَ ۾ ٻڏي هيٺ تري ۾ وڃي جمع ٿين ٿا. اهڙي طرح خالص ڪچڌاتو کي پاڻي جي مٿاڇري تي گجيءَ جي صورت ۾ جمع ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ملاوتي مادا (Guange) تري مان جدا ڪيا وڃن ٿا.
انهيءَ کان پوءِ گھاٽي ڪچڌاتو کي بٺيءَ ۾ ڀُڃيو وڃي ٿو. انهي عمل ۾ تمام گھڻي گرمي پد جي ڪري سلفر ۽ آرسينڪ کي آڪسائيڊ ذريعي خارج ڪيو وڃي ٿو. ان عمل جو فارمولو هي آهي:
4CuFeS2(S) + 5O2(g) 2Cu2S(l) +2Feo(s)+2FeS(S)+4SO2(g)
ڀُڃيل ڪچڌاتو کي واريءَ سان ملائي تمام گھڻو گرم ڪيو وڃي ٿو. ائين ڪرڻ سان سڀ شيون رجي وڃن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

ڌاتو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻنگار
بير
ٽامو
ٽنگسٽن
ٽيٽانيم
ٽين
ٿوليم
جست
پتل
چاندي (Silver)
ڌاتو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون