داخلا ؛ 5351
پڙهيو ويو ؛ 384
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-02-11


تصويرون


JAMSHED-TATA.gif
ٽاٽا جمشيد
ٽاٽا جمشيد



ٽائيم لائين

1839.00.00-A.D
جمشيد ٽاٽا گجرات هندوستان جي ڏاکڻي ڳوٺ نوساري ۾ 1839ع ۾ پيدا ٿيو

1904.00.00-A.D
جمشيد نسروانجي 1904ع ۾ وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--ٽاٽا جمشيد

ٽائيٽل ؛ ٽاٽا جمشيد


شاخ : شخصيت

ٽاٽا، جمشيد: جمشيد ٽاٽا، گجرات هندوستان جي ڏاکڻي ڳوٺ نوساري (Navasari) ۾ 1839ع ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو نسروانجي ۽ ماءُ جو نالو جيون -ٻائي- هو. نسروانجي ٽاٽا جو -پارسي- ٻاون واري -آڪهه- سان تعلق هو. جيڪي -آتش پرست- -پارسي- هئا. نسروانجي پنهنجي خاندان ۾ پهريون ماڻهو هو، جيڪو واپار خاطر ڳوٺان لڏي ممبئي آيو. 14 سالن جي عمر ۾ جمشيد کي مشهور ڪاليج ايلفنسٽن ۾ داخل ڪيو ويو. جتان 1858ع ۾ ڊگري وٺي پيءُ جو ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. جمشيد پنهنجي وطن جي ترقيءَ لاءِ وڏي محنت ڪئي. سندس ڪيتريون ئي فيڪٽريون جمشيد پور ۾ جنهن کي ”ٽاٽا نگر“ به چون ٿا. جمشيد ٽاٽا اهو ماڻهو آهي جنهن ٽاٽا ڪمپني شروع ڪئي. جنهن جون لاريون ۽ ٽرڪون -انڊيا- کان ايران، ملائيشيا، عرب ملڪن، سينگاپور، -انڊونيشيا- ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن کي برآمد ڪيون وڃن ٿيون. -ان- کان علاوه ٽاٽا ڪمپني چانهه، لوهه جون شيون، ڪپڙي ۽ اليڪٽران جي سامان ٺاهڻ کان مشهور آهي. ٽاٽا ڪمپني جا ايڏا ته ڪارخانا آهن جو -بهار- صوبي جي جھارکنڊ رياست جو هڪ شهر جمشيد پور سڏجي ٿو. جمشيد جي ڳوٺن ۾ ڪارخانا ۽ فيڪٽريون لڳائڻ سان نه فقط هزارين نوڪريون مهيا ڪيون، پر هن ٻين ڪارخانيدارن ۽ واپارين لاءِ پڻ راهه هموار ڪئي. هن جو وڏو ڪارنامو -تاج محل- پئلس نالي هوٽل قائم ڪرڻ هو. هن هوٽل کان اڳ واٽسن اهڙي قسم جي وڏي هوٽل ليکبي هئي. جنهن ۾ مقامي هندوستاني ماڻهن جي داخلا -بند- ٿيل هئي. -تاج محل- پئلس هوٽل 1903ع ۾ جڙي راس ٿي. -ان- وقت جي حساب موجب هن هوٽل تي 42 ڪروڙ روپيا خرچ ٿيو. هن هوٽل ۾ 42 سوٽس ۽ 12 ڪمرا اهڙا آهن -جن- ۾ 25 کان 500 ماڻهن جي ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جو بندو بست ٿي سگھي ٿو. جڏهن ته 565 رهائشي ڪمرا الڳ آهن. -ان- کان سواءِ به ٽاٽا وارن جو هندوستان ۽ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ هوٽلن جو ڪاروبار آهي. -انڊيا- ۽ ٻين ملڪن ۾ 80 هوٽلون، 7 محلات، 6 ذاتي ٻيٽ ۽ 12 تفريحي جايون (Restorts) آهن. جمشيد نسروانجي 1904ع ۾ وفات ڪري ويو. حالانڪه پاڻ ڪاروباري ماڻهو هو. پر هن جي دوستي لالا -ڀائي- نوروجي ۽ فيروز شاهه مهتاب جھڙن قوم پرستن سان هئي. هن وقت سندس ڪاروبار سندس پونئير سنڀالي رهيا آهن .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٽاٽا جمشيد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٽاٽا جمشيد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن