داخلا نمبر 5683
عنوان ٽراٽسڪي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 224 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

ٽراٽسڪي

ٽراٽسڪي (1940-1879 ):ٽراٽسڪيءَ جو پورو نالو ليو ڊيوڊ ووچ برانسٽين ٽراٽسڪي هو. هُو هڪ خوشحال هاريءَ جو پٽ هو، پڙهائيءَ دوران اسڪول ۾ هوشيار شاگرد ليکيو ويندو هو. 17 سالن جي ڄمار ۾ هڪ مارڪسي گروپ ۾ شامل ٿيو. ٻن سالن بعد هو پهريون دفعو گرفتار ٿيو. هو ٽراٽسڪي جي نالي سان پنهنجي هڪڙي جيلر جا نقلي ڪاغذ تيار ڪري 1902ع ۾ سائيبيريا جي جلاوطنيءَ مان ڀڄي نڪتو ۽ لنڊن هليو ويو، جتي هن انقلابي اخبار ”اسڪرا“ شايع ڪرائڻ ۾ لينن جو هٿ ونڊايو.
ٽراٽسڪي 1905ع ۾ روس موٽيو. هن سينٽ پيٽرسبرگ سوويت جي چيئرمئن جي حيثيت ۾ انهي سال واري انقلاب ۾ حصو ورتو. اُن انقلاب جي ڪري زار جي حڪومت مجبور ٿي عوام کي ڪجھه رعايتون ڏنيون. ٽراٽسڪي انهن سوشل ڊيموڪريٽن مان هو، جن انقلابي هڙتال کي جاري رکڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن سوويتن کي چيڀاٽيو ويو، تڏهن هن کي به گرفتار ڪيو ويو. هو ٻئي ڀيري به سائيبيريا جي جلاوطنيءَ مان ڀڄي نڪتو ۽ 1907ع کان 1914ع تائين صحافي ٿي ويانا ۾ ڪم ڪيائين. پهرين مهاڀاري لڙائي ڇڙڻ وقت هو هڪ سرگرم انقلابيءَ جي حيثيت ۾ پهرين پيرس ۽ پوءِ نيويارڪ ۾ وڃي ٽڪيو. فبروري 1917ع ۾ انقلاب وسيلي زار جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ کانپوءِ هو پيٽروگراڊ موٽي آيو. اُن سال آڪٽوبر ۾ بالشويڪن جيڪا فوجي بغاوت ڪئي، ٽراٽسڪي اُن جي مکيه اڳواڻن مان هو.
انقلاب کان پوءِ ٽراٽسڪي، پرڏيهي معاملن جو ڪميسار (اعليٰ آفيسر ) مقرر ٿيو. هن کي 1918ع ۾ بريسٽ لٽووسڪ سبب ٺاهه ڪرڻ لاءِ جرمنيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو. اُن معاهدي سبب سوويت روس پهرين مهاڀاري لڙائيءَ تان هٿ کڻي ويو ۽ جرمنيءَ کي امن جي قيمت طور پنهنجا وسيع علائقا ڏيڻا پيا.
انقلاب کان پوءِ وائيٽس (اڇن) گھرو لڙائي ڇيڙي ڇڏي ۽ مغربي ملڪن فوجي مداخلت ڪئي. ٽراٽسڪيءَ تي، ٻنهي سان منهن ڏيڻ جو ڪم رکيو ويو. هن زار جي رهيل فوج ۽ ٻين ڇڙوڇڙ ماڻهن کي گڏي سرخ فوج ٺاهي ۽ ان کي اهڙي ته ويڙهاڪ فوج بنائي ڇڏيائين، جو انهن انقلاب کي بچائي ورتو.
پر انقلاب کي اندروني طور سخت خطري سان منهن ڏيڻو پيو. مارچ 1921ع ۾ هارين مان نون ڀرتي ٿيل خلاصين، لينن گراڊ ڀرسان ڪرونستادت واري سامونڊي اڏي تي بالشويڪن جي اقتدار تي هڪ هٽيءَ خلاف احتجاج ۽ بغاوت ڪئي. ٽراٽسڪيءَ برف جي هن پار هڪدم حملي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن ڪري خلاصين کي برف صاف ڪرڻ ۾ ڏهه ڏينهن لڳي ويا.
ٽراٽسڪي، گھرو ويڙهه دوران لينن کان پوءِ پارٽيءَ جي سڀ کان وڏي شخصيت ليکيو ويندو هو، پر هن ۽ اسٽالن ۾ ڏينهون ڏينهن شڪ ۽ اختلافات وڌڻ لڳا. اسٽالن جيتوڻيڪ ثانوي حيثيت جو مالڪ هو، پر هو به اهم شخصيت ليکيو ويندو هو. ٻنهي ۾ بي اعتمادي وڌڻ ڪري ٽراٽسڪيءَ جي حيثيت ڌڪجڻ لڳي. اُن کان پوءِ سندس لينن سان ٽڪر ٿيو. اسٽالن کي پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ٿاڦيو ويو. لينن 1924ع ۾ وفات ڪئي ته اسٽالن، ٽراٽسڪيءَ کي سندس جانشين ٿيڻ نه ڏنو. ٻنهي جي مخالفت نظرياتي دشمنيءَ جو روپ ورتو ۽ اُن ڳالهه تي سخت بحث ٿيڻ لڳا ته انقلاب کي روس تائين محدود رکجي يا سڄيءَ دنيا ۾ انقلاب آڻڻ جو پرچار ڪجي. اسٽالن انقلاب کي روس تائين محدود رکڻ پئي چاهيو، جڏهن ته ٽراٽسڪي سڄيءَ دنيا ۾ انقلاب پکيڙڻ تي زور ڏنو. نيٺ اسٽالن جو پارٽيءَ جي تنظيم تي قبضو ٿي ويو. ٽراٽسڪي کي ڪميسار واري عهدي تان لاٿو ويو ۽ کيس پولٽ بيورو مان نيڪالي ڏني وئي. 1925ع ۾ کيس پارٽيءَ مان به ڪڍيو ويو. آخرڪار کيس 1929ع ۾ يو. ايس. ايس. آر مان به جلاوطن ڪيو ويو. هو پهريائين ترڪي، پوءِ فرانس ۽ انهي کان پوءِ 1935ع ڌاري ناروي ۾ وڃي رهيو. پر اسٽالن ناروي جي حڪومت تي، کيس ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ دٻاءُ وڌو، جنهنڪري هو 1937ع کان وڃي ميڪسيڪو ۾ رهيو.
پنهنجي جلاوطنيءَ دوران ٽراٽسڪيءَ ڏاڍي ذهانت سان اسٽالن تي سخت ٽيڪا ٽپڻي ڪندو رهيو. انهيءَ جي جواب ۾ اسٽالن اهو هُلايو ته ٽراٽسڪيءَ جا حامي انقلاب خلاف سازشون ڪري رهيا آهن. انهيءَ شڪ جي بنياد تي اسٽالن هزارين ماڻهو مارائي ڇڏيا ۽ 1936ع، 1937ع ۽ 1938ع ۾ نمائشي مقدمن جو سلسلو جاري رکيائين. اهي مقدما، لينن جي دوستن ۽ 1917ع واري بالشويڪ انقلاب جي اڳواڻن تي هلايا ويا. اهي اڳواڻ پارٽيءَ اندر مانائتا اڳواڻ ليکبا هئا. ڪيس هلندي گھڻو ڪري انهن اڳواڻن ترتيبوار غداري ۽ تخريب ڪاريءَ جو ”ڏوهه“ قبول ڪيو. خود ٽراٽسڪيءَ کي به مئي 1940ع ۾ ميڪسيڪو شهر اندر هڪ برف ڪٽيندڙ ڪهاڙيءَ سان قتل ڪيو ويو.
ٽراٽسڪيءَ ۽ لينن جي لکڻين گڏجي مارڪس جي انقلابي حڪمت عمليءَ واري فلسفي کي ڏاڍي ذهانت سان نئون روپ ڏنو. مارڪس جو نظريو صنعتي سماج ۾ انقلاب آڻڻ جو هو پر انهن ٻنهي گڏجي انهن کي زار واري روس جھڙي پٺتي پيل زرعي ملڪ ۾ انقلاب آڻڻ جو فلسفو بڻائي ڇڏيو. مئنشويڪن ۽ بالشويڪون ۾ جيڪي ڊگھا بحث مباحثا ٿيندا هئا. تن ۾ ٽراٽسڪي جيتوڻيڪ ڪڏهن به پوريءَ طرح انهيءَ ڳالهه جو اظهار نه ڪيو هو. پر کيس صاف نظر اچي رهيو هو ته لينن آمراڻي پارٽيءَ جو جيڪو نظريو ڏنو هو، اُن جو نتيجو آمريت جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندو.
ٽراٽسڪيءَ جي ڪتابن ۾ ”روسي انقلاب جي تاريخ“، ”اسٽالن جي سوانح عمري“ ۽ ” دائمي انقلاب“ شامل آهن. پهريون ڪتاب هن صديءَ جو عظيم ڪم سمجھيو وڃي ٿو .ٻيو ڪتاب ڏاڍي ذهانت سان لکيل آهي ۽ ٽئين ڪتاب ۾ ٻڌايل آهي ته مارڪسي ”دائمي انقلاب“ اهو آهي، جيڪو ”طبقاتي حڪومت جي ڪنهن به سرشتي سان ڪوبه ٺاهه ناهي ڪندو.۽ اهو انقلاب تڏهن پورو ٿيندو، جڏهن سمورو طبقاتي سماج مڪمل طور ڊهي پوندو.“ ٽراٽسڪيءَ جا اهڙا فقرا ۽ ”بلوي ڪرڻ جي فن“ تي لکيل سندس نوٽ، انقلابي نظريو رکندڙن ۾ کيس سڀ کان وڌيڪ اثرائتو نظريي دان بنائين ٿا. ٽراٽسڪيءَ جا عقيدا سڄيءَ دنيا جي سوشلسٽن کي اڄ ڏينهن تائين اُتساهه ڏيارين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1879.00.00  عيسوي

ٽراٽسڪيءَ 1879ع ۾ پيدا ٿيو


1940.05.00  عيسوي

ٽراٽسڪي کي مئي 1940ع ۾ ميڪسيڪو شهر اندر هڪ برف ڪٽيندڙ ڪهاڙيءَ سان قتل ڪيو ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون