داخلا ؛ 6944
پڙهيو ويو ؛ 269
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-06-17


تصويرون


Dr-Tilumal-Dherwani.gif
ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻي
ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻي



ٽائيم لائين

1899.03.01-A.D
ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻي تاريخ 1 مارچ 1899ع تي سن شهر ۾ ٽيڪچند ڌيرواڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو

1961.04.16-A.D
ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻي 16 اپريل 1961ع تي لاڏاڻو ڪري ويو




sindhianaسنڌيانا--ٽلو مل ڌيرواڻي ڊاڪٽر

ٽائيٽل ؛ ٽلو مل ڌيرواڻي ڊاڪٽر


شاخ : شخصيت

ٽلو مل ڌيرواڻي، ڊاڪٽر: سنڌ جو مثالي خادم، بهترين ڊاڪٽر، ’وطن جو خدمتگار‘ ۽ عوامي هلچل جو باني، ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻي -تاريخ- 1 مارچ 1899ع تي سن شهر (اڳوڻي ضلعي دادوءَ) ۾ ٽيڪچند ڌيرواڻيءَ جي گهر ۾ -جنم- ورتو. سندس والد هڪ غريب واپاري هو. -ٽلو- مل ننڍپڻ کان ئي ذهين هو. سندس ذهانت جي ڪري -استاد- کيس ”شاگرد- اُستاد“ (Pupil Teacher) سڏيندا هئا. هو پڙهڻ سان گڏ ٻين شاگردن ي به پڙهائيندو هو. -ان- ڪري کيس مختصر پگهار به ملندو هو. -ان- ڪري ننڍپڻ ۾ ئي -تعليم- جو بوجهه مائٽن تي نه وڌائين. هن جوانيءَ واري دور ۾ سنڌ ورڪين واپارين سان گڏ جاوا، سماترا ۽ سينگار وڃي واپار ڪيو ۾ ڪافي پئسو ڪمايو. هن ڊاڪٽري ڪرڻ سان گڏ صابڻ جو ڪارخانو هلايو. ٺيڪيداري ۽ انشورنس مان به ڪافي ڪمايو. ڊاڪٽر صاحب کي ننڍيءَ ڄمار کان ئي وطن جي آزاديءَ واري هر تحريڪ ۾ پرجوش حصو وٺندو رهيو. مهاڀاري -جنگ- ۽ حر تحريڪ دوران ريل گاڏيون ڏينهن جو هلايون وينديون هيون. ڊاڪٽرصاحب سدائين ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪندو هو. هڪ ڀيري گهڻي رش ۽ گرميءَ جو تاب نه جهلي، هڪ مسافر اُن گاڏيءَ ۾ بيهوش ٿي ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب چڙهيل هو. سندس دل هي انڌير سهي نه سگهي. ريلوي وارن کي سڌو ڪرڻ لاءِ هن گاڏيءَ جي زنجير کي ڇڪيو ته گاڏي بيهي رهي. ريلوي وارن کانئس سبب پڇيو ته ڊاڪٽرصاحب بيهوش ٿيل ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪري کين رش گهٽائڻ لاءِ چيو، پر ريلوي وارن ائين نه ڪيو. گاڏي هلڻ لڳي ته هن وري زنجير کي ڇڪيو. انهيءَ موقعي تي ساڻس ٻيا به ڪيترا ماڻهو شامل ٿي ويا. نيٺ ريلوي وارن مجبور ٿي ڪراچيءَ کان نڪرڻ وقت ٻه نوان گاڏا لڳائي رش کي گهٽايو. گاڏي جڏهن صدر -اسٽيشن- تي آئي، ته ڊاڪٽرصاحب اتي لهي پيو ۽ وري اچي سٽي -اسٽيشن- -تان- نئين سر ٻيءَ گاڏيءَ ۾ چڙهيو، -ان- سان به ساڳي ڪار هئي. آخرڪار -ان- گاڏيءَ ۾ به وڌيڪ گاڏا لڳايا ويا، پر ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري ويهاري ڇڏيائون. انهيءَ مثال کان متاثر ٿي، ڪيترا نوجوان اهڙيون ڪارروايون ڪرڻ لڳا. ڊاڪٽر صاحب جيل مان آزاد ٿي اچي باقاعدي ”وطن خدمتگار“ جي نالي سان هڪ تنظيم جوڙي. انهيءَ جماعت جا رضاڪار گاڏين ۾ صلح سان سفر ڪرڻ تي ليڪچر ڏيندا هئا. مسافرن جي هر قسم جي تڪليف ۽ شڪايت جو تدارڪ ڪندا هئا؛ خود گاڏين ۾ صفائي به ڪندا هئا ۽ ماڻهن ۾ مفت دوائون به تقسيم ڪندا هئا. هن تحريڪ ايڏو ته زور ورتو، جو نيٺ ريلوي وارا به ساڻن تعاون ڪرڻ لڳا. رضاڪارن وٽ پيتيون هونديون هيون، -جن- ۾ ماڻهن ايتري ته رقم وڌي، جو انهن پئسن مان ڪراچيءَ ۾ پهرين ”وطن خدمتگار“ اسپتال قائم ٿي، -جتي- مفت ۾ علاج ڪيو ويندو هو. اتي پيتيون ٽنگيل هونديون هيون. ماڻهن انهن پيتين ۾ تمام گهڻا پئسا وڌا ۽ گاڏين ۾ دوائون ورهائيندڙ ۽ صفائي وغيره ڪندڙ جوان سڄيءَ سنڌ ۾ اڪيچار نڪري پيا. هن پوءِ اهڙيون پنج ٻيون اسپتالون به ٺهرايون، جيڪي ٺٽائي ڪمپائونڊ، -ابراهيم حيدري-، فريئر روڊ، لياري گانڌي نگر ۽ کاريدر ۾ هيون. -پاڪستان- ٺهڻ وقت ڊاڪٽر صاحب ڪراچيءَ جي لالوکيت علائقي ۾ هڪ وسيع ايراضي خريد ڪري ٽي. بي جي علاج لاءِ هڪ وڏي اسپتال ٺهرائي، جنهن جي پيڙهه جو -پٿر- سائين جي. ايم. سيد رکيو. ڌيرواڻي صاحب اسپتال ٺهرائي رهيو هو ته ڪن شرپسندن ڦري لٽي سندس اسپتال تي به قبضو ڪري ورتو. هن ڪراچي ۾ صاف ماحول ۽ رهائش لاءِ ڌيرواني نگر جو بنياد رکيو. هندستان مان آيل پناهگيرن سندس گهر ۽ اسپتال تي حمليو ڪيو، جنهن ۾ هن جا گهر ڀاتي به زخمي ٿيا، پر ڊاڪٽر صاحب ڌيرج ۾ رهيو. ڊاڪٽر صاحب کي 13 سيپٽمبر 1947ع تي پوليس چڙهائي ڪري مٿس شڪارپور ڪالونيءَ ۾ ڦاٽل -بم- ڪيس مڙهيو ويو، جنهن ۾ ٻيا به ڪيترا هندو ٻڌا ويا. ڏيڍ سال بعد ٻيا سڀ جوابدار قيدين جي مٽاسٽا ۾ ڀارت هليا ويا، پر ڊاڪٽر ٽلومل وطن ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن آزاد ٿيو ته سندس باقي جائداد ۽ جايون جڳهون به نه رهيون. اسپتالن وغيره تي قبضا ٿي چڪا هئا. ڊاڪٽرصاحب وري به مستقل مزاجيءَ سان پنهنجي ڳوٺ ”سن“ ۽ حيدرآباد ۾ اچي اسپتالون قائم ڪيون. سندس مددگار سائين جي. ايم. سيد به نظربند ٿي ويو. هن ”-انسان-“ -اخبار- به -جاري- ڪئي، پر هٿ -تنگ- هئڻ سبب جلد -بند- ٿي وئي. -ايوب خان- جي دور ۾ جڏهن بنيادي -جمهوريت- (Basic Democracy) وارو قانون آيو ته سن يونين ڪميٽيءَ کي اباڻي جڳهه دان ڪيائين. ڪميٽيءَ -ان- زمين تي آفيس، مارڪيٽ ۽ لائبرري قائم ڪري -ان- تي سندس نالو رکيو. اسپتال کوليائين ته سرڪاري اسپتال ويران رهڻ لڳي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي اسپتال ۾ مريضن جا ميڙا هوندا هئا. اها حالت ڏسي هڪ طرف صحت کاتي وارا ۽ ٻئي طرف پوليس وارا اچي ڊاڪٽر صاحب تي ڏمريا ۽ هڪڙي ڏينهن اسپتال تي چڙهائي ڪري، اسپتال جون سموريون دوائون ٻهاري ويا. بعد ۾ ڊاڪٽر صاحب تي ٻه ڪيس داخل ٿيا، جيڪي ڪجهه وقت کان پوءِ ختم ٿيا، پر هن بهترين ڊاڪٽر ۽ سنڌ جي خدمتگار هڪ ڏينهن هلندڙ گاڏيءَ ۾ 16 -اپريل- 1961ع تي کلندي ڳالهائيندي دم ڏنو ۽ پنهنجن هزارن مداحن کي جدائيءَ جو داغ ڏئي روانو ٿي ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٽلو مل ڌيرواڻي ڊاڪٽر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٽلو مل ڌيرواڻي ڊاڪٽر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن