داخلا نمبر 5984
عنوان ٽنڊو آغا
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 260 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٽنڊو آغا

ٽنڊو آغا: آغا اسماعيل شاهه ابن آغا براهيم شاهه ابن سيد عبدالهادي شاهه اصل اصفهان جو ويٺل هو، جتان سال 1150هه/ 1737ع ۾ لڏي هندوستان آيو ۽ مدراس جي هڪ راجا جو خاص شاهي حڪيم ٿي رهيو. ان وقت سنڌ جو حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو هو، جنهن جي ان راجا سان دوستي هوندي هئي. ان جي چوڻ تي راجا، آغا سيد عبدالهادي کي ميان نور محمد ڏي موڪليو، جتي ميان ان جي تمام گھڻي تعظيم ڪئي. راجا جلدي مري ويو ۽ آغا عبدالهادي سنڌ ۾ رهجي ويو. سال 1193هه/1779ع ۾ آغا عبدالهادي وفات ڪئي. ان کانپوءِ ان جو پٽ آغا ابراهيم شاهه به پنهنجي پيءَ جي جاءِ تي ڪلهوڙن وٽ ساڳي عزت سان سرفراز ڪيو ويو ۽ هو ڪلهوڙن جي طرفان خراسان ۽ ڪابل ۾ وڪيل ٿي ويندو هو. ڪلهوڙن شڪست کانپوءِ ٽالپر سنڌ جا حاڪم ٿيا ته آغا ابراهيم کي ساڳي عزت ملي ۽ سنڌ فتح ڪرڻ ۾ هن مير فتح علي خان کي گھڻي مدد ڏني هئي. ان جي وفات کان پوءِ آغا اسماعيل شاهه به ٽالپرن وٽ وڏو رتبو حاصل ڪيو. حيدرآباد جي اڀرندي طرف ڦليلي جي ڪناري تي آغا اسماعيل شاهه اچي آباد ٿيو، جنهن بعد ان پاڙي کي ٽنڊو آغا جو نالو ڏنو ويو، ٽنڊي آغا ۾ آغا اسماعيل کان پوءِ خيرپور جا مرزا پڻ مير حسن علي خان ٽالپر جي چوڻ تي آباد ٿيا. ٽنڊي آغا ۾ آغائي سيدن ۽ مرزائن جي آباد ٿيڻ بعد گهڻو پوءِ ٻين ذاتين جا ماڻهو به هتي اچي آباد ٿيا، جن ۾ سيد، ڏاهري، سيال ۽ مستري شامل آهن. هتي جي آبادي اڄ هزارن ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو