داخلا ؛ 6008
پڙهيو ويو ؛ 539
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2013-04-08


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--ٽنڊو رحيم خان

ٽائيٽل ؛ ٽنڊو رحيم خان


شاخ : ڳوٺ

ٽنڊو رحيم خان: -ٽنڊو رحيم خان- سنڌ جي سرحد تي هڪ ڳوٺ ۽ تعلقي جوهيءَ، ضلعي دادوءَ ۾ پوليس جو هڪ اهم -ٿاڻو- آهي. هن ٿاڻي جي اهميت -ان- ڪري به آهي، جو هيءُ ٿاڻو، -بلوچستان- صوبي جي ’ساروڻا ماٿريءَ‘ واري ضلعي ”جهالاوان“ جي مکيه رستي تي آهي. هن ڳوٺ جي ڀر ۾ ٻه پراڻا ماڳ آهن، جيڪي انگائي نئن جي ڪڙ تي، غازي شاهه کان هڪ ميل -اتر- ڏِس تي آهن. ڳوٺ کان ڏکڻ -اوڀر- طرف هڪ دڙو آهي، جنهن جي اوچائي 10 فوٽ آهي. -ان- جي هڪ حصي تي مسلمانن جون قبرون آهن، باقي بچيل جاءِ، چٽيل ٺڪرين ۽ پٿرن سان چٽڪمري لڳي پئي آهي. هي دڙو غازي شاهه کان ٽنڊي رحيم خان ويندڙ رستي تي موجود آهي. هن ماڳ جي کوٽائيءَ مان پٿرن مان ٺاهيل ڀتين جا ٽڪرا، ٽوٽا، چٽيل ٺڪريون، پٿرن جي اوزارن جا پاساڙا، مٽيءَ جون ڀڳل چوڙيون، -پٿر- جو وڏو ڇلو، -ٺڪر- جو ڀڳل ٿانءُ، جنهن جي اوچائي 13 -انچ- آهي، مليا آهن. ٽنڊي رحيم خان جا ٿانوَ، ڄاتل سڃاتل ٻه رنگي ورن سان آهن، -جن- جا پاسا سڌا آهن؛ رنگ ڦڪو اٿن. مٿن هلڪي ڳاڙهي يا ڀوري رنگ جو پٽو، مٿان ڪاري يا ميٽائين رنگ جي چٽسالي ٿيل آهي، ڪيترن ٿانون -تان- اهو رنگ لهي ويو آهي. چٽ جو نمونو اهو آهي، جيڪو ٻين هنڌن تي به ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيئن: ليڪُن سان هار جي طرز، جافريءَ جي ڄاريءَ سان يا رنگ سان ڀريل ڏيڏريون، چوڪڙيون، ڪونجون يا ڪرنگهيون، ڀريل ڇٻڙيون، -جن- جون ڪنڊون هيٺ جهڪيل آهن ۽ ماڪوڙا يا نانگ وَرَ ليڪون وغيره. سڀ کان دلچسپ هڪ گهڻ لِيڪي مانڌاڻي چٽ آهي، جنهن جي وچ تي ڇلو آهي. هن قسم جو وارن وارو چٽ -بلوچستان- جي ماڳن -تان- عام -جام- مليو آهي، پر ڳاڙهي مٿان ڪاري چٽساليءَ واري ٿانوَ تي اهڙو چٽ غازي شاهه جي بلڪل هيٺئين تهه مان لڌو آهي. اهم ڳالهه اِها آهي ته هتان سنڌوسڀيتا سان لاڳاپيل -ٺڪر- جو هڪ به ٿانءُ ڪونه لڌو ۽ نه وري ڪا اهڙي شيءِ لڌي آهي، جنهن جو موهن جي دڙي جي -ثقافت- سان واسطو هجي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ڇا اوهان وٽ -ٽنڊو رحيم خان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

ٽنڊو رحيم خان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ڳوٺ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بالاڪوٽ
بالي شاهه
ٻاٻوري (ڳوٺ)
آتڻاه موري
ٻاٺو (ڳوٺ)
بڇيري
بختيارپور
ٻاراچ (ڳوٺ)
ٻاروچو باغ
ٻاٻري
ٻٻري
ٻڌڪ
بدڪ (ڳوٺ)
ٻڍل فقير (ڳوٺ)
ٻلهڻ (ڳوٺ)
ٻنڊي
ٻورجي (ڳوٺ)
ٻورڙي
ٻولھاڙي (ڳوٺ)
ٻهارا
ٻيٽو جتوئي
اسلام آباد 2
اسلام پور
ٻيلو پتڻ
اڪرو
اگهاماڻي تڙ-بندر
بڊو (ڳوٺ)
برهماڻي (ڳوٺ)
امروٽ شريف
اپلاڻ
آراضي
بقادار شاهه (ڳوٺ)
بڪيرا (ڳوٺ)
بڪيرا شريف
بکو لاشاري
بگا
آمريو
بيگن جروار
بهرام هاٿيان
بهڻ2
آڪري
آڪلو
بوبڪ
بوهري2
بوهي جا قبا2
بهار ڪالوني2
ٻلهڙيجي
اڪتڙ عاربي ڳوٺ
تڪيو محمد پناهه
تلي 3
ڀالِوا
ڀاڻوٺ
ڀاوند لاکا
ڀٽا 2
ٺٽي
ٺٽي2
ٺري
ڀَرچُونڊي
ٺوڙهي3
ٺوڙهي بجار
ٺوڙهي بجار ۽ ٺوڙهي سهراب
تڙ خواجا
ڀنگر آچا2
ڀنگر آچا3
ٽپال
ڀوتڙا
ڀورٽي2
ڀولا ڪلهوڙا1
ڀَيرو2
ٽلٽي
ٽنڊو
ٽنڊو بهاول
ٽنڊو رحيم خان
ٽنڊو سائينداد
ٽنڊو ڪولاچي
ٽنڊو گامون
ٽنڊو گوندل
ٽنڊو مٺا خان
تونگ 3
تونگ شريف
تاجپور
تاراهه ڳوٺ
ٿرڙي جادو شھيد
ٿنگھئو
پير جو ڳوٺ
پير ذاڪري
پاٽويون
جلب ديرو
جائيه
پاسو
پانڌي جي ٽڪري
پانڌي واھي
پتڻ ناصراڻي
جنجهه
جنهاڻ 2
جنهاڻ سومرو


.....ڳوٺ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن