داخلا نمبر 6029
عنوان ٽنڊو ڪولاچي
شاخ ڳوٺ
پڙهيو ويو 231 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٽنڊو ڪولاچي

ٽنڊو ڪولاچي: هيءُ ڳوٺ ضلعي ميرپورخاص، تعلقي ڊگهڙيءَ جي ديهه نمبر ”342“ ۾ آباد آهي. جنهن جي آبادي 4000 ماڻهن تي مشتمل آهي. هتي جا ماڻهو 75 سيڪڙو پڙهيل آهن. هتي واٽرسپلاءِ اسڪيم، روڊ، هاير سيڪنڊري اسڪول، اسپتال، ٽيليفون ايڪسچينج ۽ پوسٽ آفيس وغيره آهن. هتي گهڻي آبادي ڪولاچي قبيلي جي آهي، مشهور سماجي ورڪر ڊاڪٽر حسين بخش ڪولاچي هتان جو رهاڪو آهي، جنهن جو هن ڳوٺ جي سجاڳيءَ ۽ ترقيءَ ۾ وڏو هٿ آهي. هتي کوسا، ڪنڀر، ميگهواڙ، ڪولهي ۽ ڀيل ذاتيون به آباد آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو