داخلا نمبر 6030
عنوان ٽنڊو گامون
شاخ ڳوٺ
پڙهيو ويو 205 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٻيو

ٽنڊو گامون

ٽنڊو گامون: هن ٽنڊي لاءِ روايت آهي ته ميرن جي حڪومتي دؤر ۾ گامون واڻيي نالي هڪ شخص پنهنجي نالي تي هڪ ڳوٺ ”ٽنڊو گامون“ جوڙايو، جيڪو هينئر تائين سندس نالي پويان سڏبو اچي. ٽنڊو گامون بدين کان اوڀر طرف 6 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٽنڊي باگي روڊ تي واقع آهي. هن وقت هتي ميمڻ ۽ جوڻيجا ذات جا ماڻهو آباد آهن.


لفظ ٽنڊو گامون هيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آهي
ٽنڊو گامون
هن صفحي کي شيئر ڪريو